Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

پيدائش 1 - Sindhi Bible

1 خدا شروعات ۾ آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪيو.

2 ۽ زمين بي ترتيب ۽ ويران هئي؛ ۽ اونهائيءَ جي مٿان اوندهہ هئي: ۽ خدا جي روح پاڻيءَ جي مٿان آرو ڪيو.

3 ۽ خدا چيو تہ سوجهرو ٿئي: ۽ سوجهرو ٿيو.

4 ۽ خدا ڏٺو تہ سوجهرو چڱو آهي: ۽ خدا سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪيو.

5 ۽ خدا سوجهري کي ڏينهن سڏيو ۽ اوندهہ کي رات سڏيائين. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پهريون ڏينهن ٿيو.

6 ۽ خدا چيو تہ، پاڻين جي وچ ۾ خال ٿئي تہ پاڻي، پاڻين کان جدا ٿين.

7 سو خدا خال جوڙيو، ۽ خال جي هيٺان جيڪي پاڻي هئا تن کي انهن پاڻين کان جدا ڪيائين جيڪي خال جي مٿان هئا: ۽ ائين ئي ٿيو.

8 ۽ خدا خال کي آسمان سڏيو. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٻيو ڏينهن ٿيو.

9 ۽ خدا چيو تہ آسمان جي هيٺان جيڪي پاڻي آهن، سي سڀ هڪڙي هنڌ گڏ ٿين: تہ خشڪي ظاهر ٿئي: ۽ ائين ئي ٿيو.

10 ۽ خدا خشڪيءَ کي زمين سڏيو؛ ۽ گڏ ٿيل پاڻين کي سمنڊ سڏيائين: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.

11 ۽ خدا چيو تہ زمين تي گاهہ، ٻج وارا ٻوٽا، ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجي پنهنجي جنس موجب ميويدار ۽ ٻج وارا آهن، سي سڀ زمين مان اُڀرن: ۽ ائين ئي ٿيو.

12 تڏهن زمين تي گاهہ، ۽ ٻوٽا جن ۾ سندن جنس موجب ٻج آهي ۽ ميويدار وڻ، جي پنهنجيءَ جنس موجب ٻج وارا آهن، سي زمين مان اُڀريا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.

13 سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ ٽيون ڏينهن ٿيو.

14 ۽ خدا چيو تہ آسمان جي خال ۾ روشنايون ٿين تہ ڏينهن کي رات کان ڌار ڪن؛ ۽ اُهي نشانين، مندن، ڏينهن ۽ ورهين جي لاءِ ٿين:

15 ۽ اهي آسمان جي خال ۾ سوجهري لاءِ ٿين: تہ زمين کي روشن ڪن: ۽ ائين ئي ٿيو.

16 سو خدا ٻہ وڏيون روشنيون جوڙيون: هڪڙي اڪبر، جا ڏينهن تي حڪومت هلائي، ٻي اصغر، جا رات تي حڪومت هلائي: ۽ تارا بہ جوڙيائين.

17 ۽ خدا انهن کي آسمان جي خال ۾ رکيو، تہ زمين تي سوجهرو ڪن،

18 ۽ ڏينهن تي ۽ رات تي حڪومت هلائين، ۽ سوجهري کي اوندهہ کان ڌار ڪن: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.

19 سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ چوٿون ڏينهن ٿيو.

20 ۽ خدا چيو تہ پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا پيدا ٿين، ۽ پکي زمين جي مٿان آسمان جي خال ۾ اُڏامن.

21 ۽ خدا وڏا وڏا درياهي جانور ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پاڻيءَ ۾ رهندڙ بيشمار ساهوارا، سندن جنس موجب، ۽ سڀ ڪنهن قسم جا پکي سندن جنس موجب پيدا ڪيا: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.

22 ۽ خدا اُنهن کي برڪت ڏيئي، چيو تہ وڌو ۽ ويجهو ۽ سمنڊ جي پاڻين کي ڀرپور ڪريو، ۽ پکي زمين تي وڌن ويجهن.

23 سو سانجهي ۽ صبح ٿيو، ۽ پنجون ڏينهن ٿيو.

24 ۽ خدا چيو تہ زمين مان سڀ ڪنهن قسم جا ساهوارا سندن جنس موجب پيدا ٿين، سڀيئي ڍور ۽ سرندڙ جيت، ۽ جهنگلي جانور سندن جنس موجب پيدا ٿين: ۽ ائين ئي ٿيو.

25 سو خدا جهنگلي جانورن کي ۽ سڀني ڍورن کي سندن جنس موجب، ۽ زمين تي سرندڙ جيتن کي سندن جنس موجب جوڙيو: ۽ خدا ڏٺو تہ چڱو آهي.

26 پوءِ خدا چيو، اسين انسان کي پنهنجيءَ صورت تي پاڻ جهڙو جوڙيون: تہ اُهي سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي، سڀني ڍورن تي، سڄيءَ زمين تي، ۽ سڀني سرندڙ جيتن تي حڪومت هلائين.

27 ۽ خدا پنهنجيءَ صورت تي انسان کي پيدا ڪيو. خدا جي صورت تي کين پيدا ڪيائين؛ نر ۽ ناري بڻائي کين پيدا ڪيائين.

28 ۽ خدا انهن کي برڪت ڏيئي چيو، تہ وڌو ۽ ويجهو، ۽ زمين کي ڀرپور ۽ تابع ڪريو؛ ۽ سمنڊ جي مڇين تي، هوا جي پکين تي ۽ سڀني جانورن تي حڪومت هلايو.

29 ۽ خدا چيو تہ ڏسو، آءٌ زمين جي سڀ ڪا ٻج واري ڀاڄي، ۽ هرڪو وڻ جنهن ۾ سندس ٻج وارو ڦل آهي، سي سڀ اوهان کي ٿو ڏيان؛ اهي اوهان جي کاڌي لاءِ آهن:

30 ۽ زمين جي سڀني جانورن، هوا جي سڀني پکين، ۽ سڀني سرندڙ جيتن، ۽ جن ۾ ساهہ آهي تن کي زمين جا ساوا ٻوٽا کائڻ لاءِ ٿو ڏيان: ۽ ائين ئي ٿيو.

31 ۽ جيڪي خدا جوڙيو هو تنهن سڀ تي نظر ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ تمام چڱو آهي. سو سانجهي ۽ صبح ٿيو ۽ ڇهون ڏينهن ٿيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan