Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 2 - Sindhi Bible

1 انهيءَ طرح آسمان ۽ زمين ۽ سندن سڄي لشڪر جي پيدائش جو ڪم پورو ٿيو.

2 ۽ ستين ڏينهن خدا پنهنجو ڪم پورو ڪيو؛ ۽ جيڪو ڪم ڪيو هئائين تنهن کان ستين ڏينهن فارغ ٿيو.

3 ۽ خدا ستين ڏينهن کي برڪت ڏني، ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين: ڇالاءِ جو انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.

4 هي آسمان ۽ زمين جي پيدائش جو بيان آهي، يعني جنهن ڏينهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان جوڙيو.

5 اڃا تائين زمين تي ڪابہ نباتات ۽ جهنگ جا ٻوٽا ڪونہ اُڀريا هئا: ڇوتہ خداوند خدا زمين تي مينهن ڪونہ وسايو هو، ۽ نڪو انسان هو جو زمين تي پوک ڪري؛

6 پر زمين مان ڪوهيڙو نڪرندو هو، جنهن سان ساري زمين تي ريج ٿيندو هو.

7 ۽ خداوند خدا زمين جي مٽيءَ مان هڪڙو ماڻهو جوڙيو، ۽ انهي جي ناسن ۾ زندگيءَ جو ساهہ ڦوڪيائين؛ تہ هو جيئرو انسان ٿي پيو.

8 ۽ خداوند خدا اُڀرندي ڏانهن عدن ۾ هڪڙو باغ بنايو؛ ۽ انسان، جنهن کي هن جوڙيو هو، تنهن کي انهيءَ ۾ رکيائين.

9 ۽ خداوند خدا زمين مان هر ڪنهن قسم جا وڻ اُڀاريا، جن جو ميوو ڏسڻ ۾ دلپسند ۽ کائڻ ۾ چڱو هو؛ ۽ باغ جي وچ ۾ زندگيءَ جو وڻ، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ جو وڻ بہ اُڀاريائين.

10 ۽ عدن مان هڪڙي ندي باغ کي پاڻي ڏيڻ لاءِ نڪتي؛ ۽ اُتان چئن ڀاڱن ۾ ورهائجي ويئي.

11 پهرينءَ جو نالو فيسون آهي: جا حويلا جي ساري زمين کي گهيري ٿي، جتان سون نڪرندو آهي:

12 انهيءَ زمين جو سون چڱو آهي: ۽ اتي موتي ۽ عقيق بہ ٿئي ٿو.

13 ٻيءَ نديءَ جو نالو جيحون آهي؛ جا ڪوش جي ساريءَ زمين کي گهيري ٿي.

14 ٽين نديءَ جو نالو دجلہ آهي، جا اسور جي اُڀرندي ڏانهن ٿي وڃي. ۽ چوٿين نديءَ جو نالو فرات آهي.

15 ۽ خداوند خدا آدم کي عدن جي باغ ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ جي باغباني ڪري ۽ سنڀالي.

16 ۽ خداوند خدا آدم کي حڪم ڏيئي چيو تہ تون باغ جي سڀ ڪنهن وڻ جو ڦل ڀلي کائيندو رهہ:

17 پر نيڪيءَ ۽ بديءَ جي ٻوجهہ واري وڻ جو ڦل متان کائين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون اُهو کائيندين، تنهن ڏينهن ضرور مرندين.

18 ۽ خداوند خدا چيو تہ اهو چڱو نہ آهي تہ انسان اڪيلو رهي؛ آءٌ هن جي لاءِ هڪڙو سندس جهڙو مددگار جوڙيندس.

19 ۽ خداوند خدا ميدان جا سڀئي جانور ۽ هوا جا سڀ پکي، مٽيءَ مان جوڙيا ۽ کين آدم وٽ آندائين تہ ڏسي تہ هو انهن جا ڪهڙا نالا ٿو رکي. ۽ آدم جنهن جانور کي جيڪي سڏيو، سو ئي هن جو نالو ٿيو.

20 سو آدم سڀني ڍورن، هوا جي پکين، ۽ جهنگلي جانورن جا نالا رکيا؛ پر آدم کي سندس جهڙو ڪوبہ مددگار ڪونہ مليو.

21 پوءِ خداوند خدا آدم تي گهري ننڊ موڪلي، ۽ هو سمهي پيو؛ ۽ هن سندس پاسرين مان هڪڙي پاسري ڪڍي ۽ انهيءَ جي جاءِ تي گوشت ڀريائين:

22 ۽ خداوند خدا انهيءَ پاسريءَ مان، جا آدم مان ڪڍي هئائين، هڪڙي زال جوڙي ۽ انهيءَ کي آدم وٽ وٺي آيو.

23 تڏهن آدم چيو تہ هيءَ منهنجن هڏن مان هڏو ۽ ماس مان ماس آهي: تنهنڪري هيءَ ناري سڏبي، ڇالاءِ جو نر مان آهي.

24 انهيءَ ڪري مرد پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ڇڏي پنهنجيءَ زال سان گڏجي رهندو ۽ اُهي هڪ بدن ٿيندا.

25 ۽ آدم ۽ سندس زال ٻئي اُگهاڙا هئا، تڏهن بہ لڄارا ڪونہ ٿي ٿيا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan