Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 14 - Sindhi Bible

1 پوءِ سنعار جي بادشاهہ امرافل، ۽ الاسر جي بادشاهہ اريوڪ، ۽ عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر، ۽ جوئيم جي بادشاهہ تدعال جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو،

2 جو انهن سدوم جي بادشاهہ برع، ۽ عمورہ جي بادشاهہ برشع، ۽ ادمہ جي بادشاهہ سني اب، ۽ ضبوئيم جي بادشاهہ شميبر، ۽ بالع، يعني ضغر جي بادشاهہ، سان جنگ ڪئي.

3 اهي سڀئي سديم يعني کاري سمنڊ جي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيا.

4 ٻارهن ورهيہ هنن ڪدرلاعمر جي تابعداري ڪئي ۽ تيرهين ورهيہ ۾ فساد ڪيائون.

5 ۽ چوڏهين ورهيہ ۾ ڪدرلاعمر ۽ ٻيا بادشاهہ جيڪي ساڻس هئا، سي آيا ۽ رفائيم کي عستارات قرنيم ۾، ۽ زوزين کي هام ۾، ۽ ايميم کي سوي قريتيم ۾،

6 ۽ حورين کي سندن جبل شعير ۾ ماريندا ماريندا ايل فاران تائين آيا، جو رڻ پٽ جي ويجهو آهي.

7 پوءِ هو موٽي عين مصفات يعني قادس ۾ آيا، ۽ عماليقين جي سڄي ملڪ کي ۽ اموري، جي حصيصون تبر ۾ رهندا هئا، تن کي بہ ماريائون.

8 ۽ سدوم جو بادشاهہ، ۽ عمورہ جو بادشاهہ، ۽ ادمہ جو بادشاهہ، ۽ ضبوئيم جو بادشاهہ، ۽ بالع، يعني ضغر جو بادشاهہ، سي هن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ نڪتا.

9 ۽ عيلام جي بادشاهہ ڪدرلاعمر، ۽ جوئيم جي بادشاهہ تدعال، ۽ سنعار جي بادشاهہ امرافل، ۽ الاسر جي بادشاهہ اريوڪ سان، سديم جي ماٿريءَ ۾ جنگ ڪيائون. هي چار بادشاهہ هنن پنجن سان وڙهيا.

10 هاڻي سديم جي ماٿريءَ ۾ رال جون ڪيتريون ئي کڏون هيون، ۽ سدوم ۽ عمورہ جا بادشاهہ ڀڄندا ڀڄندا وڃي اتي ڪِريا؛ ۽ باقي جيڪي بچيا سي جبل ڏانهن ڀڄي ويا.

11 پوءِ اهي سدوم ۽ عمورہ جي سموري ملڪيت ۽ کاڌي جون سڀ شيون کڻي ويا.

12 ۽ ابرام جو ڀائٽيو لوط جو سدوم ۾ رهندو هو، تنهن کي ۽ سندس سڀ مال متاع کي بہ هو کڻي ويندا رهيا.

13 تڏهن هڪڙو ماڻهو جنهن ڀڄي جند ڇڏائي هئي، تنهن اچي ابرام عبرانيءَ کي خبر ڏني، جو انهيءَ وقت اسڪال ۽ عانير جي ڀاءُ، ممري اموريءَ جي بلوطن جي وڻن وٽ رهندو هو؛ ۽ هنن جو ابرام سان عهدنامو ڪيل هو.

14 سو جڏهن ابرام ٻڌو تہ منهنجو ڀاءُ قيد ٿيو آهي، تڏهن ٽي سؤ ارڙهن ماڻهو، جي سندس گهر ۾ ڄاوا ۽ نپنا هئا، ۽ وڙهڻ جا هوشيار هئا، تن کي ساڻ ڪري، دان تائين هنن جي پٺيان پيو.

15 ۽ رات جي وقت هن ۽ سندس نوڪرن جدا جدا ٽوليون ٺاهي هنن تي ڪاهہ ڪئي، ۽ کين شڪست ڏنائون، ۽ خوبہ تائين، جو دمشق جي کٻي پاسي آهي، هنن جي پٺيان پيا.

16 پوءِ هو سڀ مال متاع، ۽ پنهنجو ڀاءُ لوط ۽ سندس مال متاع، زالن ۽ ماڻهن سميت موٽائي وٺي آيو.

17 ۽ جڏهن هو ڪدرلاعمر ۽ ٻيا جيڪي بادشاهہ ساڻس هئا، تن کي ماري موٽيو، تڏهن صدوم جو بادشاهہ، سويءَ جي ماٿريءَ، يعني بادشاهي ماٿريءَ تائين، سندس استقبال لاءِ آيو.

18 ۽ ملڪ صدق، جو سالم جو بادشاهہ هو، سو ماني ۽ مئي کڻي آيو؛ اِهو خدا تعاليٰ جو ڪاهن هو.

19 انهيءَ کيس برڪت ڏيئي چيو تہ خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن جي برڪت ابرام تي هجي.

20 سڳورو آهي خدا تعاليٰ جنهن تنهنجي دشمنن کي تنهنجي قبضي ۾ ڏنو. تڏهن ابرام هن کي سڀ مال مان ڏهون حصو ڏنو.

21 پوءِ سدوم جي بادشاهہ ابرام کي چيو تہ ماڻهو مون کي ڏي، پر مال سڀ ئي تون پاڻ رک.

22 پر ابرام سدوم جي بادشاهہ کي چيو تہ مون خداوند خدا تعاليٰ، جو آسمان ۽ زمين جو مالڪ آهي، تنهن ڏانهن هٿ کڻي قسم کنيو آهي،

23 تہ آءٌ هڪڙو سڳو يا جُتيءَ جو ڌاڳو بہ ڪين وٺندس، نڪي ڪا ٻي شيءِ وٺندس جا تنهنجي آهي؛ متان تون چوين تہ مون ابرام کي دولتمند ڪيو:

24 جوانن جيڪي کاڌو ۽ جيڪي مون سان گڏ ويا هئا، تن جي حصي کان سواءِ آءٌ ڪي بہ ڪين وٺندس؛ يعني عانير، اسڪال ۽ ممري ڀلي پنهنجو پنهنجو حصو وٺن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan