Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 26 - Sindhi Bible

1 هاڻي ابرهام جي ڏينهن ۾ جو پهريون ڏڪار انهيءَ ملڪ ۾ پيو هو، تنهن کان پوءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي پيو. ۽ اسحاق، فلستين جي بادشاهہ ابي ملڪ وٽ جرار ۾ ويو.

2 ۽ خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ مصر ڏانهن نہ وڃ، پر جنهن ملڪ بابت آءٌ توکي چوان تنهن ۾ رهہ.

3 تون هن ئي ملڪ ۾ رهي پئُہ، ۽ آءٌ توسان هوندس ۽ توکي برڪت ڏيندس: ڇالاءِ جو آءٌ هي سڀ ملڪ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابرهام سان کنيو آهي، سو پورو ڪندس.

4 آءٌ تنهنجو اولاد آسمان جي تارن وانگر وڌائيندس ۽ هي سڀ ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس؛ ۽ تنهنجي نسل مان زمين جي سڀني قومن کي برڪت ملندي؛

5 ڇالاءِ جو ابرهام منهنجو چوڻ مڃيو ۽ منهنجيءَ هدايت، ۽ منهنجن حڪمن، ۽ منهنجن قانونن، ۽ منهنجن قاعدن تي عمل ڪيائين.

6 سو اسحاق جرار ۾ رهڻ لڳو:

7 ۽ انهيءَ هنڌ جي ماڻهن کانئس سندس زال بابت پڇيو؛ ۽ هن چيو تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي: ڇالاءِ جو هو پنهنجي زال چوڻ کان ڊنو ٿي، جو سمجهيائين تہ متان هن هنڌ جا ماڻهو ربقہ جي ڪري مون کي ماري وجهن: ڇو تہ هوءَ ڏسڻ ۾ سهڻي هئي.

8 ۽ هو اتي ڪيترائي ڏينهن رهيو، پوءِ هيئن ٿيو جو فلستين جي بادشاهہ دريءَ مان ٻاهر نهاريندي ڏٺو تہ اسحاق پنهنجيءَ زال ربقہ سان ويٺو لاڏ ڪري.

9 تڏهن ابي ملڪ، اسحاق کي چيو تہ ڏس، مون کي پڪ آهي تہ هيءَ تنهنجي زال آهي، پوءِ تو ڪيئن چيو تہ هيءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ تڏهن اسحاق چيس تہ انهيءَ لاءِ تہ مون سمجهيو تہ متان هن جي ڪري آءٌ ماريو وڃان.

10 تنهن تي ابي ملڪ چيو تہ تو اسان سان هي ڇا ڪيو؟ ائين تہ هنن ماڻهن مان ڪوبہ تنهنجيءَ زال سان صحبت ڪري سگهي ها، ۽ پوءِ تون اسان تي ڏوهہ مڙهين ها.

11 پوءِ ابي ملڪ سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري حڪم ڏنو تہ جيڪو هن ماڻهو يا سندس زال کي هٿ لائيندو، سو ضرور ماريو ويندو.

12 ۽ اسحاق انهيءَ زمين ۾ پوک ڪئي، ۽ ساڳئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ۽ خداوند کيس برڪت ڏني.

13 ۽ هو شخص وڏو ٿيو ۽ وڌندو ويو، تان جو وڏو امير ٿي پيو:

14 ۽ وٽس ڌڻ، ۽ ڍور، ۽ گهڻيئي نوڪر هئا، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا.

15 هاڻي، جيڪي کوهہ سندس پيءُ ابرهام جي ڏينهن ۾ ابرهام جي نوڪرن کوٽيا هئا، سي سڀ فلستين مٽيءَ سان ڀري بند ڪري ڇڏيا.

16 ۽ ابي ملڪ، اسحاق کي چيو تہ اسان وٽان هليو وڃ؛ ڇالاءِ جو تون اسان کان وڌيڪ زور وارو آهين.

17 سو اسحاق اتان نڪتو ۽ جرار جي ماٿريءَ ۾ وڃي تنبو کوڙي رهيو.

18 ۽ پاڻيءَ جا کوهہ، جيڪي هنن سندس پيءُ ابرهام جي ڏينهن ۾ کوٽيا هئا، سي اسحاق وري کوٽايا؛ ڇالاءِ جو فلستين، ابرهام جي مرڻ کان پوءِ اُهي بند ڪري ڇڏيا هئا. ۽ انهن تي اهي ئي نالا بہ رکيائين، جيڪي پڻس رکيا هئا.

19 جڏهن اسحاق جي نوڪرن انهيءَ ماٿريءَ ۾ زمين کوٽي، تڏهن هڪڙو کوهہ لڌائون جنهن ۾ پاڻيءَ جو چشمو هو.

20 ۽ جرار جي ڌنارن، اسحاق جي ڌنارن سان جهيڙو ڪيو ۽ چيائون تہ هي پاڻي اسان جو آهي: ۽ هن انهيءَ چشمي جو نالو عسق (جهيڙو) رکيو، ڇو تہ هنن ساڻس جهيڙو ڪيو.

21 پوءِ هنن ٻيو کوهہ کوٽيو ۽ انهي تان بہ انهن جهيڙو ڪيو، ۽ هن انهي جو نالو ستنہ (دشمني) رکيو.

22 پوءِ هو اتان وڌي اڳتي ويو ۽ هڪڙو ٻيو کوهہ کوٽيائين؛ ۽ انهيءَ تان هنن تڪرار ڪونہ ڪيو. تنهنڪري انهي جو نالو رحوبوت (ڪشادو) رکيائين ۽ چيائين تہ هاڻي خداوند اسان کي جاءِ ڏني آهي، ۽ اسين هن ملڪ ۾ وڌنداسين.

23 اتان هو بيرسبع ڏانهن ويو.

24 ۽ انهيءَ ساڳيءَ رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ تنهنجي پيءُ جو خدا آهيان: تون ڊپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان. آءٌ توکي برڪت ڏيندس ۽ پنهنجي ٻانهي ابرهام جي ڪري، تنهنجو اولاد وڌائيندس.

25 پوءِ هن اتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙي، ۽ خداوند کان دعا گهريائين، ۽ اتي پنهنجو تنبو کوڙيائين، ۽ اتي اسحاق جي نوڪرن هڪڙو کوهہ کوٽيو.

26 پوءِ ابي ملڪ جرار مان وٽس آيو، ۽ هن جو دوست اَخوزت، ۽ سپهہ سالار فيڪل بہ هن سان گڏ هئا.

27 ۽ اسحاق هنن کي چيو تہ جڏهن اوهين منهنجي حقارت ٿا ڪريو، ۽ مون کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو اٿوَ، تڏهن مون وٽ ڇو آيا آهيو؟

28 تنهن تي هنن چيو تہ اسان چٽيءَ طرح ڏٺو آهي، تہ خدا تو ساڻ آهي؛ سو اسان چيو تہ هاڻي اسين، يعني اسين ۽ تون، پاڻ ۾ قسم کڻون، ۽ اسين تو سان عهد ڪريون.

29 ۽ جيئن اسان توکي هٿ نہ لاتو آهي ۽ نيڪيءَ کان سواءِ تو سان ٻيو ڪي بہ ڪين ڪيو اٿئون، ۽ توکي صحيح سلامت روانو ڪيوسين؛ تيئن تون بہ اسان سان ڪا برائي نہ ڪندين، جو هاڻ تون خداوند جو مبارڪ آهين.

30 تڏهن هن سندن مهماني ڪئي ۽ هنن کاڌو پيتو،

31 ۽ هو صبح جو سوير اُٿيا ۽ هڪ ٻئي سان قسم کنيائون. پوءِ اسحاق کين موڪل ڏني ۽ هو صحيح سلامت وٽانئس روانا ٿيا.

32 ۽ انهيءَ ساڳئي ڏينهن هيئن ٿيو جو اسحاق جي نوڪرن اچي کيس چيو تہ جيڪو کوهہ اسان کوٽيو هو، تنهن مان پاڻي نڪتو آهي.

33 سو هن انهيءَ جو نالو سبع رکيو، تنهنڪري اڄ ڏينهن تائين انهي شهر جو نالو بيرسبع ٿو سڏجي.

34 جڏهن عيسو چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن بيري حتيءَ جي ڌيءَ يهودٿا، ۽ ايوان حتيءَ جي ڌيءَ بشامٿا سان شادي ڪيائين.

35 ۽ انهن اسحاق ۽ ربقہ کي ڏاڍو ڏک ڏنو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan