Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

گلتين 6 - Sindhi Bible

1 اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.

2 اوهين هڪ ٻئي جو بار کڻو، ۽ انهي طرح مسيح جي شريعت پوري ڪريو.

3 ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪي ڪينهي، ۽ سمجهي ٿو تہ آئون بہ ڪي آهيان، تہ هو پاڻ کي ٺڳي ٿو.

4 پر سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو ڪم پاڻ آزمائڻ کپي، پوءِ هن کي فقط پنهنجي نسبت ۾ فخر ڪرڻ جو وجهہ ملندو، نہ ٻئي جي نسبت ۾.

5 ڇالاءِ جو سڀڪو ماڻهو پنهنجو بار پاڻ کڻندو.

6 پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.

7 فريب نہ کائو، خدا کي ٺڳي ڪين سگهندا، ڇالاءِ جو جيڪي انسان پوکي ٿو سو ئي هو لُڻندو.

8 جيڪو پنهنجي جسم جي لاءِ پوکي ٿو، سو جسم مان فنا جو فصل لُڻندو، پر جيڪو روح جي لاءِ پوکي ٿو، سو روح مان هميشہ جي زندگي لُڻندو.

9 ۽ اسان کي نيڪي ڪرڻ ۾ ٿَڪجڻ نہ کپي، ڇالاءِ تہ جي همت نہ هارينداسين، تہ پوري وقت تي لابارو لاهينداسين.

10 تنهنڪري جڏهن اسان کي وجهہ آهي، تڏهن اچو تہ سڀني ماڻهن سان نيڪيءَ جا ڪم ڪريون، خاص ڪري اُنهن سان، جي ايمان وارن جي جماعت جا آهن.

11 ڏسو، ڪهڙن نہ وڏن وڏن اکرن سان مون پنهنجي هٿ سان اوهان کي لکيو آهي.

12 جيڪي ماڻهو جسماني ڏيک ڪرڻ ٿا گهُرن، سي اوهان کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن، رڳو انهي لاءِ تہ مسيح جي صليب جي سبب هو ستايا نہ وڃن.

13 ڇالاءِ جو ختني وارا پاڻ بہ شريعت تي عمل نٿا ڪن؛ پر اُهي انهي لاءِ اوهان جو ختنو ڪرائڻ ٿا گهُرن تہ اوهان جي جسماني حالت تي فخر ڪن.

14 پر شل ائين نہ ٿئي تہ آئون ڪنهن ڳالهہ تي بہ فخر ڪريان، سواءِ پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي صليب تي، جنهن جي وسيلي جهان منهنجي نسبت صليب تي چڙهيو آهي، ۽ آئون جهان جي نسبت.

15 ڇالاءِ جو مختوني ڪجهہ بہ نہ آهي، ۽ نامختوني بہ ڪجهہ نہ آهي، پر جيڪي آهي سو نئين سر پيدا ٿيڻ آهي.

16 ۽ جيڪي بہ انهي قاعدي تي هلندا، تن تي ۽ خدا جي اسرائيل تي، شل رحم ۽ اطمينان هجي.

17 اڄ کان وٺي اڳتي ڪوبہ ماڻهو مون کي تڪليف نہ ڏئي؛ ڇالاءِ جو منهنجي بدن تي يسوع جا داغ آهن.

18 اي ڀائرو، شل اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل اوهان جي روح سان هجي. آمين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan