Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 9 - Sindhi Bible

1 ۽ خدا نوح ۽ سندس پٽن کي برڪت ڏيئي چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ زمين کي ڀرپور ڪريو.

2 اوهان جو ڊپ ۽ اوهان جو خوف زمين جي سڀ ڪنهن جانور تي، هوا جي سڀ ڪنهن پکيءَ تي، ۽ جيڪي بہ زمين تي هلن ٿا، ۽ سمنڊ جي سڀني مڇين تي رهندو، اهي سڀئي مون اوهان جي تابع ڪيا آهن.

3 زمين تي هلندڙ سڀ ساهوارا اوهان جي خوراڪ لاءِ ٿيندا، اهي مون نباتات وانگر اوهان کي ڏنا آهن.

4 پر گوشت کي رت سوڌو نہ کائجو، ڇو تہ اهو هن جي جان آهي.

5 ۽ اوهان جي رت يعني ساهہ جو بدلو آءٌ ضرور وٺندس؛ هر ڪنهن جانور ۽ هر ڪنهن ماڻهوءَ کان انهيءَ جو بدلو وٺندس. ماڻهوءَ جي ساهہ جو بدلو سندس ڀاءُ کان وٺندس.

6 جيڪو ماڻهوءَ جو رت وهائيندو تنهن جو رت ماڻهوءَ جي هٿان وهايو ويندو، ڇالاءِ جو خدا انسان کي پنهنجيءَ صورت تي جوڙيو آهي.

7 اوهين وڌو ۽ ويجهو: زمين تي گهڻو اولاد پيدا ڪريو ۽ وڌندا وڃو.

8 ۽ خدا نوح ۽ سندس پٽن کي چيو تہ

9 ڏسو، آءٌ اوهان سان ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد سان؛

10 ۽ سڀني ساهوارن سان، جي اوهان سان گڏ آهن، توڙي پکي توڙي ڍور توڙي زمين جا سڀ جانور، يعني سڀئي ساهوارا جيڪي ٻيڙيءَ مان لٿا آهن، تن سڀني سان عهد ٿو ڪريان.

11 آءٌ اهو عهد اوهان سان قائم رکندس، تہ سڀئي ساهوارا وري پاڻيءَ جي طوفان ڪري برباد نہ ٿيندا؛ نڪي اڳتي سڄيءَ زمين کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ڪو پاڻيءَ جو طوفان ايندو.

12 ۽ خداوند چيو تہ اهو عهد، جيڪو آءٌ پنهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾، ۽ جيڪي ساهوارا اوهان سان گڏ آهن، تن جي وچ ۾ هميشہ جي لاءِ سڀني پيڙهين تائين ڪريان ٿو، تنهن جي نشاني هيءَ آهي:

13 تہ آءٌ پنهنجي ڪمانَ ڪڪرن ۾ ٿو رکان، اها منهنجي ۽ زمين جي وچ ۾ عهد جي نشاني ٿيندي.

14 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ زمين جي مٿان ڪو ڪڪر آڻيندس، تڏهن اها ڪمان ڪڪرن ۾ ڏسڻ ۾ ايندي.

15 ۽ آءٌ پنهنجو عهد، جو منهنجي ۽ اوهان جي، ۽ سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي، سو ياد ڪندس، ۽ سڀني ساهوارن کي برباد ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جو طوفان وري نہ ايندو.

16 ۽ ڪمان ڪڪرن ۾ رهندي؛ ۽ آءٌ انهيءَ تي نگاهہ ڪندس، تہ اهو عهد ياد ڪريان، جو خدا ۽ زمين جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ آهي.

17 سو خدا نوح کي چيو تہ اها انهيءَ عهد جي نشاني آهي، جو مون پنهنجي ۽ زمين جي سڀني ساهوارن جي وچ ۾ قائم ڪيو آهي.

18 نوح جا پٽ جيڪي ٻيڙيءَ مان نڪتا، سي سم، حام ۽ يافت هئا: ۽ حام ڪنعان جو پيءُ هو.

19 اهي ٽيئي نوح جا پٽ هئا: ۽ هنن مان ئي ساري زمين آباد ٿي ويئي.

20 پوءِ نوح پوک ڪرڻ لڳو ۽ هڪڙو ڊاک جو باغ لڳايائين:

21 ۽ انهيءَ جي مئي پيتائين، جنهن ڪري نشو چڙهي ويس: ۽ پنهنجي تنبوءَ ۾ وڃي اگهاڙو ٿيو.

22 ۽ ڪنعان جي پيءُ حام، پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڏسي، ٻاهر وڃي پنهنجن ٻين ڀائرن کي ٻڌايو.

23 تنهن تي سم ۽ يافت هڪڙي چادر پنهنجن ڪلهن تي کنئي ۽ پٺيرا وڃي پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڍڪيائون. انهن جا منهن اُبتا هئا، ۽ انهن پنهنجي پيءُ جي اوگهڙ ڪانہ ڏٺي.

24 جڏهن نوح نشي مان سجاڳ ٿيو، تڏهن جيڪي سندس ننڍي پٽ ساڻس ڪيو هو، تنهن جي خبر پيس.

25 تنهن تي چيائين تہ لعنت هجي ڪنعان تي، هو پنهنجي ڀائرن جي غلامن جو غلام ٿيندو.

26 ۽ چيائين تہ خداوند سم جو خدا سڳورو آهي؛ ڀلي تہ ڪنعان هن جو غلام ٿئي.

27 خدا يافت کي وڌائي، ۽ سم جي تنبن ۾ رهي، ۽ ڪنعان هن جو غلام ٿئي.

28 طوفان کان پوءِ نوح ساڍا ٽي سؤ ورهيہ جيئرو رهيو.

29 ۽ نوح جي سموري عمر ساڍا نو سؤ سال هئي، پوءِ هو مري ويو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan