پيدائش 18 - Sindhi Bible1 وري ٻنپهرن جي وقت جڏهن هو پنهنجي تنبوءَ جي در وٽ ويٺو هو، تڏهن ممريءَ جي شاہ بلوطن ۾ خداوند کيس ڏيکاري ڏني. 2 ۽ هن پنهنجون اکيون مٿي کڻي نهاريو تہ ٽي ماڻهو پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺائين، ۽ انهن کي ڏسي، هو پنهنجي تنبوءَ جي در تان ڊوڙي کين گڏجڻ ويو، ۽ جهڪي سجدو ڪيائين، 3 ۽ چيائين تہ اي منهنجا سائين، آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ جيڪڏهن تنهنجي مهر جي نظر مون تي ٿي آهي تہ هاڻي پنهنجي ٻانهي وٽان هليو نہ وڃ. 4 آءٌ ٿورو پاڻي آڻيان ٿو، اوهين پنهنجا پير ڌوئي هن وڻ جي هيٺ آرام ڪريو: 5 ۽ آءٌ مانيءَ ٽڪر کڻي ٿو اچان، سو کائي آرام ڪريو، ۽ پوءِ هليا وڃجو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ لاءِ اوهين پنهنجي ٻانهي وٽ آيا آهيو. تڏهن هنن چيس تہ جيئن چيو اٿئي، تيئن ڀلي ڪر. 6 پوءِ ابرهام تڪڙو تڪڙو تنبوءَ ۾ سارہ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ جلدي ڪري ٽي ماڻ اٽو ڳوهي مانيون پچائي وٺ. 7 ۽ ابرهام پاڻ ڌڻ ڏانهن ويو ۽ هڪڙو ٿلهو متارو وهڙو آڻي نوڪر کي ڏنائين، ۽ هن اهو جلد پچائي تيار ڪيو. 8 پوءِ مکڻ، کير، ۽ پڪل وهڙو آڻي هنن جي اڳيان رکيائين؛ ۽ پاڻ سندن پاسي ۾ در وٽ بيهي رهيو، ۽ هنن کاڌو. 9 پوءِ هنن چيس تہ تنهنجي زال سارہ ڪٿي آهي؟ هن چيو تہ اِجها تنبوءَ ۾ آهي. 10 هن چيو تہ جڏهن وري هيءَ بهار جي مند ايندي، تڏهن آءٌ ضرور تو وٽ موٽي ايندس ۽ ڏس، تنهنجيءَ زال سارہ کي پٽ ڄمندو. ۽ هن جي پٺيان تنبوءَ جو در هو، اُتان سارہ هيءَ ڳالهہ ٻڌي. 11 هاڻي ابرهام ۽ سارہ ٻڍا ۽ وڏيءَ عمر جا هئا؛ ۽ سارہ جي ماهواري بہ بند ٿي ويئي هئي. 12 سو سارہ دل ۾ کلي چيو تہ آءٌ ٻڍي ٿي ويئي آهيان ۽ منهنجو خاوند بہ ٻڍو آهي؛ ڀلا هن کان پوءِ مون کي ڪيئن خوشي حاصل ٿيندي؟ 13 تڏهن خداوند ابرهام کي چيو تہ سارہ ڇو کلي چيو تہ آءٌ جا ٻڍي آهيان، سا سچ پچ پٽ ڄڻينديس ڇا؟ 14 خداوند جي لاءِ ڪابہ ڳالهہ مشڪل آهي ڇا؟ وري هيءَ ساڳي مند ايندي، تڏهن ٺهرايل وقت تي آءٌ تو وٽ موٽي ايندس، ۽ سارہ کي پٽ ڄمندو. 15 تنهن تي سارہ انڪار ڪري چيو تہ مون ڪونہ کليو؛ ڇالاءِ جو هوءَ ڊڄي ويئي. پر هن چيو تہ نہ، تو برابر کليو. 16 پوءِ اُهي ماڻهو اٿي کڙا ٿيا ۽ سدوم ڏانهن رخ ڪيائون ۽ ابرهام کين اُماڻڻ لاءِ رستي تائين ساڻن گڏجي ويو. 17 ۽ خداوند چيو تہ جيڪي آءٌ ڪريان ٿو، سو ابرهام کان لڪائيندس ڇا؟ 18 ابرهام مان تہ ضرور هڪڙي وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ٿيندي، ۽ زمين جي سڀني قومن کي هن جي وسيلي برڪت ملندي: 19 ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري. 20 سو خداوند چيو تہ سدوم ۽ امورہ جي دانهن وڌي ويئي آهي ۽ هنن جا گناهہ تمام گهڻا ٿيا آهن. 21 تنهنڪري هاڻي آءٌ هيٺ وڃي ڏسندس تہ جيڪا دانهن مون تائين پهتي آهي، تنهن موجب هنن ڪيو آهي ڇا؟ ۽ جي نہ تہ بہ مون کي خبر پوندي. 22 پوءِ اهي ماڻهو اتان ڦري سدوم ڏانهن وڃڻ لڳا، پر ابرهام اڃا خداوند جي حضور ۾ بيٺو هو، 23 ۽ ابرهام ويجهو اچي چيو تہ تون راستبازن کي بہ بدڪارن سان گڏ برباد ڪندين ڇا؟ 24 شايد پنجاهہ راستباز ماڻهو انهيءَ شهر ۾ هجن، پوءِ بہ تون اهو شهر برباد ڪندين ۽ انهن پنجاهہ راستبازن جي ڪري، هن کي ڇڏي ڪين ڏيندين؟ 25 شل توکان ائين نہ ٿئي، جو بدڪارن سان گڏ راستبازن کي بہ برباد ڪرين، ۽ راستباز بدڪارن جهڙا ليکجن. ساريءَ دنيا جو منصف انصاف ڪين ڪندو ڇا؟ 26 تڏهن خداوند چيو تہ جيڪڏهن مون کي سدوم شهر ۾ پنجاهہ راستباز ماڻهو ملندا، تہ هنن جي صدقي آءٌ سڄي شهر کي ڇڏي ڏيندس. 27 تڏهن ابرهام جواب ڏيئي چيو تہ هاڻي ڏس، مون خداوند سان ڳالهائڻ جي همت ڪئي آهي، جيتوڻيڪ آءٌ فقط مٽي ۽ رک آهيان: 28 شايد پنجاهہ راستبازن مان پنج گهٽ ٿي پون، تہ پوءِ بہ تون انهن پنجن جي گهٽ هئڻ ڪري سڄو شهر برباد ڪندين ڇا؟ هن چيو تہ جيڪڏهن آءٌ اتي پنجيتاليهہ ڏسندس، تہ بہ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس. 29 وري بہ هن ساڻس ڳالهايو ۽ چيائين تہ شايد اتي چاليهہ لڀن. تڏهن هن چيو تہ آءٌ انهن چاليهن جي صدقي بہ ائين نہ ڪندس. 30 ۽ هن چيو تہ جي خداوند ڪاوڙجي نہ، تہ آءٌ چوان: شايد اتي ٽيهہ ڄڻا لڀن. ۽ هن چيو تہ جي آءٌ اتي ٽيهہ ڄڻا ڏسندس تہ بہ ائين نہ ڪندس. 31 وري بہ هن چيو تہ ڏس مون خداوند سان ڳالهائڻ جي همت ڪئي آهي، شايد اتي ويهہ ڄڻا هجن. هن چيو تہ ويهن جي صدقي بہ انهي کي برباد نہ ڪندس. 32 تڏهن هن چيو تہ جي خداوند ڪاوڙجي نہ، تہ آءٌ هڪڙو ڀيرو وري بہ ڳالهايان: شايد اتي ڏهہ لڀن. هن چيو تہ ڏهن جي صدقي بہ انهيءَ کي برباد نہ ڪندس. 33 پوءِ جڏهن خداوند ابرهام سان ڳالهائي چڪو، تڏهن اتان روانو ٿيو ۽ ابرهام موٽي پنهنجيءَ جاءِ تي آيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society