Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 3 - Sindhi Bible

1 هاڻي خداوند خدا جيڪي جهنگ جا جانور جوڙيا هئا، تن ۾ نانگ سڀني کان وڌيڪ چالاڪ هو. هن زال کي چيو تہ ڇا اهو سچ آهي، تہ خدا چيو آهي تہ اوهين باغ جي ڪنهن بہ وڻ جو ميوو نہ کائجو؟

2 تڏهن زال نانگ کي چيو تہ باغ جي وڻن جو ميوو تہ اسين کائون ٿا.

3 پر جيڪو وڻ باغ جي وچ ۾ آهي، تنهن بابت خدا چيو آهي تہ انهيءَ جو ميوو اوهين نہ کائجو، ۽ نہ انهيءَ کي هٿ لائجو، متان اوهين مري وڃو.

4 تڏهن نانگ زال کي چيو تہ پڪ اوهين ڪين مرندا:

5 بلڪ خدا کي خبر آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين اهو کائيندا، تنهن ڏينهن اوهانجيون اکيون پٽجي پونديون، ۽ اوهين خدا وانگر ٿيندا، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهندا.

6 جڏهن زال ڏٺو تہ هن وڻ جو ميوو کائڻ لاءِ چڱو، ڏسڻ ۾ سهڻو، ۽ سمجهہ ڏيڻ لاءِ سٺو آهي، تڏهن اهو ميوو ڇني پاڻ بہ کاڌائين، ۽ پنهنجي مڙس کي بہ ڏنائين، ۽ هن بہ کاڌو.

7 تڏهن ٻنهي جون اکيون پٽجي پيون ۽ سمجهڻ لڳا تہ اسين اُگهاڙا آهيون؛ ۽ انجير جا پن سبي پنهنجي لاءِ لانگوٽا جوڙيائون.

8 ۽ ڏينهن ٺرئي جڏهن خداوند خدا باغ ۾ پئي گهميو، تڏهن هنن سندس آواز ٻڌو، ۽ آدم ۽ سندس زال خداوند جي حضوريءَ کان هٽي باغ جي وڻن ۾ وڃي لڪي ويٺا.

9 تڏهن خداوند آدم کي سڏي چيو تہ تون ڪٿي آهين؟

10 هن چيو تہ مون باغ ۾ تنهنجو آواز ٻڌو ۽ ڊڄي ويس، ڇو تہ آءٌ اُگهاڙو هوس؛ تنهنڪري پاڻ کي لڪايم.

11 هن چيس تہ توکي ڪنهن ٻڌايو تہ تون اُگهاڙو آهين؟ تو انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو ڇا، جنهن جي کائڻ کان مون توکي منع ڪئي هئي؟

12 تڏهن آدم چيو تہ هيءَ زال جا تو مون کي ڏني آهي، تنهن مون کي انهي وڻ جو ميوو ڏنو ۽ مون کاڌو.

13 تڏهن خداوند خدا زال کي چيو تہ تو هي ڇا ڪيو؟ زال چيو تہ، نانگ مون کي ڀنڀلايو ۽ مون کاڌو.

14 تڏهن خداوند خدا نانگ کي چيو تہ جيئن تہ تو هي ڪم ڪيو آهي، تنهن ڪري تون سڀني ڍورن ۽ جهنگلي جانورن ۾ لعنتي آهين؛ تون پيٽ ڀر رڙهي هلندين ۽ سڄي حياتي مٽي کائيندين:

15 ۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.

16 پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.

17 ۽ آدم کي چيائين، جيئن تہ تو پنهنجيءَ زال جو چيو مڃي انهيءَ وڻ جو ميوو کاڌو، جنهن بابت مون توکي حڪم ڪيو هو تہ اهو نہ کائج، انهيءَ لاءِ زمين تنهنجي ڪري لعنتي ٿي، تون پنهنجي سڄي حياتي محنت ڪري، انهيءَ جي پيدائش مان پنهنجو گذران ڪندين؛

18 انهيءَ مان تو لاءِ ڪنڊيون ۽ ڪانڊيرا اُڀرندا ۽ تون ٻنيءَ جي ڀاڄي کائيندين؛

19 تون پنهنجي بت جي پگهر جي ماني کائيندين، جيسين ڪ تون موٽي زمين ۾ وڃين؛ ڇا لاءِ جو تون انهيءَ مان نڪتو هئين: تون مٽي آهين ۽ وري بہ مٽيءَ ۾ موٽي ويندين.

20 ۽ آدم پنهنجيءَ زال جو نالو حوا رکيو، ڇالاءِ جو هوءَ سڀني ساهوارن جي ماءُ هئي.

21 ۽ خداوند خدا آدم ۽ سندس زال جي لاءِ چم جا ڪپڙا ٺاهي کين پهرايا.

22 ۽ خداوند خدا چيو تہ ڏسو انسان نيڪيءَ ۽ بديءَ کي سمجهڻ ۾ اسان جهڙو ٿي پيو آهي؛ هاڻي ائين نہ ٿئي جو پنهنجو هٿ ڊگهيري زندگيءَ جي وڻ مان بہ ڪجهہ ڇني کائي ۽ سدائين جيئرو رهي.

23 تنهنڪري خداوند خدا هن کي عدن جي باغ مان ڪڍي ڇڏيو، تہ زمين، جنهن مان هو نڪتو آهي، تنهن کي پوکي.

24 سو هن آدم کي ڪڍي ڇڏيو؛ ۽ عدن جي باغ جي اُڀرندي پاسي ڪروبي ۽ چوڌاري گهمندڙ ۽ چمڪندڙ ترار رکيائين تہ زندگيءَ جي وڻ جي واٽ جي چوڪيداري ڪن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan