Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 49 - Sindhi Bible

1 ۽ يعقوب پنهنجن پٽن کي سڏي چيو تہ اوهين اچي گڏ ٿيو تہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان تہ پوين ڏينهن ۾ اوهان سان ڇا ڇا ٿيندو.

2 اي يعقوب جو اولاد، اوهين اچي گڏ ٿيو ۽ ٻڌو، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي ڳالهہ ڏانهن ڪن ڏيو.

3 اي روبن تون منهنجو وڏو پٽ آهين، منهنجي زور ۽ منهنجيءَ طاقت جو منڍ آهين؛ تون وڏي درجي ۽ وڏي زور وارو آهين.

4 تون پاڻيءَ وانگر بي قرار آهين، تنهنڪري توکي وڏائي حاصل نہ ٿيندي؛ ڇالاءِ جو تون پنهنجي پيءُ جي هنڌ تي چڙهي وئين، ۽ تو انهيءَ کي پليت ڪيو: هو منهنجي هنڌ تي چڙهي ويو.

5 شمعون ۽ لاوي ڀائر آهن، هنن جون تراريون ظلم جا هٿيار آهن.

6 اي منهنجا جيءَ، پنهنجي صلاح تي نہ هل؛ اي منهنجي بزرگي، هنن جي جماعت ۾ شامل نہ ٿي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪاوڙ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي قتل ڪيو، ۽ پنهنجيءَ مرضيءَ موجب هڪڙو ڍڳو گُڏي وڌو.

7 لعنت سندن ڪاوڙ تي، جا ڏاڍي تکي هئي، ۽ سندن غصي تي، جو تمام سخت هو. آءٌ هنن کي يعقوب ۾ ڌار ڪندس، ۽ اسرائيل ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس.

8 اي يهوداہ، تنهنجا ڀائر تنهنجي ساراهہ ڪندا: تنهنجو هٿ تنهنجن دشمنن جي ڳچيءَ تي رهندو؛ تنهنجي پيءُ جا پٽ تنهنجي اڳيان ڪنڌ نمائيندا.

9 يهوداہ شينهن جو ٻچو آهي؛ اي منهنجا پٽ، تون شڪار تان آيو آهين: هو شينهن وانگي ۽ شينهڻ وانگي ڇپ ماري ويٺو، ڪير هن کي اُٿاريندو؟

10 جيسين شيلوہ نہ ايندو، تيسين يهوداہ کان بادشاهي نہ ويندي، نڪي حڪومت جو عصو سندس پيرن هيٺان نڪري ويندو؛ ۽ قومون هن جي فرمانبرداري ڪنديون.

11 هو پنهنجو وڇيرو ڊاک سان، ۽ پنهنجو کودڙو عمديءَ ڊاک سان ٻڌندو؛ هو پنهنجا ڪپڙا مئي ۾ ڌوئندو، ۽ پنهنجي پوشاڪ انگور جي رس ۾:

12 هن جون اکيون مئي سان ڳاڙهيون ٿينديون ۽ سندس ڏند کير سان اڇا ٿيندا.

13 زبولون سمنڊ جي ڪناري تي رهندو، هو جهازن جي بندرگاهہ ٿيندو؛ ۽ سندس سرحد صيدا تائين وڃي پهچندي.

14 اشڪار هڪڙو مضبوط گڏهہ آهي، جو رڍن جي واڙن جي وچ ۾ ويٺو آهي.

15 جڏهن هو هڪڙي چڱي آرامگاهہ ۽ دلپسند زمين ڏسندو، تڏهن هو بار کڻڻ لاءِ ڪلهو جهڪائيندو ۽ ڍل ڀريندڙ نوڪر ٿيندو.

16 دان اسرائيل جي قبيلن مان هڪڙي وانگر پنهنجن ماڻهن جي عدالت ڪندو.

17 دان، واٽ جي نانگ ۽ رستي جي سپ جهڙو ٿيندو، ۽ گهوڙي جي کڙين کي اهڙو ڏنگ هڻندو، جو سندس سوار پٺتي ڪري پوندو.

18 اي خداوند، آءٌ تنهنجي نجات جو منتظر آهيان.

19 جد تي هڪڙي فوج حملو ڪندي، پر نيٺ هو غالب پوندو.

20 آشر مان سندس سڻڀي ماني پيدا ٿيندي، ۽ هو شاهي طعام موجود ڪري ڏيندو.

21 نفتالي هڪڙي ڇڙواڳ هرڻ وانگي آهي: جو مٺيون مٺيون ڳالهيون ٿو ڪري.

22 يوسف هڪڙو ڦلدار ٻوٽو آهي، اهڙو ڦلدار جو چشمي جي ڀرسان بيٺل هجي؛ ۽ هن جون ٽاريون ڀت تي چڙهي ويون آهن.

23 تير اندازن هن کي ڏاڍو هلاڪ ڪيو ۽ کيس تير هڻي ڏکويو اٿن:

24 پر هن جي ڪمان زور جهلي بيٺي، ۽ هن جي هٿن ۽ ٻانهن کي يعقوب جي قادر جي هٿن کان طاقت ملي. انهيءَ مان اهو ڌنار نڪرندو، جو اسرائيل جو ٽڪر آهي.

25 هي تنهنجي پيءُ جي خدا جي حڪم سان، ۽ انهيءَ قادر مطلق جي حڪم سان ٿيندو، جو تنهنجي مدد ڪندو، ۽ توکي مٿان آسمان جون برڪتون ڏيندو، ۽ هيٺان اونهي سمنڊ جون برڪتون ڏيندو، ۽ ڇاتين جون، ۽ رحمن جون برڪتون ڏيندو.

26 تنهنجي پيءُ جون دعائون، منهنجي وڏن جي دعائن کان ايترو تہ وڌيڪ آهن، جو هميشہ قائم رهندڙ جبلن جي مٿانهينءَ چوٽيءَ تائين وڃي پهتيون آهن: اهي يوسف جي مٿي تي، بلڪ سندس مٿي جي چوٽيءَ تي رهنديون، جو پنهنجن ڀائرن کان ڌار ڪيو ويو.

27 بنيمين هڪڙو بگهڙ آهي، جو ڦاڙيندو وتي: هو صبح جو شڪار کائيندو، ۽ سانجهيءَ جو لٽ جو مال ورهائيندو.

28 اهي سڀ اسرائيل جا ٻارهن قبيلا آهن، ۽ سندن پيءُ جيڪي کين ٻڌايو ۽ جيڪي برڪتون ڏنائين سي اُهي ئي آهن؛ هر ڪنهن کي پنهنجيءَ پنهنجيءَ برڪت موجب برڪت ڏنائين.

29 ۽ هن کين تاڪيد ڪري چيو تہ هاڻي آءٌ وڃي پنهنجن ۾ گڏبس: مون کي منهنجي ابن ڏاڏن سان گڏ انهيءَ غار ۾ دفن ڪجو، جيڪو عفرون حتيءَ جي ٻنيءَ ۾ آهي.

30 يعني انهيءَ غار ۾، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ ممريءَ جي سامهون مڪفيلہ جي ٻنيءَ ۾ آهي. جو ابرهام ٻنيءَ سوڌو عفرون حتيءَ کان قبرستان جي لاءِ خريد ڪري انهي جو قبضو ورتو.

31 اتي هنن ابرهام ۽ سندس زال سارہ کي دفن ڪيو، ۽ اتي هنن اسحاق ۽ سندس زال ربقہ کي دفن ڪيو، ۽ اتي مون لياہ کي دفن ڪيو،

32 يعني انهيءَ ٻنيءَ واري غار ۾، جيڪو حت جي پٽن کان خريد ڪيو ويو هو.

33 جڏهن يعقوب پنهنجن پٽن کي وصيت ڪري رهيو، تڏهن هن پنهنجون ٽنگون هنڌ ۾ ڊگهيريون ۽ ساهہ ڏنائين، ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan