گلتين 2 - Sindhi Bible1 وري چوڏهن ورهين کانپوءِ آئون برناباس سان گڏجي يروشلم ڏانهن ويس، ۽ طيطس کي بہ پاڻ سان وٺي ويس. 2 ۽ منهنجو وڃڻ الهام موجب ٿيو؛ ۽ جنهن خوشخبريءَ جي مون غير قومن ۾ منادي ٿي ڪئي، سا مون خانگي طور هنن جي اڳيان، جيڪي معزز سمجهيا ويندا هئا، پيش ڪئي تہ متان ائين نہ ٿئي تہ منهنجي هاڻوڪي يا اڳوڻي ڊوڙ ڊڪ اجائي ٿئي. 3 پر طيطس جو مون سان گڏ هو، جيتوڻيڪ هو يوناني هو، تڏهن بہ هن کي ختني ڪرائڻ لاءِ زور نہ ڪيائون؛ 4 سو رڳو انهن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري، جي لڪي ڇپي داخل ٿيا هئا، جي انهي ڪري چوريءَ گهڙي آيا هئا تہ جيڪا آزادي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بنائين. 5 اُنهن جا اسين تابعدار نہ ٿياسين؛ نہ، هڪڙي گهڙي بہ نہ ٿياسين؛ انهي لاءِ تہ انجيل جي سچائي اوهان ۾ قائم رهندي اچي. 6 پر جيڪي ماڻهو معزز ليکبا هئا (پوءِ اُهي ڪهڙا بہ هئا، تن سان منهنجو واسطو ڪونهي: خدا ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي طرفداري نٿو ڪري.) انهن معززن مان مون کي ڪابہ ڳالهہ حاصل نہ ٿي؛ 7 پر اُٽلندو جڏهن انهن ڏٺو تہ جهڙيءَ طرح مختونن کي خوشخبري ڏيڻ جو ڪم پطرس جي حوالي ٿيو هو، تهڙيءَ طرح نامختونن کي خوشخبري ڏيڻ جو ڪم منهنجي حوالي ٿيو آهي، 8 (ڇالاءِ جو، جنهن مختونن جي رسوليت لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير قومن جي لاءِ مون ۾ اثر پيدا ڪيو.) 9 ۽ جيڪو فضل مون کي ڏنو ويو سو جڏهن هنن کي معلوم ٿيو تڏهن، يعقوب ۽ ڪيفاس ۽ يوحنا، جي ڪليسيا جا ارڪان ليکبا هئا، تن مون کي ۽ برناباس کي پنهنجو ساڄو هٿ ڏيئي، شراڪت ۾ قبول ڪيو، انهي لاءِ تہ اسين غير قومن ڏانهن وڃون، ۽ هو مختونن وٽ وڃن. 10 رڳو هنن اها خواهش ڏيکاري تہ اسان کي غريبن جي يادگيري رکڻ گهرجي. پر انهي ساڳئي ڪم ڪرڻ ۾ آئون اڳيئي سرگرم هوس. 11 پر جڏهن ڪيفاس انطاڪيہ ۾ آيو، تڏهن مون سندس منهن تي ئي سندس مخالفت ڪئي، ڇو جو هو ڏوهاري هو. 12 ڇالاءِ جو يعقوب وٽان ڪن ماڻهن جي اچڻ کان اڳي هو غير قومن سان کائيندو هو، پر جڏهن هو آيا، تڏهن مختونن جي ڊپ کان هو پٺتي هٽي ويو، ۽ پاڻ کي ڌار ڪيائين. 13 ۽ باقي ٻين يهودين بہ سندس جهڙو ڍونگ ڪيو، ايتري قدر جو خود برناباس بہ انهن جي چال ۾ ڦاسي ويو. 14 پر جڏهن مون ڏٺو تہ هو انجيل جي سچائيءَ موجب سنوان سڌا نٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان ڪيفاس کي چيو تہ جي تون يهودي ٿي غير قومن وانگر ٿو گذارين ۽ نہ يهودين وانگر، تڏهن ڪيئن غير قومن کي زور ٿو ڪرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟ 15 جيتوڻيڪ اسين ذاتي طور يهودي آهيون، ۽ نہ گنهگار غير قوم، 16 تہ بہ خبر اٿئون تہ ڪوبہ ماڻهو شريعت جي ڪمن سان نہ، پر فقط يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ سان راستباز ٺهرايو ٿو وڃي. تنهنڪري اسان بہ مسيح يسوع تي ايمان آندو؛ تہ مسيح تي ئي ايمان آڻڻ ڪري اسين بہ راستباز ٺهرايا وڃون، ۽ نہ شريعت جي ڪمن ڪري؛ ڇالاءِ جو شريعت جي ڪمن ڪري ڪوبہ انسان راستباز نہ ٺهربو. 17 پر اسين جي چاهيون ٿا تہ مسيح ۾ راستباز ٺهرايا وڃون، سي جيڪڏهن پاڻ بہ گنهگار ٿي پونداسين، تہ پوءِ مسيح گناهہ جو باعث ٿيو ڇا؟ هرگز نہ. 18 ڇالاءِ جو جيڪي مون ڊاهيو آهي سو جي آئون وري اڏيندس، تہ آئون پاڻ کي قصور وار ثابت ڪندس. 19 هن ڪري جو آئون شريعت جي ڪري ئي شريعت لاءِ مُئس، تہ خدا لاءِ جيئرو ٿيان. 20 آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين. 21 آئون خدا جي فضل کي اجايو نٿو وڃايان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن راستبازي شريعت جي وسيلي ملي ها، تہ پوءِ مسيح جو مرڻ اجايو ٿيو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society