Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 40 - Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ بورچيءَ پنهنجي مالڪ مصر جي بادشاهہ جو ڪو ڏوهہ ڪيو.

2 تنهنڪري فرعون پنهنجن ٻنهي عملدارن تي ڏاڍو ڪاوڙيو، جن مان هڪڙو سردار ساقي ۽ ٻيو سردار بورچي هو.

3 پوءِ هن کين نگهبانيءَ جي لاءِ پهريدار سپاهين جي ڪپتان جي گهر ۾، انهي ساڳئي قيد خاني ۾ کڻي وڌو، جتي يوسف بند ٿيل هو.

4 ۽ پهريدارن جي ڪپتان انهن کي يوسف جي حوالي ڪيو، جو کين سنڀاليندو رهيو: ۽ انهن ڪيترائي ڏينهن قيد ۾ گذاريا.

5 پوءِ مصر جي بادشاهہ جي ساقيءَ ۽ بورچيءَ، جي ٻئي قيد ۾ بند هئا، تن ٻنهي ساڳيءَ رات پنهنجي پنهنجي منهن خواب لڌو، جنهن جي تعبير ڌار ڌار هئي.

6 ۽ صبح جو جڏهن يوسف وٽن آيو، ۽ انهن ڏانهن نهاريائين، تڏهن اهي غمگين نظر آيس.

7 تڏهن هو فرعون جي انهن عملدارن کان پڇڻ لڳو، جي ساڻس گڏ، سندس مالڪ جي گهر ۾ بند هئا، ۽ چيائين تہ اوهين اڄ اهڙا غمگين ڇو ٿا ڏسجو؟

8 تنهن تي انهن چيس تہ اسان هڪڙو خواب لڌو آهي، ۽ اهڙو ڪو ڪونهي، جو انهيءَ جي تعبير ڪري سگهي. تڏهن يوسف چين تہ تعبير ڪرڻ خدا جي هٿ ۾ نہ آهي ڇا؟ ڀلائي ڪري اِهو مون کي ٻڌايو.

9 تڏهن سردار ساقيءَ پنهنجو خواب يوسف کي ٻڌايو، ۽ چيائينس تہ ڏس مون پنهنجي خواب ۾ ڏٺو تہ هڪڙي ڊاک جي ول منهنجي سامهون آهي:

10 ۽ انهيءَ ڊاک جي ول ۾ ٽي ٽاريون هيون: ۽ ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو تہ ڄڻ انهيءَ ٻور ڪيو ۽ منجهس گل بہ نڪتا؛ ۽ انهيءَ جي ڇڳن ۾ پڪل ڊاک بہ نڪتي:

11 ۽ فرعون جو پيالو منهنجي هٿ ۾ هو؛ پوءِ مون ڊاک کڻي فرعون جي پيالي ۾ نچوڙي وڌي ۽ اهو پيالو فرعون جي هٿ ۾ ڏنم.

12 تڏهن يوسف هن کي چيو تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽاريون ٽي ڏينهن آهن؛

13 ٽن ڏينهن جي اندر فرعون توکي سرفراز ڪندو، ۽ تنهنجو عهدو توکي موٽائي ڏيندو: ۽ جڏهن تون سندس ساقي هئين، تڏهن جيئن ڪندو هئين، تيئن وري بہ فرعون جو پيالو سندس هٿ ۾ ڏيندين.

14 پر جڏهن تنهنجي مراد پوري ٿئي، تڏهن ڀلائي ڪري منهنجي يادگيري ڪج، ۽ مهرباني ڪري فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪج ۽ مون کي هن گهر مان ٻاهر ڪڍج:

15 ڇالاءِ جو سچ ڪري پڇين تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان چورائي کڻي آيا هئا: ۽ هتي بہ هن قيد خاني ۾ پوڻ جهڙو ڪوبہ ڪم مون ڪونہ ڪيو آهي.

16 جڏهن سردار بورچيءَ ڏٺو تہ اها تعبير چڱي آهي، تڏهن يوسف کي چيائين تہ مون بہ خواب لڌو آهي ۽ ڏس، مانين جون ٽي ٽوڪريون منهنجي مٿي تي آهن:

17 ۽ سڀ کان مٿينءَ ٽوڪريءَ ۾ فرعون جي لاءِ هر قسم جا پڪل طعام هئا، ۽ پکين منهنجي مٿي تان انهيءَ ٽوڪريءَ مان پي کاڌو.

18 تڏهن يوسف ورندي ڏيئي چيس، تہ انهيءَ جي تعبير هن ريت آهي: اهي ٽي ٽوڪريون ٽي ڏينهن آهن؛

19 ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي توکي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيندو؛ ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان ڇني کائيندا.

20 ۽ هيئن ٿيو جو ٽئين ڏينهن، جڏهن فرعون جي جنم جو ڏينهن آيو، تڏهن هن پنهنجن سڀني نوڪرن جي مهماني ڪئي: ۽ پنهنجن نوڪرن مان سردار ساقيءَ ۽ سردار بورچيءَ کي بہ ياد ڪيائين.

21 ۽ سردار ساقيءَ کي وري سندس عهدي تي مقرر ڪيائين؛ ۽ هو وري فرعون جي هٿ ۾ پيالو ڏيڻ لڳو:

22 پر سردار بورچيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيائين، جيئن ڪ يوسف هنن کي تعبير ڪري ٻڌايو هو.

23 انهيءَ هوندي بہ سردار ساقيءَ يوسف جي يادگيري ڪانہ ڪئي، پر وساري ڇڏيائينس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan