پيدائش 19 - Sindhi Bible1 پوءِ اهي ٻئي فرشتا شام جي وقت سدوم ۾ آيا ۽ لوط سدوم جي منڊيءَ ۾ ويٺو هو؛ جڏهن لوط هنن کي ڏٺو، تڏهن کين گڏجڻ لاءِ اُٿيو ۽ جهڪي سجدو ڪيائين؛ 2 ۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي جي گهر هلي رات اتي رهو، ۽ پنهنجا پير ڌوئو، ۽ صبح جو سوير اٿي، پنهنجي واٽ وٺجو. پر هنن چيو تہ نہ اسين سڄي رات هتي گهٽيءَ ۾ گذارينداسين. 3 پر هن گهڻو زور ڪين، تڏهن هو ڏانهنس وريا، ۽ سندس گهر آيا؛ ۽ هن سندن مهماني ڪئي، ۽ فطيري ماني پچايائين ۽ هنن کاڌو. 4 پر سمهڻ کان اڳي، سدوم شهر جي سڀني پاڙن جا ماڻهو، جوان توڙي ٻڍا، انهيءَ گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا؛ 5 ۽ لوط کي سڏي چيائون تہ جيڪي ماڻهو اڄ رات تو وٽ آيا هئا، سي ڪٿي آهن؟ انهن کي اسان وٽ وٺي اچ تہ ساڻن صحبت ڪريون. 6 تڏهن لوط ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو ۽ پٺيان در بند ڪري ڇڏيائين. 7 ۽ کين چوڻ لڳو تہ ڀائرو، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو. 8 هاڻي ڏسو، منهنجون ٻہ ڌيون آهن جي مرد کان ناواقف آهن؛ جي چئو تہ آءٌ کين اوهان وٽ ٻاهر وٺي اچان، پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن ساڻن ڪريو: پر هنن ماڻهن کي ڪجهہ نہ ڪريو، ڇو تہ هو منهنجي پُکي هيٺ آيا آهن. 9 تڏهن هنن چيس تہ پري ٿي بيهہ. پوءِ هو چوڻ لڳا تہ هي پرديسي، جو هتي گذران ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو هاڻي حڪومت ٿو هلائي؛ هاڻي اسين تو سان هنن کان بہ وڌيڪ خراب هلت ڪنداسين. پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ، يعني لوط کي، ڌڪا ڏيڻ لڳا ۽ در ڀڃڻ تي هئا، 10 تہ ايتري ۾ انهن ماڻهن پنهنجو هٿ ڊگهيري لوط کي ڇڪي پاڻ ڏانهن گهر ۾ آندو ۽ پوءِ در بند ڪري ڇڏيائون. 11 ۽ جيڪي ننڍا وڏا ماڻهو گهر جي در تي بيٺا هئا، تن کي انڌو ڪري ڇڏيائون، اهڙو جو هو در ڳولي ڳولي رهجي ويا. 12 پوءِ انهن ماڻهن لوط کي چيو تہ هتي تنهنجو ڪو ٻيو بہ آهي؟ ناٺي، پٽ، ڌيون، ۽ ٻيو جيڪي تنهنجو هن شهر ۾ هجي، تنهن کي ساڻ ڪري هن شهر مان نڪري وڃ: 13 ڇالاءِ جو اسين هن شهر کي برباد ڪنداسين، ڇو تہ هن جي دانهن خداوند وٽ تمام گهڻي ٿي آهي، ۽ خداوند اسان کي هن جي برباد ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. 14 ۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري. 15 پوءِ جڏهن پرهہ ڦٽي، تڏهن فرشتن لوط کي چيو تہ اُٿ، پنهنجي زال ۽ ٻہ ڌيون جي هتي آهن، تن کي وٺي هتان هليو وڃ. ائين نہ ٿئي تہ جيڪا آفت هن شهر تي اچڻي آهي، تنهن ۾ تون بہ برباد ٿي وڃين. 16 تنهن هوندي بہ هن اڃا پئي ڍرائي ڪئي؛ پر جيئن تہ خداوند مٿس مهربان هو، سو اهي ماڻهو کيس، ۽ سندس زال، ۽ سندس ڌيئرن کي هٿ کان وٺي، کين شهر کان ٻاهر ڪڍي آيا. 17 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو کين ٻاهر ڪڍي آيا، تڏهن چيائينس تہ هاڻي پنهنجو ساهہ بچائي اٿي ڀڄ؛ پنهنجي پٺيان اصل نہ نهارج، نڪي هن ساري ميدان ۾ ڪٿي ترسج؛ پر جبل ڏانهن ڀڄي وڃ، متان تون بہ برباد ٿين. 18 ۽ لوط کين چيو تہ اي منهنجا سائين، ائين نہ ڪر. 19 هاڻي ڏس، تو پنهنجي ٻانهي تي مهر جي نظر ڪئي آهي، ۽ تو مون تي ايڏو وڏو فضل ڪيو، جو منهنجو ساهہ بچايو اٿئي، هاڻي آءٌ جبل ڏانهن ڀڄي نٿو سگهان، متان اها آفت مون تي اچي پوي، ۽ آءٌ مري وڃان. 20 هاڻي ڏس، هي شهر ويجهو آهي، اتي ڀڄي وڃڻ سولو ٿيندو، ۽ اهو شهر بہ ننڍڙو آهي: سو مون کي موڪل ڏي تہ اوڏانهن ڀڄي وڃان، (اهو شهر ننڍڙو ڪين آهي ڇا؟) اتي منهنجو ساهہ بچي پوندو. 