گلتين 3 - Sindhi Bible1 اي نادان گلتيو، هاڻي ڪنهن اوهان تي ڪامڻ وڌو؟ اوهان جي اکين اڳيان يسوع مسيح ظاهر ظهور صليب تي چاڙهيل ڏيکاريو ويو. 2 آئون اوهان کان فقط ايترو معلوم ڪرڻ ٿو گهُران، تہ پاڪ روح اوهان کي شريعت جي ڪمن ڪري مليو، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ ڪري؟ 3 اوهين اهڙا نادان آهيو ڇا جو روح ۾ شروع ڪري، هاڻي جسم ٿا پڄاڻي ڪريو؟ 4 اوهان هيتريون تڪليفون اجايون سَٺيون ڇا؟ بشرطيڪ اهي سچ پچ اجايون هيون. 5 جيڪو اوهان کي روح ٿو بخشي، ۽ اوهان ۾ معجزا ٿو ڪري، سو اوهان جي شريعت جي ڪمن سببان ائين ٿو ڪري، يا ايمان جي پيغام ٻُڌڻ جي سببان؟ 6 هاڻي ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو ۽ اُهو هن جي لاءِ راستبازي ليکيو ويو.“ 7 ائين ڄاڻو تہ جيڪي ايمان وارا آهن، اُهي ئي ابراهيم جو اولاد آهن. 8 ۽ پاڪ لکيت ۾ اهو اڳيئي ڄاڻايل هو، تہ خدا غير قومن کي ايمان جي ڪري راستباز ٺهرائيندو، تنهنڪري اڳيئي هن اها خوشخبري ابراهيم کي ٻُڌائي تہ ”تنهنجي ڪري سڀ قومون برڪت پائينديون.“ 9 جيڪي ايمان وارا آهن، تن کي ايماندار ابراهيم سان گڏ برڪت ٿي ملي. 10 ڇالاءِ تہ جيڪي بہ شريعت جي ڪمن تي يقين ٿا ڪن، سي سڀ لعنت هيٺ آهن؛ هن ڪري جو لکيل آهي تہ ”جيڪو شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل سڀني ڳالهين تي عمل ڪرڻ ۾ قائم نٿو رهي، سو لعنتي آهي.“ 11 هاڻي اِها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ شريعت جي ڪري ڪوبہ ماڻهو خدا جي نظر ۾ راستباز نٿو ٺهري؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”راستباز ايمان جي ڪري ئي جيئرو رهندو؛“ 12 ۽ شريعت جو ايمان سان ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر (لکيل آهي تہ) ”جيڪو انهي تي عمل ڪندو، سو انهي جي ڪري جيئرو رهندو.“ 13 مسيح پاڻ اسان جي بدران لعنتي ٿي اسان کي شريعت جي لعنت کان ڇڏايو؛ ڇالاءِ جو لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“ 14 انهي لاءِ تہ مسيح يسوع ۾ ابراهيم جي برڪت غير قومن تي اچي؛ ۽ اسين ايمان جي وسيلي اهو روح جو انجام حاصل ڪريون. 15 اي ڀائرو، آئون ماڻهن جي دستور موجب ٿو ڳالهايان، تہ جيتوڻيڪ اهو ڪنهن ماڻهو جو عهد هجي، تہ بہ جڏهن اُهو پڪو ڪيو ٿو وڃي، تڏهن ڪوبہ انهي کي رد نٿو ڪري، نڪي انهي ۾ ڪجهہ وڌائي ٿو سگهي. 16 هاڻي ابراهيم ۽ سندس نسل سان واعدا ڪيا ويا. هو ائين نٿو چوي تہ ”نسلن سان“ جيئن گهڻن لاءِ چئبو آهي، پر جيئن هڪڙي لاءِ چئبو آهي تہ ”تنهنجي نسل سان“ ۽ اهو مسيح آهي. 17 هاڻي آئون هيئن ٿو چوان، تہ جنهن عهد کي اڳيئي خدا پڪو ڪيو، تنهن کي شريعت، جا چار سؤ ٽيهن ورهين کانپوءِ آئي، سا رد ڪري نٿي سگهي تہ اُهو واعدو بي اثر ٿي وڃي. 18 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ميراث شريعت جي ڪري آهي، تہ اُها واعدي جي ڪري ناهي: پر خدا واعدي سان ئي اُها ابراهيم کي بخشي. 19 تڏهن شريعت ڇا آهي؟ اُها پوءِ حڪمن ڀڃڻ ڪري ڳنڍي ويئي، جيسين ڪ اُهو نسل اچي، جنهن سان اُهو واعدو ڪيو ويو هو؛ ۽ اُها ملائڪن جي وسيلي هڪڙي درميانيءَ جي معرفت تيار ڪئي ويئي. 20 هاڻي درمياني هڪڙيءَ ڌر جو نہ ٿيندو آهي؛ پر خدا هڪڙو آهي. 21 تڏهن شريعت خدا جي واعدن جي برخلاف آهي ڇا؟ اصل ئي نہ، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن ڪا اهڙي شريعت ڏني وڃي ها، جا زندگي بخشي سگهي ها، تہ جيڪر راستبازي شريعت جي وسيلي هجي ها. 22 مگر پاڪ ڪتاب سڀ ڪجهہ گناهہ هيٺ بند ڪري رکيو آهي، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري اُهو واعدو ايمان وارن کي ملي. 23 پر ايمان اچڻ کان اڳي اسين شريعت جي هيٺ بند هئاسين، ۽ جو ايمان پوءِ ظاهر ٿيڻو هو، تنهن لاءِ بند ڪري رکيا وياسين. 24 تنهنڪري شريعت اسان کي مسيح تائين پهچائڻ لاءِ اسان جو اُستاد ٿي آهي، انهي لاءِ تہ ايمان جي ڪري اسين راستباز ٺهرايا وڃون. 25 پر هاڻي جڏهن ايمان آيو آهي، تڏهن اڳتي اسين اُستاد جي حڪم هيٺ نہ آهيون. 26 ڇالاءِ جو اوهين سڀيئي مسيح يسوع ۾ ايمان رکڻ ڪري خدا جا ٻار آهيو. 27 هن ڪري جو اوهان مان جيترن بہ مسيح ۾ شامل ٿيڻ جي بپتسما ورتي، تن مسيح کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو. 28 پوءِ نڪو يهودي رهيو نہ يوناني، نڪو غلام نہ آزاد، نڪو مرد نہ زال، ڇالاءِ جو اوهين سڀ مسيح يسوع ۾ هڪ آهيو. 29 ۽ جي اوهين مسيح جا آهيو، تہ اوهين ابراهيم جو نسل آهيو، ۽ واعدي موجب وارث آهيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society