Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 32 - Sindhi Bible

1 پوءِ يعقوب پنهنجي واٽ وٺي روانو ٿيو ۽ کيس خدا جا فرشتا گڏيا.

2 ۽ يعقوب انهن کي ڏسي چيو تہ هي خدا جو لشڪر آهي: ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو محنايم رکيائين.

3 ۽ يعقوب پنهنجي اڳيان پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ ڏانهن ادوم جي ملڪ واري شعير جي سرزمين ۾ قاصد موڪليا.

4 ۽ کين تاڪيد ڪري چيائين تہ اوهين منهنجي مالڪ عيسوءَ کي هيئن وڃي چئو، تہ تنهنجو ٻانهو يعقوب چوي ٿو آءٌ هيترو وقت لابن وٽ رهيس، ۽ هيستائين اتي هوس:

5 مون وٽ ڏاند، گڏهہ، ڌڻ، ٻانها ۽ ٻانهيون آهن، ۽ سائين جن کي منهنجو عرض آهي، تہ تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي ٿئي.

6 پوءِ قاصد يعقوب وٽ موٽي آيا ۽ چيائون تہ اسين تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ وٽ وياسين، ۽ هو پاڻ چار سؤ ماڻهو ساڻ ڪري توکي گڏجڻ لاءِ ٿو اچي.

7 تڏهن يعقوب کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ۽ هو پريشان ٿيڻ لڳو: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن کي، ۽ ڍورن، ڌڻن، ۽ اُٺن کي ورهائي ٻہ ٽوليون ڪيائين؛

8 ۽ چيائين تہ جيڪڏهن عيسو هڪڙيءَ ٽوليءَ ڏانهن اچي ۽ انهيءَ کي ماري، تہ باقي رهيل ٻي ٽولي ڀڄي وڃي.

9 ۽ يعقوب چيو تہ اي منهنجي پيءُ ابرهام جا خدا، ۽ منهنجي پيءُ اسحاق جا خدا، اي خداوند، تو مون کي فرمايو تہ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجن عزيزن وٽ موٽ، تہ آءٌ تنهنجو ڀلو ڪندس:

10 ۽ هاڻي جيڪو رحم ۽ وفاداري تو پنهنجي ٻانهي تي ڪيو آهي، تنهن سڀ جي ذري جو بہ آءٌ لائق نہ آهيان؛ ڇالاءِ جو آءٌ تہ فقط پنهنجي لٺ کڻي يردن جي پار ويو هوس، پر هاڻي مون وٽ ٻہ ٽوليون آهن.

11 آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ جي هٿ کان، يعني عيسوءَ جي هٿ کان بچاءِ: ڇوتہ آءٌ هن کان ڊڄان ٿو، تہ متان هو اچي مون کي ۽ ٻارن کي سندن مائرن سميت ماري وجهي.

12 تو چيو تہ آءٌ ضرور توسان ڀلائي ڪندس، ۽ تنهنجو اولاد وڌائي سمنڊ جي واريءَ جيترو ڪندس، جنهن کي ڳڻي نٿو سگهجي.

13 پوءِ هو اها رات اتي ئي ٽڪيو؛ ۽ جيڪي وٽس هو، تنهن مان ڪجهہ پنهنجي ڀاءُ عيسوءَ کي سوغات ڏيڻ لاءِ کنيائين؛

14 يعني ٻہ سؤ ٻڪريون ۽ ويهہ ٻڪر، ٻہ سؤ رڍون ۽ ويهہ گهيٽا.

15 ٽيهہ سئا ڏاچيون ۽ سندن گورا، چاليهہ ڳئون ۽ ڏهہ ڏاند، ويهہ گڏهيون ۽ ڏهہ کودڙا.

16 پوءِ هن انهن جون ڌار ڌار ٽوليون ٺاهي، پنهنجن نوڪرن جي حوالي ڪيون، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين مون کان اڳيئي پار هلو، ۽ هر هڪ ٽوليءَ جي وچ ۾ ڪجهہ وڇوٽي ڇڏجو.

17 ۽ پهرين ٽوليءَ واري کي تاڪيد ڪري چيائين تہ جڏهن منهنجو ڀاءُ عيسو توکي گڏجي، ۽ توکان پڇي تہ تون ڪنهن جو آهين، ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين، ۽ هي جي تنهنجي اڳيان پيا هلن، سي ڪنهن جا آهن؟

18 تڏهن تون چئج تہ اهي تنهنجي ٻانهي يعقوب جا آهن؛ هيءَ پنهنجي مالڪ عيسوءَ جي لاءِ سوغات موڪلي اٿس: اِجهو هو پاڻ بہ پٺيان پيو اچي.

19 ۽ هن ٻيءَ، ۽ ٽينءَ ۽ ٻين سڀني پوئين ٽولين وارن کي بہ حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين عيسوءَ کي گڏجو، تڏهن انهيءَ طرح چئجوس

20 تہ اِجهو تنهنجو ٻانهو يعقوب اسان جي پٺيان پيو اچي. ڇالاءِ جو هن چيو تہ هيءَ سوغات جا مون کان اڳ ۾ وٺيو ٿا وڃن، تنهن سان آءٌ هن جي ڪاوڙ ڍري ڪندس، ۽ پوءِ سندس منهن ڏسندس؛ تہ من هو مون کي قبول ڪري.

21 سو هن جي سوغات کانئس اڳ ۾ پار وٺي ويا: ۽ هو پاڻ اها رات قافلي ۾ رهيو.

22 پوءِ هو انهيءَ رات جو اُٿيو ۽ پنهنجيون ٻہ زالون، ۽ ٻہ ٻانهيون ۽ يارهن ٻار ساڻ ڪري يبوق جي تڙ کان پار لنگهيو.

23 هنن کي درياهہ جي پرينءَ ڀر موڪليائين ۽ ٻيو بہ جيڪي وٽس هو، سو سڀ پرينءَ ڀر موڪلي ڏنائين.

24 ۽ يعقوب پاڻ اڪيلو رهجي ويو، ۽ اتي پرهہ ڦٽيءَ تائين ڪو شخص ساڻس ملهہ پئي وڙهيو.

25 پر جڏهن هن شخص ڏٺو تہ آءٌ يعقوب تي غالب پئجي نٿو سگهان، تڏهن هن جي ران جي اندرينءَ نس کي هٿ لاتائين: ۽ جيئن هو يعقوب سان ملهہ پئي وڙهيو، تيئن يعقوب جي ران جي نس چڙهي ويئي.

26 تڏهن هن چيو تہ هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان، ڇو تہ پرهہ ٿي ڦٽي. تنهن تي هن چيو تہ آءٌ تيسين توکي وڃڻ ڪين ڏيندس، جيسين تون مون کي برڪت نہ ڏيندين.

27 تڏهن هن چيس تہ تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ۽ هن چيو تہ يعقوب.

28 ۽ هن چيو تہ اڳتي تنهنجو نالو يعقوب نہ، پر اسرائيل سڏبو؛ ڇالاءِ جو تو خدا ۽ ماڻهن سان زور آزمائي ڪئي آهي، ۽ غالب پيو آهين.

29 تڏهن يعقوب هن کي عرض ڪري کانئس پڇيو تہ مون کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ، ۽ هن چيو تہ تون منهنجو نالو ڇو ٿو پڇين؟ پوءِ هن اتي کيس برڪت ڏني.

30 ۽ يعقوب انهيءَ هنڌ جو نالو فني ايل رکيو، جو چيائين تہ مون خدا کي روبرو ڏٺو، تڏهن بہ منهنجي جان بچي ويئي.

31 ۽ فني ايل تان لنگهندي هن کي سج اُڀري ويو، ۽ هو پنهنجيءَ ران تي منڊڪائيندو هليو.

32 تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين اسرائيل جو اولاد ران جي اندرئين پاسي واري نس نہ کائيندو آهي؛ ڇالاءِ جو هن يعقوب جي ران کي هٿ لاتو هو، ۽ هن جي نس چڙهي ويئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan