پيدائش 41 - Sindhi Bible1 پوءِ هيئن ٿيو جو ٻن سالن کان پوءِ فرعون خواب لڌو، ۽ ڏٺائين تہ درياهہ جي ڪپ تي بيٺو آهيان: 2 ۽ ڏسو، اُتي ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون درياهہ مان نڪتيون ۽ ڪانهن ۾ چرڻ لڳيون. 3 ۽ ڏسو؛ انهن جي پٺيان ست ٻيون بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون درياهہ مان نڪري، هنن ٻين ڳئن جي ڀرسان درياهہ جي ڪپ تي اچي بيٺيون. 4 ۽ اهي بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون، انهن ٺاهوڪين ۽ ٿلهين ستن ڳئن کي کائي ويون. ۽ فرعون جاڳي پيو. 5 پوءِ هو وري سمهي پيو ۽ ٻيو ڀيرو خواب لڌائين: ۽ ڏسي ٿو تہ ست اَن سان ڀريل ٿلها ۽ تازا سنگ هڪڙي ڪاني ۾ نڪتا آهن. 6 ۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ سنهڙا ۽ لڪ جا ساڙيل نڪتا. 7 ۽ اهي سنهڙا سنگ، هنن ٿلهن ۽ ڀريل سنگن کي ڳڙڪائي ويا. تڏهن فرعون جاڳي پيو، ۽ ڏٺائين تہ هي خواب هو. 8 ۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو. 9 تڏهن سردار ساقيءَ فرعون کي چيو تہ اڄ مون کي پنهنجا ڏوهہ ياد ٿا پون: 10 جڏهن فرعون پنهنجن نوڪرن تي ڪاوڙيو هو: ۽ مون کي ۽ سردار بورچيءَ کي پهريدارن جي ڪپتان جي گهر ۾ بند ڪرايو هئائين: 11 تڏهن هڪڙي ڀيري ساڳيءَ رات مون ۽ هن، ٻنهي هڪڙو خواب لڌو؛ اسان مان هرهڪ، پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو، جنهن جي تعبير ڌار ڌار هئي. 12 ۽ اتي اسان سان گڏ هڪڙو عبراني جوان پهريدارن جي ڪپتان جو نوڪر بہ هو؛ اسان هن کي پنهنجا خواب ٻڌايا ۽ هن اسان کي انهن جي تعبير ڪري ٻڌائي، هرهڪ کي هن پنهنجي پنهنجي خواب موجب تعبير ٻڌائي. 13 ۽ جيئن هن تعبير ڪئي هئي، تيئن ئي ٿيو؛ مون کي هن منهنجو عهدو موٽائي ڏياريو، ۽ هن کي ڦاسي ڏياريائين. 14 تڏهن فرعون يوسف کي گهرايو ۽ هو کيس جلد قيد خاني مان وٺي آيا: ۽ هن پنهنجي سنوارت ڪرائي، ۽ ڪپڙا بدلائي فرعون وٽ آيو. 15 ۽ فرعون يوسف کي چيو تہ مون هڪڙو خواب لڌو آهي ۽ اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي؛ ۽ تنهنجي بابت ٻڌو اٿم تہ تون خواب ٻڌي انهيءَ جي تعبير ڪري ٿو سگهين. 16 تڏهن يوسف فرعون کي ورندي ڏيئي چيو تہ اهو منهنجي هٿ ۾ نہ آهي: خدا فرعون کي خير جو جواب ڏيندو. 17 پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ آءٌ درياهہ جي ڪپ تي بيٺو آهيان: 18 ۽ ڏسو، ست ٺاهوڪيون ۽ ٿلهيون ڳئون درياهہ مان نڪتيون، ۽ ڪانهن ۾ چرڻ لڳيون؛ 19 ۽ ڏسو، انهن جي پٺيان ست ٻيون ضعيف، بدشڪل ۽ ڏٻريون ڳئون درياهہ مان نڪري آيون؛ اهي اهڙيون خراب هيون، جو سڄي مصر جي ملڪ ۾ مون ڪڏهن ڪين ڏٺيون: 20 پوءِ اهي ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون، پهرين ستن ٿلهين ڳئن کي کائي ويون: 21 جڏهن هو انهن کي کائي ويون، تڏهن ائين معلوم نٿي ٿيو تہ ڪو هو سندن پيٽ ۾ آهن؛ ڇالاءِ جو هو اڃا بہ اهڙيون ئي بدشڪل ٿي لڳيون، جهڙيون پهرين هيون. پوءِ آءٌ جاڳي پيس. 22 وري مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي ڪاني تي ست سنگ ڀريل ۽ چڱا نڪتا آهن. 23 ۽ ڏسو، هنن کان پوءِ ٻيا ست سنگ ڪومايل، سنهڙا، ۽ لڪ جا سڙيل نڪتا؛ 24 ۽ اهي سنهڙا سنگ، انهن ستن چڱن سنگن کي ڳڙڪائي ويا: ۽ مون اها ڳالهہ جادوگرن کي ٻڌائي، پر ڪوبہ ڪونهي جو مون کي انهيءَ جو مطلب سمجهائي سگهي. 25 تڏهن يوسف فرعون کي چيو تہ فرعون جو خواب هڪڙو ئي آهي: جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي، سو فرعون کي ٻڌايو اٿس. 26 ست چڱيون ڳئون ست ورهيہ آهن؛ ۽ ست چڱا سنگ بہ ورهيہ آهن: خواب هڪڙو ئي آهي. 27 هو ست ڏٻريون ۽ بدشڪل ڳئون جي انهن کان پوءِ آيون، سي بہ ست ورهيہ آهن، ۽ ست خالي ۽ لڪ جا ساڙيل سنگ، سي ڏڪار جا ست ورهيہ ٿيندا. 28 اها ئي ڳالهہ آهي، جا مون فرعون کي ٻڌائي؛ جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي، سو فرعون کي ڏيکاريو اٿس. 29 ڏسو، مصر جي ملڪ ۾ ستن ورهين تائين ڏاڍو سڪار ٿيندو، 30 ۽ انهيءَ کان پوءِ ستن ورهين تائين ڏڪار پوندو، ۽ اهو سڀ سڪار مصر جي ملڪ ۾ وسري ويندو؛ ۽ ڏڪار ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. 31 سڪار کان پوءِ جيڪو ڏڪار پوندو، تنهن جي ڪري خبر ئي ڪانہ پوندي، تہ ڪو ملڪ ۾ سڪار هو؛ ڇالاءِ جو اهو ڏڪار تمام سخت ٿيندو. 32 ۽ اهو خواب جو فرعون کي ٻہ ڀيرا ڏيکاريو ويو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ اها ڳالهہ خدا مقرر ڪري ڇڏي آهي، ۽ خدا جلد ائين ڪندو. 33 تنهنڪري هاڻي فرعون کي گهرجي تہ ڪو سمجهو ۽ ڏاهو ماڻهو ڳولي هٿ ڪري، ۽ انهي کي مصر جي ملڪ تي مقرر ڪري. 34 ۽ فرعون هن کي حڪم ڏئي تہ ملڪ جي مٿان داروغا مقرر ڪري ۽ سڪار وارن ستن ورهين ۾ مصر جي زمين تان پنجون حصو اُڳاڙي. 35 ۽ جيڪي، چڱا ست ورهيہ اچن، تن ۾ هو سڀ کاڌي جون شيون گڏ ڪري فرعون جي قبضي ۾ آڻين، ۽ هر ڪنهن شهر ۾ اَن جا انبار ڪري سنڀالي رکن. 36 ۽ ستن ورهين تائين جو مصر جي ملڪ ۾ ڏڪار پوندو، تنهن لاءِ اهو کاڌو گڏ ڪري رکيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ ملڪ ڏڪار جي ڪري برباد نہ ٿئي. 37 اها ڳالهہ فرعون ۽ سندس نوڪرن کي چڱي نظر آئي. 38 ۽ فرعون پنهنجن نوڪرن کي چيو تہ هي ماڻهو، جنهن ۾ خدا جو روح آهي، تنهن جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو اسان کي هٿ ايندو ڇا؟ 39 پوءِ فرعون يوسف کي چيو تہ جڏهن خدا توکي هي سڀ سمجهايو آهي، تڏهن تو جهڙو ٻيو ڪوبہ سمجهو ۽ ڏاهو ڪونهي. 40 تون منهنجي گهر جو مختيار ٿي، ۽ ساريءَ رعيت تي پنهنجيءَ مرضي موجب حڪم هلاءِ: فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري، منهنجو درجو تو کان مٿي ٿيندو. 41 ۽ فرعون يوسف کي چيو تہ ڏس، مون توکي مصر جي ساري ملڪ تي مقرر ڪيو آهي. 42 ۽ فرعون پنهنجيءَ مهر واري منڊي پنهنجي هٿ مان لاهي، يوسف جي هٿ ۾ پارائي، ۽ هن کي عمدي ڪپڙي جي خلعت پهرايائين، ۽ هڪڙي سوني زنجيري سندس ڳچيءَ ۾ پاتائين؛ 43 ۽ پنهنجيءَ ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چاڙهيائينس؛ ۽ سندس اڳيان هوڪو ڏياريائين تہ جهڪي سجدو ڪريو؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ تي هن کي حاڪم مقرر ڪيائين. 44 ۽ فرعون يوسف کي چيو تہ آءٌ فرعون آهيان، تنهنجي حڪم کان سواءِ مصر جي ملڪ ۾ ڪوبہ ماڻهو هٿ پير ڪين چوريندو. 45 ۽ فرعون، يوسف جو نالو صفنات‑فعنيحہ رکيو؛ ۽ اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ سان سندس شادي ڪرايائين. پوءِ يوسف مصر جي ملڪ ۾ گشت ڪرڻ لڳو. 46 جڏهن يوسف مصر جي بادشاهہ فرعون جي حضور ۾ آيو، تڏهن سندس عمر ٽيهہ ورهيہ هئي. پوءِ يوسف فرعون وٽان روانو ٿي، مصر جو سڄو ملڪ گهميو. 47 ۽ سڪار جي ستن ورهين ۾ زمين مان تمام گهڻي پيدائش ٿي. 48 ۽ هن انهن ستن ورهين ۾ کاڌي جون سڀ شيون، جيڪي مصر جي ملڪ ۾ هيون، سي سڀ گڏ ڪيون، ۽ اهو کاڌو شهرن ۾ گڏ ڪري رکيائين: جيڪا ٻني جنهن شهر جي پسگردائيءَ ۾ هئي، تنهن جي پيدائش انهيءَ شهر ۾ گڏ ڪري رکيائين. 49 ۽ يوسف سمنڊ جي واريءَ وانگر تمام گهڻو اَن گڏ ڪيو، ايتري قدر جو هن حساب رکڻ بہ ڇڏي ڏنو؛ ڇالاءِ جو اهو بيشمار هو. 50 ۽ ڏڪار کان اڳ ۾ يوسف کي، اون شهر جي ڪاهن فوطيفرع جي ڌيءَ آسناٿ مان ٻہ پٽ ڄاوا. 51 ۽ يوسف وڏي جو نالو منسي رکيو؛ ڇالاءِ جو هن چيو تہ خدا منهنجي سڀ تڪليف ۽ منهنجي پيءُ جو گهر مون کان وسارائي ڇڏيو آهي. 52 ۽ ٻئي جو نالو افرائيم رکيائين، جو چيائين تہ خدا مون کي منهنجيءَ مصيبت واري ملڪ ۾ ڦلدار ڪيو آهي. 53 پوءِ اهي سڪار وارا ست ورهيہ، جي مصر جي ملڪ ۾ آيا، سي اچي پورا ٿيا. 54 ۽ ڏڪار جا ست ورهيہ شروع ٿيا، جيئن ڪ يوسف چيو هو: ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ بہ اچي ڏڪار پيو؛ پر مصر جي ملڪ ۾ کاڌو موجود هو. 55 پوءِ جڏهن مصر جو سارو ملڪ بک مرڻ لڳو، تڏهن ماڻهو کاڌي جي لاءِ فرعون وٽ اچي دانهون ڪرڻ لڳا: ۽ فرعون سڀني مصرين کي چيو تہ اوهين يوسف وٽ وڃو، ۽ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو. 56 تنهن وقت ساريءَ زمين تي ڏڪار هو: ۽ مصر جي ملڪ ۾ بہ ڏڪار وڌڻ لڳو؛ تڏهن يوسف اَن جا سڀيئي انبار کولايا، ۽ مصرين کي اَن وڪڻڻ لڳو. 57 پوءِ سڀني ملڪن جا ماڻهو اَن خريد ڪرڻ لاءِ مصر ۾ يوسف وٽ آيا؛ ڇالاءِ جو ساريءَ زمين تي سخت ڏڪار هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society