پيدائش 28 - Sindhi Bible1 سو اسحاق، يعقوب کي سڏي، کيس برڪت ڏني ۽ تاڪيد ڪري چيائينس تہ ڪنعان جي ڇوڪرين منجهان ڪنهن سان بہ شادي نہ ڪج. 2 اٿي فدان ارام ۾ پنهنجي ناني بيتوايل جي گهر وڃ، ۽ اتي پنهنجي مامي لابن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان شادي ڪج. 3 شل خدا، قادر مطلق توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي، ۽ تو مان گهڻيون قومون پيدا ٿين. 4 شل توکي ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد کي، ابرهام واري برڪت ڏئي، تہ هي ملڪ، جو خدا ابرهام کي ڏنو هو، ۽ جنهن ۾ تون مسافر ٿي پيو گذارين، سو توکي ورثي ۾ ملي. 5 پوءِ اسحاق يعقوب کي روانو ڪيو، ۽ هو فدان ارام ۾ لابن وٽ ويو، جو بيتوايل اراميءَ جو پٽ، ۽ يعقوب ۽ عيسوءَ جي ماءُ ربقہ جو ڀاءُ هو. 6 هاڻي عيسوءَ ڏٺو تہ اسحاق يعقوب کي برڪت ڏيئي فدان ارام ڏانهن موڪليو آهي، تہ اتي وڃي شادي ڪري، ۽ برڪت ڏيڻ مهل کيس تاڪيد ڪيو اٿس تہ تون ڪنعان جي ڇوڪرين مان ڪنهن سان بہ شادي نہ ڪج، 7 ۽ يعقوب پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃي فدان ارام ڏانهن ويو آهي، 8 ۽ عيسوءَ اهو بہ ڏٺو تہ ڪنعان جون ڇوڪريون منهنجي پيءُ اسحاق کي نٿيون وڻن: 9 تڏهن عيسو اسماعيل وٽ ويو ۽ جيڪي زالون اڳيئي هيس، تن کان سواءِ ابرهام جي پٽ اسماعيل جي ڌيءَ نبايوت سان شادي ڪيائين. 10 سو يعقوب بيرسبع مان نڪري حاران ڏانهن روانو ٿيو. 11 ۽ هو هڪڙي هنڌ اچي پهتو ۽ سڄي رات اتي رهيو، ڇالاءِ جو سج لهي ويو هو. ۽ اتي پهڻن مان هڪڙو کڻي پنهنجي مٿي هيٺ رکيائين، ۽ انهيءَ هنڌ ليٽي سمهي پيو. 12 اتي هن هڪڙو خواب لڌو، ۽ ڇا ٿو ڏسي تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي ٿي رکي آهي، ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي؛ ۽ ڏسي تہ خدا جا فرشتا انهيءَ تي پيا لهن چڙهن. 13 ۽ ڏسي تہ خداوند انهيءَ جي مٿان بيٺو آهي، ۽ چويس ٿو تہ آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابرهام جو خدا، ۽ اسحاق جو خدا آهيان. جنهن زمين تي تون ستو پيو آهين، سا آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ 14 ۽ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ٿيندو، ۽ تون الهندي ڏانهن، ۽ اڀرندي ڏانهن، ۽ اُتر ڏانهن ۽ ڏکڻ ڏانهن پکڙجي ويندين، ۽ تنهنجي، ۽ تنهنجي نسل جي ڪري زمين جي سڀني قبيلن کي برڪت ملندي. 15 ڏس، آءٌ تو ساڻ آهيان، ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جيڪي توکي چيو اٿم، سو جيسين پورو نہ ڪريان، تيسين توکي ڇڏي ڪين ڏيندس. 16 تڏهن يعقوب ننڊ مان جاڳي پيو ۽ چوڻ لڳو تہ ضرور خداوند هن هنڌ موجود آهي، پر مون کي انهيءَ جي خبر ڪانہ هئي. 17 سو هو ڊڄي ويو، ۽ چوڻ لڳو تہ هي ڪهڙو نہ خوفناڪ هنڌ آهي! هي ٻيو ڪي بہ نہ، پر خدا جو گهر آهي، ۽ اهوئي آسمان جو دروازو آهي. 18 پوءِ يعقوب صبح جو سوير اُٿيو، ۽ جيڪو پهڻ مٿي هيٺان رکيو هئائين، سو کڻي اتي ٿنڀ وانگي کوڙي ڇڏيائين، ۽ انهيءَ جي مٿان تيل اوتيائين. 19 ۽ انهيءَ هنڌ جو نالو بيت ايل (خدا جو گهر) رکيائين؛ پر اڳ ۾ انهيءَ هنڌ جو نالو لوز هو. 20 اتي يعقوب هڪڙي مڃت مڃي ۽ چيائين تہ جيڪڏهن خدا مون ساڻ هوندو، ۽ جا واٽ آءٌ وڃان ٿو، تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندو، ۽ مون کي کائڻ لاءِ ماني ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙو ڏيندو رهندو، 21 تہ آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گهر اچان، تہ پوءِ خداوند منهنجو خدا ٿيندو، 22 ۽ هي پهڻ، جو مون ٿنڀ وانگي کوڙيو آهي، سو خدا جو گهر ٿيندو: ۽ جيڪي تون مون کي ڏيندين، تنهن جو ڏهون حصو آءٌ ضرور توکي ڏيندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society