Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 25 - Sindhi Bible

1 پوءِ ابرهام وري ٻي زال پرڻيو، جنهن جو نالو قتورہ هو.

2 انهيءَ کي منجهانئس زمران، يقسان، مدان، مريان، اسباق ۽ سوخ پيدا ٿيا.

3 ۽ يقسان مان سبا ۽ ددان پيدا ٿيا. ۽ ددان جا پٽ اسوري، لطوسي ۽ لومي هئا.

4 ۽ مديان جا پٽ عيفاہ، عفر، حنوڪ، ابيداع ۽ الدوعا هئا. هي سڀ قتورہ جو اولاد هو.

5 ۽ ابرهام وٽ جيڪي هو سو سڀ اسحاق کي ڏنائين.

6 پر جيڪي ابرهام جي سرتين جا پٽ هئا، تن کي بہ بخششون ڏيئي، پنهنجي جيئري پنهنجي پٽ اسحاق کان ڌار ڪري، اڀرندي واري ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.

7 ابرهام جي سڄي عمر هڪ سؤ پنجهتر ورهيہ هئي.

8 پوءِ ابرهام ساهہ ڏنو. هو ٻڍو ۽ پير مرد ٿي وڏيءَ ڄمار ۾ مئو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.

9 ۽ سندس پٽن اسحاق ۽ اسماعيل کيس صحر حتيءَ جي پٽ عفرون جي ٻنيءَ واري مڪفيلہ جي غار ۾ دفن ڪيو، جا ممريءَ جي سامهون آهي؛

10 اها ساڳي ٻني، جا ابرهام حت جي پٽن کان خريد ڪئي هئي: اتي ابرهام ۽ سندس زال سارہ دفن ڪيا ويا.

11 ۽ ابرهام جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو خدا، سندس پٽ اسحاق کي برڪت ڏني، ۽ اسحاق بيرلحي روئي ۾ رهڻ لڳو.

12 هاڻي ابرهام جو پٽ اسماعيل، جو سارہ جي ٻانهيءَ هاجرہ کي ابرهام مان ڄائو هو، تنهن جو نسب نامو هن ريت آهي.

13 اسماعيل جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن: اسماعيل جو وڏو پٽ نبايوت هو، ۽ ٻيا هئا قيدار، ادبئيل، مبسام،

14 مشماع، دومہ، مسا،

15 حدو، تيما، يطور، نفيس، ۽ قدمہ.

16 اسماعيل جا پٽ اهي هئا، ۽ انهن جي نالن موجب سندن ڳوٺن ۽ منزلگاهن جا نالا پيا؛ ۽ اهي ئي سندن قومن جا ٻارهن سردار هئا.

17 اسماعيل جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي: پوءِ هن ساهہ ڏنو ۽ وڃي پنهنجن ۾ گڏيو.

18 ۽ اهي حويلہ کان شور تائين رهندا هئا، جو اسور ڏانهن ويندي مصر جي سامهون آهي، ۽ هو پنهنجن سڀني ڀائرن جي سامهون رهندو آيو.

19 هاڻي ابرهام جي پٽ اسحاق جو نسب نامو هن ريت آهي: ابرهام مان اسحاق پيدا ٿيو.

20 ۽ جڏهن اسحاق چاليهن ورهين جو ٿيو، تڏهن ربقہ، جا فدان ارام واري بيتوايل اراميءَ جي ڌيءَ، ۽ لابن اراميءَ جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪيائين.

21 ۽ اسحاق پنهنجيءَ زال جي لاءِ خداوند کان دعا گهري؛ ڇالاءِ جو هوءَ سنڍ هئي: ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي ۽ هن جي زال ربقہ حاملہ ٿي،

22 ۽ ٻار سندس پيٽ ۾ چُرڻ پرڻ لڳا، تڏهن هن چيو تہ ڇو منهنجو هي حال ٿيو آهي؟ تنهنڪري هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي.

23 ۽ خداوند چيس تہ تنهنجي پيٽ ۾ ٻہ قومون آهن، ۽ ٻہ امتون تنهنجي پيٽ مان ئي هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون: ۽ هڪڙي اُمت ٻيءَ کان زور واري ٿيندي؛ ۽ وڏي ننڍيءَ جي خدمت ڪندي.

24 پوءِ جڏهن هن جي ويامڻ جا ڏينهن اچي ڀريا، تڏهن ڏٺائون تہ سندس پيٽ ۾ جاڙا ٻار هئا.

25 پهريون ڳاڙهو نڪتو ۽ هن جو بت پوستين وانگر هو، تنهنڪري انهي جو نالو عيسو رکيائون.

26 تنهن کان پوءِ سندس ڀاءُ پنهنجي هٿ ۾ عيسو جي کڙي جهلي نڪتو، ۽ انهي جو نالو يعقوب رکيائون: جڏهن اسحاق کي هي ٻار ڄاوا، تڏهن هو سٺ ورهين جو هو.

27 پوءِ ڇوڪرا وڏا ٿيا، ۽ عيسو هوشيار شڪاري ۽ جهنگ ۾ گذاريندڙ هو؛ ۽ يعقوب سادو ماڻهو ۽ تنبن ۾ رهندڙ هو.

28 هاڻي اسحاق عيسوءَ کي پيار ڪندو هو؛ ڇالاءِ جو هو کيس پنهنجي شڪار جو گوشت کارائيندو هو، پر ربقہ جو پيار يعقوب تي هو.

29 هڪڙي ڏينهن يعقوب ٻوڙ ويٺي رڌو تہ عيسو جهنگ مان آيو، ۽ ڏاڍو ٿڪل هو،

30 ۽ عيسوءَ يعقوب کي عرض ڪري چيو تہ انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي کاراءِ، ڇالاءِ جو آءٌ ماندو ٿو ٿيان: انهيءَ ڪري هن جو نالو ادوم (ڳاڙهو) پئجي ويو.

31 تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ تون پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق مون کي وڪڻي ڏي.

32 تنهن تي عيسوءَ چيو تہ ڏس، آءٌ مرڻ تي آهيان: ۽ پهريتي هئڻ جي حق مان مون کي ڪهڙو فائدو رسندو؟

33 تڏهن يعقوب چيو تہ اڄ مون سان قسم کڻ ۽ هن ساڻس قسم کنيو، ۽ پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق يعقوب کي وڪڻي ڇڏيائين.

34 پوءِ يعقوب، عيسوءَ کي ماني ۽ مسور جي دال ڏني، ۽ هو کائي پي اُٿيو ۽ پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو. انهيءَ طرح عيسوءَ پنهنجي پهريتي هئڻ جي حق کي حقير سمجهيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan