Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

گلتين 4 - Sindhi Bible

1 پوءِ آئون چوان ٿو تہ جيستائين وارث نابالغ آهي، تيستائين اگرچہ هو سڀ جو مالڪ آهي، تہ بہ انهيءَ ۾ ۽ غلام ۾ ڪوبہ فرق ڪونهي؛

2 پر جيڪو ميعاد پيءُ مقرر ڪيو آهي، انهيءَ تائين هو سنڀاليندڙن ۽ مختيارن جي وس آهي.

3 انهيءَ طرح اسين بہ جڏهن نابالغ هئاسين، تڏهن دنيا جي ابتدائي ڳالهين ۾ غلام ڪري رکيا وياسين؛

4 پر جڏهن وقت اچي پورو ٿيو، تڏهن خدا پنهنجو فرزند موڪليو، جو زال مان پيدا ٿيو، ۽ شريعت جي ماتحت پيدا ٿيو،

5 انهي لاءِ تہ جيڪي شريعت جي ماتحت هئا تن کي آزاد ڪري، تہ اسين گود جا پٽ ٿيون.

6 ۽ جيئن تہ اوهين پٽ آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اسان جي دلين ۾ موڪليو، جو ابا يعني، اي بابا چئي ٿو پڪاري.

7 تنهنڪري تون اڳتي غلام نہ آهين پر پٽ آهين؛ ۽ جيڪڏهن پٽ آهين تہ خدا جي وسيلي وارث بہ آهين.

8 انهي هوندي بہ انهي وقت اوهين خدا کان ناواقف هئڻ ڪري انهن جي غلاميءَ ۾ رهيا، جي حقيقت ۾ خدا نہ هئا؛

9 يا هاڻي جڏهن اوهين خدا کان واقف ٿيا، بلڪ جڏهن خدا اوهان کي سڃاتو آهي، تڏهن وري انهن ضعيف ۽ ڪين جهڙين ابتدائي شين ڏانهن ڪيئن ٿا ڦرو، ۽ ڪيئن غلاميءَ ۾ رهڻ لاءِ وري خواهش ٿا ڪريو؟

10 اوهين ڏينهن ۽ مهينن ۽ خاص وقتن ۽ ورهين کي ٿا مڃو.

11 مون کي اوهان جي نسبت ۾ اهو ڊپ ٿو ٿئي، تہ متان جيڪا محنت مون اوهان تي ڪئي آهي، سا ڪنهن طرح اجائي ٿي وڃي.

12 اي ڀائرو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، تہ جهڙو آئون آهيان تهڙا ٿيو، ڇالاءِ جو آئون بہ اهڙو آهيان جهڙا اوهين آهيو. اوهان مون کي ڪو اهنج ايذاءُ ڪونہ رسايو آهي:

13 پر اوهين ڄاڻو ٿا تہ پهريون ڀيرو مون اوهان کي جسم جي هيڻائيءَ ۽ ڪمزوريءَ ڪري، خوشخبري ٻُڌائي هئي؛

14 ۽ جيتوڻيڪ منهنجي جسماني حالت اوهان لاءِ هڪ آزار هو، تہ بہ اوهان نڪي مون کي حقير سمجهيو، نڪي ڌڪاريو؛ پر اوهان مون کي خدا جي ملائڪ وانگر، بلڪ يسوع مسيح وانگر سمجهيو.

15 تڏهن اُها اوهان جي خوشحالي ڪاڏي ويئي؟ ڇالاءِ جو آئون اوهان جو شاهد آهيان تہ جي ائين ٿي سگهي ها تہ جيڪر اوهين پنهنجيون اکيون بہ ڪڍي مون کي ڏيو ها.

16 تڏهن هاڻي اوهان کي سچ چوڻ ڪري آئون اوهان جو دشمن ٿي پيو آهيان ڇا؟

17 هو اوهان کي دوست ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر نيڪ نيتيءَ سان نہ؛ بلڪ هو اوهان کي ڌار ڪرڻ ٿا گهُرن تہ رڳو کين پيار ڪريو.

18 هاڻي ڪنهن چڱي سبب ڪري ماڻهوءَ کي پيار ڪرڻ گهرجي ۽ نہ فقط منهنجي روبرو.

19 اي منهنجا ٻار، اوهان جي ڪري مون کي وري ڄڻڻ جا سور لڳا آهن، جيسين ڪ اوهان ۾ مسيح جي صورت پيدا ٿئي!

20 شل هاڻي آئون اوهان وٽ حاضر ٿي ٻيءَ طرح سان ڳالهايان؛ ڇالاءِ جو مون کي اوهان جي نسبت ۾ ڏاڍو مونجهارو آهي.

21 اوهين جي شريعت جي ماتحت رهڻ ٿا گهُرو، سي مون کي ٻُڌايو تہ اوهين شريعت نٿا ٻُڌو ڇا؟

22 ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ابراهيم کي ٻہ پٽ هئا، هڪڙو ٻانهيءَ مان ۽ ٻيو آزاد مان.

23 مگر ٻانهيءَ وارو پٽ جسمانيءَ طرح ڄائو هو، پر آزاد زال وارو پٽ واعدي جي ڪري ڄائو.

24 انهن ڳالهين ۾ هڪڙو مثال آهي: ڇالاءِ جو اهي زالون ڄڻ تہ ٻہ عهد آهن؛ هڪڙو سينا جبل وارو، جنهنڪري غلام ئي پيدا ٿا ٿين، ۽ اُها آهي هاجرہ.

25 هاڻي اها هاجرہ عرب جو سينا جبل آهي، ۽ هاڻوڪي يروشلم جي برابر آهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجن ٻارن سميت غلاميءَ ۾ آهي.

26 پر يروشلم جو مٿي آهي سو آزاد آهي، ۽ اُها اسان جي ماءُ آهي.

27 ڇالاءِ جو لکيل آهي، تہ ”اي سنڍ زال، تون جا ٻار نٿي ڄڻين، سا خوشيون ڪر؛ تون، جنهن کي ويم جي سورن جي خبر ڪانهي، سا وڏي آواز سان رڙيون ڪر؛ ڇالاءِ جو مڙس واريءَ زال کان نڌڻڪيءَ زال جا ٻار گهڻا آهن.“

28 هاڻي اي ڀائرو، اسين اسحاق وانگر واعدي جو اولاد آهيون.

29 پر جيئن انهي وقت جسماني طرح پيدا ٿيل ٻار، روحاني طرح پيدا ٿيل ٻار کي ستائيندو هو؛ تيئن هاڻي بہ آهي.

30 مگر پاڪ ڪتاب ڇا ٿو چوي؟ ٻانهيءَ ۽ سندس پٽ کي ڪڍي ڇڏ: ڇالاءِ جو ٻانهيءَ جو پٽ آزاد جي پٽ سان گڏ هرگز وارث نہ ٿيندو.

31 تنهنڪري، اي ڀائرو، اسين ٻانهيءَ جا ٻار نہ آهيون، پر آزاد زال جا آهيون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan