پيدائش 20 - Sindhi Bible1 پوءِ ابرهام اتان نڪري ڏکڻ ڏانهن مسافري ڪندو، قادس ۽ شور جي وچ ۾ آيو؛ ۽ جرار ۾ اچي رهيو. 2 ۽ اتي ابرهام پنهنجيءَ زال سارہ نالي چيو تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي. تڏهن جرار جي بادشاهہ ابي ملڪ ماڻهو موڪلي، سارہ کي گهرائي ورتو. 3 پر خدا رات جي وقت خواب ۾ ابي ملڪ وٽ آيو ۽ چيائينس تہ جيڪا زال تو پاڻ وٽ گهرائي آهي، تنهن جي ڪري تون پاڻ کي مئل سمجهہ؛ ڇالاءِ جو اُها ٻئي ماڻهوءَ جي زال آهي. 4 هاڻي ابي ملڪ هن جي ويجهو نہ ويو هو، ۽ هن چيو تہ خداوند تون ڪنهن سچيءَ قوم کي قتل ڪندين ڇا؟ 5 هن پاڻ مون کي ڪين چيو ڇا تہ هوءَ منهنجي ڀيڻ آهي؟ ۽ خود هن زال ڪين چيو ڇا تہ هو منهنجو ڀاءُ آهي؟ مون تہ هي ڪم پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ سان ڪيو ۽ هٿ جي پاڪيزگيءَ سان ڪيو آهي. 6 تڏهن خدا هن کي خواب ۾ چيو تہ بيشڪ، مون کي خبر آهي تہ تو هي ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ مون بہ توکي پنهنجي برخلاف گناهہ ڪرڻ کان روڪي ورتو، ۽ انهيءَ کي هٿ لائڻ نہ ڏنو. 7 سو تون انهي ماڻهوءَ جي زال کيس موٽائي ڏي؛ ڇالاءِ جو هو نبي آهي، ۽ هو تو لاءِ دعا گهرندو ۽ تون جيئرو رهندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين، تہ پڪ ڄاڻ تہ تون ۽ ٻيا جيڪي تنهنجا آهن، سي ضرور مرندا. 8 پوءِ ابي ملڪ صبح جو سوير اٿي پنهنجن سڀني نوڪرن کي سڏيو ۽ کين اهي ڳالهيون ٻڌايائين، تنهن تي اهي ماڻهو ڏاڍو ڊڄي ويا. 9 پوءِ ابي ملڪ ابرهام کي سڏي چيو تہ تو هي اسان سان ڇا ڪيو آهي؟ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو، جو تو مون تي ۽ منهنجي بادشاهت تي هڪڙو وڏو گناهہ آندو آهي؟ تو مون سان اهڙا ڪم ڪيا آهن، جي توکي ڪرڻ نہ گهربا هئا. 10 ۽ ابي ملڪ ابرهام کي چيو تہ تو ڇا ڏٺو، جو اهو ڪم ڪيو اٿئي؟ 11 تڏهن ابرهام چيو تہ ڇالاءِ جو مون سمجهيو تہ هن هنڌ خدا جو خوف بلڪل ڪونهي، ۽ ماڻهو مون کي منهنجيءَ زال جي سبب ماري وجهندا. 12 تنهن کان سواءِ هوءَ سچ پچ منهنجي ڀيڻ آهي، جو منهنجي پيءُ جي ڌيءَ آهي، پر نہ منهنجيءَ ماءُ جي، ۽ پوءِ هوءَ منهنجي زال ٿي. 13 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا مون کي چيو تہ پنهنجي پيءُ جو گهر ڇڏي پرديس ۾ وڃ، تڏهن مون هن کي چيو تہ اها تنهنجي مون تي مهرباني ٿيندي تہ جنهن جنهن هنڌ پاڻ هلون، اتي تون منهنجي نالي چئج تہ هي منهنجو ڀاءُ آهي. 14 تڏهن ابي ملڪ ابرهام کي رڍون، ڏاند، غلام ۽ ٻانهيون ڏنيون، ۽ سندس زال سارہ بہ موٽائي ڏنائينس. 15 ۽ ابي ملڪ چيو تہ ڏس منهنجو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جتي وڻيئي اتي رهہ. 16 ۽ سارہ کي چيائين تہ ڏس، مون تنهنجي ڀاءُ کي چانديءَ جا هزار سڪا ڏنا آهن؛ تہ جيڪي ماڻهو تو سان آهن، تن سڀني جي اڳيان، اهو تنهنجي لاءِ اکين جو پردو ٿيندو، ۽ انهن سڀني جي روبرو تون بي عيب آهين. 17 پوءِ ابرهام خدا کان دعا گهري ۽ خدا ابي ملڪ کي، ۽ سندس زال کي، ۽ سندس ٻانهين کي، ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪيو، ۽ انهن ٻار ڄڻيا. 18 ڇالاءِ جو خدا ابرهام جي زال سارہ جي ڪري ابي ملڪ جي گهر جي زالن جا پيٽ بلڪل بند ڪري ڇڏيا هئا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society