پيدائش 13 - Sindhi Bible1 پوءِ ابرام پنهنجيءَ زال ۽ ملڪيت سوڌو مصر مان نڪري ڪنعان جي ڏکڻ ڏانهن روانو ٿيو، ۽ لوط بہ ساڻس گڏ هو. 2 ۽ ابرام وٽ چوپايو مال ۽ چاندي ۽ سون گهڻو هو. 3 هو ڏکڻ کان مسافري ڪندو بيت ايل ۾ آيو؛ انهيءَ هنڌ جتي شروعات ۾ بيت ايل ۽ عئي جي وچ ۾ سندس تنبو کُتل هو؛ 4 يعني انهيءَ هنڌ جتي هن پهرين قربانگاهہ ٺاهي هئي: اتي ابرام خداوند کان دعا گهري. 5 ۽ لوط، جو مسافريءَ ۾ ابرام سان گڏ هو، تنهن وٽ بہ ڌڻ، ڍور ۽ تنبو هئا. 6 ۽ انهيءَ ملڪ ۾ ايتري جاءِ ڪانہ هئي، جو هو ٻئي گڏ رهي سگهن، ڇالاءِ جو هنن جو مال گهڻو هو تنهن ڪري هو ٻئي گڏ رهي نٿي سگهيا. 7 ۽ ابرام جي ڌنارن ۽ لوط جي ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. انهيءَ وقت ملڪ ۾ ڪنعاني ۽ فرزي رهندا هئا. 8 تڏهن ابرام لوط کي چيو تہ منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، توڙي منهنجن ڌنارن ۽ تنهنجن ڌنارن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ نہ گهرجي؛ ڇالاءِ جو پاڻ ڀائر آهيون. 9 سڄو ملڪ تنهنجي سامهون ڪين پيو آهي ڇا؟ سو تون مون کان ڌار ٿيءُ: جي تون ساڄي پاسي وڃين، تہ آءٌ کٻي وڃان، جي تون کٻي پاسي وڃين تہ آءٌ ساڄي وڃان. 10 تڏهن لوط پنهنجيون اکيون کڻي يردن جو سارو ميدان جو ضغر ڏانهن آهي سو ڏٺو؛ ڇالاءِ جو سدوم ۽ عمورہ کي خداوند برباد ڪيو، تنهن کان اڳي، اهو هنڌ مصر جي ملڪ ۽ خداوند جي باغ وانگر آباد هو. 11 تنهنڪري لوط پنهنجي لاءِ يردن جو سارو ميدان چونڊيو، ۽ لوط اڀرندي ڏانهن هليو ويو؛ ۽ هو هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا. 12 ابرام ڪنعان جي ملڪ ۾ رهي پيو، ۽ لوط ميدان جي شهرن ۾ وڃي رهيو، ۽ سدوم وٽ پنهنجو تنبو کوڙيائين. 13 هاڻي سدوم جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ تمام بدڪار ۽ گنهگار هئا. 14 لوط جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، خداوند ابرام کي چيو تہ پنهنجون اکيون مٿي کڻ ۽ جتي تون بيٺو آهين، اُتان اُتر، ڏکڻ، اڀرندي ۽ الهندي پاسي نهار: 15 ڇالاءِ تہ جيڪو ملڪ تون ڏسين ٿو، سو سڀ آءٌ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ ڏيندس. 16 ۽ آءٌ تنهنجو اولاد زمين جي واريءَ جيترو ڪندس، اهڙو جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو واريءَ جي ذرن کي ڳڻي سگهندو، تہ تنهنجي اولاد کي بہ ڳڻي سگهندو. 17 اٿي هن زمين جي ڊيگهہ ۽ ويڪر گهمي ڏس، ڇو تہ اِها آءٌ توکي ڏيندس. 18 ۽ ابرام پنهنجو تنبو کڻي اچي ممريءَ جي شاهہ بلوط وٽ رهيو، جو حبرون ۾ آهي، ۽ اتي، خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society