گلتين 1 - Sindhi Bible1 پولس، جو نہ انسان جي پاران، نڪي انسان جي وسيلي، پر يسوع مسيح جي وسيلي، ۽ خدا پيءُ، جنهن انهي کي مُئلن مان اُٿاريو، تنهن جي طرفان رسول آهي، 2 ۽ جيڪي ڀائر مون سان آهن تن سڀني جي طرفان، گلتيہ جي ڪليسيائن ڏانهن: 3 خدا پيءُ ۽ اسان جي خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ اطمينان اوهان تي هجي. 4 جنهن اسان جي گناهن جي لاءِ پاڻ کي ڏيئي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب، هو اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني مان ڇڏائي؛ 5 انهي جو جلال هميشہ تائين ٿيندو رهي. آمين. 6 مون کي عجب ٿو لڳي تہ جنهن اوهان کي مسيح جي فضل ۾ سڏيو، تنهن کان اوهين اهڙو جلد ڦري ڪنهن ٻئي قسم جي خوشخبريءَ ڏانهن ٿا وڃو؛ 7 جا خوشخبري نہ آهي: رڳو ڪي اهڙا آهن جي اوهان کي مونجهاري ۾ ٿا وجهن، ۽ مسيح جي خوشخبري بگاڙڻ ٿا گهُرن. 8 پر جيڪڏهن اسين، يا آسمان مان ڪو ملائڪ اوهان کي ڪا اهڙي خوشخبري ٻُڌائي، جا اسان اوهان کي نہ ٻُڌائي آهي، تہ انهيءَ تي شل لعنت هجي. 9 جيئن اسان اڳي بہ چيو آهي، تيئن هاڻ بہ آئون وري چوان ٿو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو، جيڪا خوشخبري اوهان کي ملي آهي تنهن کان سواءِ ٻي ڪا خوشخبري ٻُڌائي ٿو، تہ انهي تي لعنت هجي. 10 ڇا آئون ماڻهن جي مهرباني ٿو چاهيان يا خدا جي؟ يا آئون ماڻهن کي خوش ڪرڻ ٿو گهُران ڇا؟ جيڪڏهن اڃا بہ ماڻهن کي خوش ڪندو رهان ها تہ مسيح جو خادم يا غلام نہ هجان ها. 11 ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، آئون اوهان کي چتايان ٿو، تہ جيڪا خوشخبري مون اوهان کي ٻُڌائي، سا انسان جي طرفان نہ آهي. 12 ڇالاءِ جو، اُها مون کي انسان کان نہ ملي، نہ اها ڪنهن مون کي سيکاري، پر يسوع مسيح جي وسيلي مون تي ظاهر ٿي. 13 هن ڪري جو يهودين جي مذهب ۾، گذريل وقت ۾ منهنجي هلت چلت اوهان ٻُڌي آهي، تہ ڪهڙيءَ طرح خدا جي ڪليسيا کي حد کان وڌيڪ ستائيندو ۽ ڦٽائيندو هوس: 14 ۽ مون يهودين جي مذهب ۾ پنهنجي قوم جي ماڻهن مان گهڻن پاڻ جيڏن کان وڌيڪ ترقي ڪئي هئي؛ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي روايتن لاءِ تمام گهڻو سرگرم هوس. 15 پر جنهن خدا مون کي ماءُ جي پيٽان ئي مخصوص ڪري پنهنجي فضل سان سڏيو، تنهن جي جڏهن اها مرضي ٿي 16 تہ پنهنجي فرزند کي مون ۾ ظاهر ڪري، تہ آئون غير قومن ۾ انهي جي پڌرائي ڪريان، تڏهن مون ڪنهن انسان کان صلاح نہ ورتي: 17 نڪي يروشلم ۾ انهن وٽ ويس، جي مون کان اڳي رسول هئا: پر آئون فورن عربستان ڏانهن هليو ويس؛ ۽ وري اُتان موٽي دمشق ۾ آيس. 18 وري ٽن ورهين کانپوءِ آئون ڪيفاس سان ملڻ لاءِ يروشلم ڏانهن ويس، ۽ پندرهن ڏينهن وٽس رهيس. 19 پر خداوند جي ڀاءُ يعقوب کانسواءِ ٻئي ڪنهن رسول کي مون ڪونہ ڏٺو. 20 هاڻي جي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، تن جي بابت خدا کي حاضر ڄاڻي آئون ڪوڙ نٿو ڳالهايان. 21 تنهن کانپوءِ آئون شام ۽ ڪلڪيہ جي پرڳڻن ۾ آيس. 22 ۽ يهوديہ جون ڪليسيائون، جي مسيح ۾ هيون، تن سان اڃا منهنجي واقفيت ڪانہ ٿي هئي. 23 پر هو رڳو هيترو ٻُڌندا هئا، تہ فلاڻو جو اڳي اسان کي ستائيندو هو، سو هاڻي اُنهي دين جي منادي ٿو ڪري جنهن کي هو اڳي ڦٽائيندو هو؛ 24 ۽ اُهي منهنجي سبب خدا جي وڏائي ظاهر ڪندا هئا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society