21 تڏهن هن چيس تہ ڏس، مون هن بابت تنهنجو عرض قبول ڪيو آهي، ۽ جنهن شهر جي نالي تون چوين ٿو، تنهن کي برباد نہ ڪندس. 22 تون جلدي ڪري اوڏانهن ڀڄي وڃ؛ ڇالاءِ تہ جيسين تون اتي نہ پهچندين، تيسين آءٌ ڪي بہ ڪين ڪري سگهندس. تنهنڪري انهيءَ شهر جو نالو ضغر پئجي ويو. 23 ۽ جنهن وقت لوط ضغر ۾ پهتو، تنهن وقت سج اُڀري چڪو هو. 24 پوءِ خداوند سدوم ۽ عمورہ تي آسمان مان خداوند وٽان گندرف ۽ باهہ وسائي؛ 25 ۽ انهن شهرن کي، ۽ ساري ميدان کي، ۽ انهن شهرن جي سڀني رهاڪن کي، ۽ جيڪي زمين تي اُڀريو هو، تنهن کي برباد ڪري ڇڏيائين. 26 پر لوط جي زال منهن ڦيرائي پٺ تي نهاريو ۽ هوءَ لوڻ جو ٿنڀ ٿي پيئي. 27 ۽ ابرهام صبح جو سوير اٿي، انهيءَ هنڌ ويو، جتي هو خداوند جي حضور ۾ بيٺو هو: 28 ۽ هن سدوم ۽ عمورہ ڏانهن ۽ ميدان جي ساريءَ زمين ڏانهن نهاريو، ۽ ڇا ٿو ڏسي تہ انهيءَ زمين جو دونهون کوري جي دونهين وانگر مٿي پيو چڙهي. 29 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو، تڏهن خدا ابرهام جي يادگيري ڪئي ۽ جن شهرن ۾ لوط رهندو هو، تن کي برباد ڪرڻ وقت لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين. 30 پوءِ لوط ضغر مان نڪري وڃي جبل ۾ رهيو، ۽ سندس ٻہ ڌيون بہ ساڻس هيون؛ ڇالاءِ جو هو ضغر ۾ رهڻ کان ڊنو ٿي، تنهنڪري پنهنجين ٻنهي ڌيئرن سوڌو وڃي جبل جي غار ۾ رهيو. 31 پوءِ وڏيءَ ننڍيءَ کي چيو تہ اسان جو پيءُ ٻڍو آهي ۽ زمين تي ڪو ٻيو ماڻهو ڪونهي جو ساري جهان جي دستور موجب اسان وٽ اچي. 32 تنهنڪري اچ تہ اسين پنهنجي پيءُ کي مئي پياري ساڻس گڏ سمهون، تہ اسين پنهنجي پيءُ جو نسل قائم رکون. 33 سو هنن انهيءَ رات پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ وڏي وڃي پنهنجي پيءُ سان گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي. 34 ۽ صبح جو هيئن ٿيو جو وڏيءَ ننڍيءَ کي چيو تہ ڏس، ڪالهہ رات آءٌ پنهنجي پيءُ سان سُتي هيس: اچ تہ اڄ رات بہ هن کي مئي پياريون ۽ تون وڃي ساڻس گڏ سمهہ، تہ اسين پنهنجي پيءُ جو نسل قائم رکون. 35 سو انهن انهيءَ رات بہ پنهنجي پيءُ کي مئي پياري، ۽ ننڍي اُٿي وڃي ساڻس گڏ سُتي؛ پر هن کي اهو سماءُ ڪونہ رهيو تہ هوءَ ڪڏهن سُتي ۽ ڪڏهن اٿي. 36 انهيءَ طرح لوط جون ٻئي ڌيون پيءُ مان پيٽ سان ٿيون. 37 پوءِ وڏيءَ کي پٽ ڄائو، جنهن جو نالو موآب رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي موآبي آهن، تن جو هو ابو آهي. 38 ۽ ننڍيءَ کي بہ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو بن عمي رکيائين، ۽ اڄ ڏينهن تائين جيڪي امون جو اولاد ٿا سڏجن، تن جو هو ابو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society