Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 46 - Sindhi Bible

1 پوءِ اسرائيل پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي اٿي روانو ٿيو، ۽ بيرسبع ۾ اچي، پنهنجي پيءُ اسحاق جي خدا لاءِ قربانيون چاڙهيائين.

2 ۽ خدا اسرائيل سان رات جي وقت رويا ۾ ڳالهايو ۽ چيائينس تہ اي يعقوب، اي يعقوب، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.

3 تڏهن هن چيو تہ آءٌ خدا آهيان، تنهنجي پيءُ جو خدا: تون مصر ۾ وڃڻ کان نہ ڊڄ؛ آءٌ اتي تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.

4 آءٌ تو سان مصر ۾ هلندس ۽ توکي ضرور موٽائي آڻيندس، ۽ يوسف تنهنجين اکين تي پنهنجو هٿ رکندو.

5 پوءِ يعقوب بيرسبع مان نڪري اٿي هليو، ۽ اسرائيل جي پٽن پنهنجي پيءُ کي، ۽ پنهنجن ٻارن ۽ زالن کي انهن گاڏين ۾ چاڙهيو، جي فرعون سندس سواريءَ لاءِ موڪليون هيون.

6 ۽ هنن پنهنجو چوپايو مال، ۽ ٻيو سامان، جيڪو ڪنعان جي ملڪ ۾ گڏ ڪيو هئائون، سو سڀ کنيو، ۽ يعقوب پنهنجي سموري اولاد سان گڏ مصر ۾ آيو.

7 هن پنهنجا پٽ، ڌيون، پوٽا، پوٽيون ۽ پنهنجو سڀ اولاد پاڻ سان گڏ مصر ۾ آندو.

8 اسرائيل جو اولاد جو مصر ۾ آيو، تن جا نالا هي آهن: يعقوب ۽ سندس پٽ: روبن يعقوب جو وڏو پٽ.

9 ۽ روبن جا پٽ؛ حنوڪ ۽ فلو، حصرون ۽ ڪرمي.

10 ۽ شمعون جا پٽ؛ يموايل، يمين، اُهد، يڪين، صحر، ۽ سائول، جو هڪڙيءَ ڪنعاني زال مان پيدا ٿيو هو.

11 ۽ لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري.

12 ۽ يهوداہ جا پٽ؛ عير، اُونان، سيلہ، فارص ۽ زارح: (انهن مان عير ۽ اونان ڪنعان جي ملڪ ۾ مري ويا هئا.) ۽ فارص جا پٽ؛ حصرون ۽ حمول.

13 ۽ اشڪار جا پٽ؛ تولع، فووہ، يوب ۽ سمرون.

14 ۽ زبولون جا پٽ؛ سرد، ايلون ۽ يحلل ايل.

15 اهي سڀ لياہ جا پٽ آهن، جي کيس فدان ارام ۾ سندس ڌيءَ ديناہ سوڌا يعقوب مان ڄاوا: هن جا پٽ ۽ ڌيون مڙيئي ٽيٽيهہ ڄڻا هئا.

16 ۽ جد جا پٽ؛ صفيان، حجي، سوني، اصبان، عيري، ارودي ۽ اريلي.

17 ۽ آشر جا پٽ؛ يمنہ، اسواہ، اسوي، بريعاہ ۽ سندن ڀيڻ سرہ: ۽ بريعاہ جا پٽ؛ حبر ۽ ملڪي ايل.

18 اهي سڀ زلفہ جا پٽ آهن، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ لياہ کي ٻانهي ڪري ڏني هئي: اهي هن کي يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي سورنهن ڄڻا هئا.

19 ۽ يعقوب جي زال راخل جا پٽ؛ يوسف ۽ بنيمين.

20 ۽ مصر جي ملڪ ۾ يوسف مان منسي ۽ افرائيم پيدا ٿيا، جي اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان پيدا ٿيا.

21 ۽ بنيمين جا پٽ؛ بلحہ، بڪر، اشبيل، جيرا، نعمان، اخي، روس، مفيم، حفيم ۽ آرد هئا.

22 اهي آهن راخل جا پٽ جي يعقوب مان پيدا ٿيا. اهي مڙيئي چوڏهن ڄڻا هئا.

23 ۽ دان جو پٽ؛ حشيم.

24 ۽ نفتاليءَ جا پٽ؛ يحصي ايل، جوني، يصر ۽ سليم.

25 اهي آهن بلهاہ جا پٽ، جا لابن پنهنجيءَ ڌيءَ راخل کي ٻانهي ڪري ڏني هئي، ۽ اهي کيس يعقوب مان ڄاوا، جي مڙيئي ست ڄڻا هئا.

26 يعقوب جي ننهنرن کان سواءِ سندس پنهنجو اولاد، جو ساڻس گڏ مصر ۾ آيو، سي مڙيئي ڇاهٺ ڄڻا هئا؛

27 ۽ يوسف جا ٻہ پٽ، جي مصر ۾ پيدا ٿيا هئا: يعقوب جي خاندان جا سڀيئي ماڻهو، جي مصر ۾ آيا، سي ستر ڄڻا هئا.

28 ۽ هن يهوداہ کي پاڻ کان اڳي يوسف ڏانهن موڪليو، تہ کيس جشن ڏانهن وڃڻ جو رستو ڏيکاري؛ پوءِ اهي جشن جي ملڪ ۾ آيا.

29 ۽ يوسف پنهنجي گاڏي تيار ڪري، پنهنجي پيءُ اسرائيل جي استقبال لاءِ جشن ڏانهن روانو ٿيو، ۽ سندس خدمت ۾ حاضر ٿي، کيس ڀاڪر پائي ڳچ دير تائين پئي رنائين.

30 ۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون توکي جيئرو جاڳندو اچي ڏٺو آهي، سو هاڻي ڀلي تہ منهنجو موت اچي.

31 پوءِ يوسف پنهنجن ڀائرن، ۽ پنهنجي پيءُ جي خاندان کي چيو تہ آءٌ وڃي ٿو فرعون کي ٻڌايان تہ منهنجا ڀائر ۽ منهنجي پيءُ جو خاندان، جي ڪنعان جي ملڪ ۾ هئا، سي مون وٽ آيا آهن؛

32 ۽ اهي ماڻهو ڌنار آهن، ڇالاءِ جو هنن ڌڻ پئي چاريا آهن، ۽ پنهنجا ڍور، ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽن هو، سو آندو اٿن.

33 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن فرعون اوهان کي سڏيندو ۽ چوندو تہ اوهان جو ڌنڌو ڪهڙو آهي؟

34 تڏهن چئجوس تہ تنهنجا ٻانها اسين، ۽ اسان جا ابا ڏاڏا، ننڍپڻ کان وٺي مال چاريندا رهيا آهيون: تڏهن اوهين جشن جي زمين ۾ رهندا، ڇالاءِ جو مصر جا ماڻهو هر ڪنهن ڌنار کان نفرت ڪندا آهن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan