Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 37 - Sindhi Bible

1 سو يعقوب وڃي ڪنعان جي ملڪ ۾ رهڻ لڳو، جتي سندس پيءُ مسافر ٿي گذاريندو هو.

2 يعقوب جي نسل جو احوال هن ريت آهي. جڏهن يوسف سترهن ورهين جو ٿيو، تڏهن پنهنجي ڀائرن سان گڏ ڌڻ چاريندو هو، ۽ اُهو ڇوڪر پنهنجي پيءُ جي زالن بلهاہ ۽ زلفہ جي پٽن سان گڏ رهندو هو، ۽ انهن جي برن ڪمن جي خبر پنهنجي پيءُ کي اچي ٻڌائيندو هو.

3 هاڻي، اسرائيل يوسف کي پنهنجي سڀني پٽن کان وڌيڪ پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو اهو سندس پيريءَ ۾ پيدا ٿيو، ۽ هن کي هڪڙو رنگارنگي ڪُرتو جوڙائي ڏنو هئائين.

4 پر جڏهن هن جي ڀائرن ڏٺو تہ سندن پيءُ هن کي سندس سڀني ڀائرن کان وڌيڪ پيار ٿو ڪري تڏهن هو سندس حقارت ڪرڻ لڳا، ۽ ساڻس چڱيءَ طرح ڪين ڳالهائيندا هئا.

5 پوءِ يوسف هڪڙو خواب لڌو، جو هن پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو، انهيءَ ڪري هو سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا.

6 هن کين چيو تہ مون جيڪو خواب لڌو آهي، سو ڀلائي ڪري ٻڌو:

7 ڏسو اسان ٻنيءَ ۾ ڪانن جا گڏا پئي ٻڌا، تہ ڇا ٿو ڏسان تہ منهنجو گڏو اُٿي اُڀو ٿي بيٺو ۽ اوهان جا گڏا هن جي چوڌاري اچي بيٺا ۽ منهنجي گڏي کي سجدو ڪيائون.

8 تڏهن سندس ڀائرن چيس تہ تون سچ پچ اسان تي بادشاهي ڪندين ڇا؟ يا سچ پچ اسان تي حڪم هلائيندين ڇا؟ ۽ هن جي خوابن ۽ ڳالهين ڪري، هو پاڻ سندس وڌيڪ حقارت ڪرڻ لڳا.

9 پوءِ هن وري ٻيو خواب لڌو، ۽ اهو بہ هن پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو ۽ چيائين تہ ڏسو، مون وري هڪڙو ٻيو خواب لڌو آهي؛ ۽ ڏسو، سج، چنڊ ۽ يارهن تارن مون کي سجدو ڪيو.

10 هن اهو پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجن ڀائرن کي ٻڌايو، تڏهن پڻس ڇينڀي چيس تہ هي تو ڪهڙو خواب لڌو آهي؟ آءٌ ۽ تنهنجي ماءُ ۽ تنهنجا ڀائر سچ پچ تنهنجي اڳيان زمين تائين جهڪي سجدو ڪنداسين ڇا؟

11 انهيءَ ڪري سندس ڀائر ساڻس حسد ڪرڻ لڳا؛ پر سندس پيءُ اها ڳالهہ دل ۾ رکي.

12 پوءِ سندس ڀائر سڪم ۾ پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ ويا.

13 ۽ اسرائيل يوسف کي چيو تہ تنهنجا ڀائر سڪم ۾ ڌڻ ڪين ٿا چارين؟ اچ تہ آءٌ توکي انهن وٽ موڪليان. ۽ هن چيس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.

14 تڏهن هن چيس تہ وڃي ڏسي اچ تہ تنهنجا ڀائر خوش چڱا ڀلا آهن، ۽ ڌڻ تہ صحيح سلامت آهي؛ ۽ موٽي اچي مون کي خبر ڏي. سو کيس حبرون جي ماٿريءَ مان روانو ڪيائين ۽ هو سڪم ۾ آيو.

15 اتي هڪڙي ماڻهوءَ هن کي ڏٺو تہ هو جهنگ ۾ پيو رلي: سو پڇيائينس تہ تون ڇا ٿو ڳولين؟

16 هن چيو تہ آءٌ پنهنجن ڀائرن کي ٿو ڳوليان: ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ اُهي پنهنجو ڌڻ ڪٿي ٿا چارين.

17 تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ چيس تہ اهي هتان هليا ويا آهن؛ ڇالاءِ جو مون کين چوندو ٻڌو تہ هلو تہ دوتين ڏانهن هلون. پوءِ يوسف پنهنجي ڀائرن جي پٺيان ويو ۽ دوتين ۾ وڃي کين گڏيو.

18 هنن کيس پري کان ايندو ڏٺو ۽ اڃا هو سندن ويجهو ئي ڪونہ آيو، تہ پاڻ ۾ منصوبو ڪيائون تہ هن کي قتل ڪري ڇڏيون.

19 ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا تہ اِجهو خوابن لهڻ وارو ٿو اچي.

20 سو هاڻي اچو تہ هن کي قتل ڪري، ڪنهن کڏ ۾ اُڇلائي وجهون، پوءِ چونداسين تہ ڪو جهنگ جو مرون کائي ويو اٿس: پوءِ ڏسون تہ هن جي خوابن جو ڪهڙو نتيجو ٿو نڪري.

21 پر روبن اها ڳالهہ ٻڌي هن کي سندن هٿان بچايو، ۽ چيائين تہ هن کي ماري نہ وجهون.

22 سو روبن هنن کي چيو تہ رت نہ وهايون؛ پر هتي رڻ پٽ ۾ جا هيءَ کڏ آهي، تنهن ۾ کڻي اُڇلايوس، پر وڌيڪ هٿ نہ لايوس: هن جو خيال هو تہ کيس هنن جي هٿان ڇڏائي سندس پيءُ وٽ پهچايان.

23 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يوسف پنهنجن ڀائرن وٽ آيو، تڏهن جيڪو رنگارنگي ڪُرتو پيو هوس، سو لاهي ورتائونس،

24 ۽ پوءِ انهيءَ کڏ ۾ کڻي اڇلايائونس: اها کڏ سڪل هئي، منجهس پاڻي ڪونہ هو.

25 پوءِ هو ويهي ماني کائڻ لڳا، ۽ هنن اکيون مٿي کڻي نهاريو، تہ ڇا ٿا ڏسن تہ اسماعيلين جو هڪڙو قافلو جلعاد کان ٿو اچي ۽ ساڻن گڏ اُٺن تي مصالحہ، سرهاڻيون ۽ مُر آهي، جي مصر ڏانهن کڻي ٿا وڃن.

26 تڏهن يهوداہ پنهنجن ڀائرن کي چيو تہ جي اسين پنهنجي ڀاءُ کي ماري، سندس خون لڪائي ڇڏينداسين تہ ڪهڙو فائدو ٿيندو؟

27 اچو تہ هن کي اسماعيلين جي هٿ وڪڻي ڇڏيون ۽ وڌيڪ هٿ نہ لايونس؛ ڇالاءِ جو هو اسان جو ڀاءُ ۽ اسان جو رت آهي. سندس ڀائرن اها ڳالهہ قبول ڪئي.

28 پوءِ اُتان مدياني سوداگر اچي لنگهيا؛ ۽ هنن يوسف کي کڏ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ کيس اسماعيلين جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي وڪڻي ڇڏيائون. ۽ اهي يوسف کي مصر ۾ وٺي ويا.

29 پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.

30 ۽ پنهنجن ڀائرن وٽ موٽي اچي چوڻ لڳو تہ، ڇوڪر تہ آهي ئي ڪونہ، هاڻي آءٌ ڪيڏانهن وڃان؟

31 پوءِ هنن يوسف جو ڪُرتو کنيو، ۽ هڪڙو ٻڪر ڪهي، تنهن جي رت ۾ اهو ڪُرتو ٻوڙيائون؛

32 پوءِ هنن اهو رنگارنگي ڪُرتو پنهنجي پيءُ وٽ آندو، ۽ چيائونس تہ اسان هي لڌو آهي، هاڻي سڃاڻ تہ هي تنهنجي پٽ جو ڪُرتو تہ ڪونهي؟

33 ۽ هن اُهو ڪُرتو سڃاتو ۽ چوڻ لڳو تہ هي تہ برابر منهنجي پٽ جو ڪُرتو آهي. ڪو جهنگ جو مرون هن کي کائي ويو آهي، بيشڪ يوسف کي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪيو اٿس.

34 ۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو.

35 ۽ سندس سڀيئي پٽ ۽ ڌيون اٿي کيس دلاسو ڏيڻ لڳا، پر هن کي تسلي نٿي آئي؛ ۽ هو چوڻ لڳو تہ آءٌ ماتم ڪري ڪري پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس. انهيءَ طرح يوسف جي لاءِ سندس پيءُ روئندو رهيو.

36 پوءِ مديانين هن کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جو فرعون جو هڪڙو حاڪم ۽ پهريدار سپاهين جو ڪپتان هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan