گلتين 5 - Sindhi Bible1 مسيح اسان کي آزاديءَ لاءِ آزاد ڪيو؛ تنهنڪري قائم رهو ۽ وري ٻانهپ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽجي نہ وڃو. 2 ڏسو، آئون پولس اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن اوهين ختنو ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪو فائدو ڪونہ پهچندو. 3 آئون سڀ ڪنهن ختني ٿيل ماڻهوءَ تي وري بہ شاهدي ٿو ڏيان، تہ اُهو ساري شريعت تي عمل ڪرڻ لاءِ ٻَڌل آهي. 4 اوهين جي ڀانئيو ٿا تہ شريعت جي وسيلي راستباز ثابت ٿيون، سي مسيح کان ڌار ٿي ويا؛ اوهين فضل کان محروم آهيو. 5 ڇالاءِ جو اسين روح جي وسيلي ايمان جي ڪري راستبازيءَ جي اُميد جا منتظر آهيون. 6 ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري. 7 اوهين چڱيءَ طرح پئي ڊوڙيا؛ اوهان کي ڪنهن روڪيو تہ سچ کي نہ مڃو؟ 8 اها نصيحت اوهان جي سڏڻ واري کان ڪانہ آئي. 9 ٿورو خمير ساري ڳوهيل اٽي کي خميرو ڪيو ڇڏي. 10 مون کي خداوند ۾ اوهان تي اهو يقين آهي، تہ اوهين ٻيءَ طرح جو ڪوبہ خيال نہ ڪندا؛ پر جيڪو اوهان کي منجهائي ٿو، سو ڪير بہ هوندو تہ ضرور سزا پائيندو. 11 پر اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اڃا تائين ختني جي منادي ٿو ڪريان تہ پوءِ ڇو ٿو ستائجان؟ پوءِ صليب ٺوڪر جو باعث نہ رهيو. 12 شل جيڪي اوهان کي منجهائين ٿا، سي پاڻ کي ڪَپي ڇڏين تہ چڱو. 13 ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهين آزاد ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا هئا، پر ائين نہ ٿئي جو آزاديءَ کي جسماني ڳالهين جي لاءِ ڪم ۾ آڻيو؛ پر محبت جي رستي هڪ ٻئي جي خدمت ڪريو. 14 هن ڪري جو ساري شريعت هڪڙي ئي ڳالهہ ۾ پوري ٿي ٿئي؛ يعني هن ۾ تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر.“ 15 پر جيڪڏهن اوهين هڪ ٻئي کي چڪ ٿا هڻو ۽ ڳهي ٿا وڃو، تہ خبردار ٿيو ڇوتہ انهي ڪري هڪ ٻئي کي چٽ ڪري ڇڏيندا. 16 پر آئون چوان ٿو تہ روح پٽاندر هلو تہ پوءِ اوهين ڪڏهن بہ جسم جي خواهش پوري نہ ڪندا. 17 ڇالاءِ جو جسم روح جي برخلاف خواهش ٿو ڪري، ۽ روح جسم جي برخلاف؛ ۽ اُهي هڪ ٻئي جا مخالف آهن، انهي لاءِ تہ جيڪي اوهين چاهيو ٿا سو نہ ڪريو. 18 پر جي اوهين روح جي هدايت تي هلندا تہ شريعت جي ماتحت نہ ٿيا. 19 هاڻي جسم جا ڪم ظاهر آهن، يعني زناڪاري، ناپاڪي، شهوت پرستي، 20 بت پرستي، جادوگري، عداوتون، جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، جدائيون، بدعتون، 21 بغض، نشي بازي، عيش عشرت ۽ ٻيا اهڙا ڪم، جن بابت جيئن مون اڳي بہ اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻ بہ اڳيئي خبردار ٿو ڪريان، تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، سي خدا جي بادشاهت جا وارث ڪين ٿيندا. 22 پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري، 23 نماڻائي، پرهيزگاري؛ اهڙن ڪمن جي برخلاف ڪابہ شريعت ڪانهي. 24 ۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي. 25 جيڪڏهن اسين روح جي ڪري جيئون ٿا، تہ اسان کي هلڻ بہ روح پٽاندر کپي. 26 اسان کي گهرجي تہ اجايو فخر نہ ڪريون، نہ هڪ ٻئي کي چيڙايون، ۽ نہ هڪ ٻئي ڏانهن بغض رکون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society