Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 9 - Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:

2 ڇالاءِ جو هنن انهن جون ڌيئرون پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن پٽن جي لاءِ ورتيون آهن؛ جنهن ڪري پاڪ نسل وارا، ملڪن جي ٻين قومن سان گڏجي پيا آهن: هائو، انهيءَ گناهہ ۾ اميرن ۽ حاڪمن جو هٿ زيادہ آهي.

3 ۽ جڏهن مون اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن مون پنهنجا ڪپڙا ۽ پنهنجي قبا ڦاڙي، ۽ پنهنجي مٿي ۽ پنهنجي ڏاڙهيءَ جا وار نوچيا، ۽ حيران ٿي ويهي رهيس.

4 تڏهن انهن قيدين جي گناهہ ڪري، جيڪي اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ مون وٽ اچي گڏ ٿيا؛ ۽ آءٌ شام جي قربانيءَ تائين ماٺ ڪيو حيران ٿيو ويٺو هوس.

5 ۽ شام جي قربانيءَ وقت، آءٌ پنهنجي شرمندگيءَ ۾، ڦاٽل ڪپڙن ۽ قبا سميت اُٿيس، ۽ گوڏن ڀر ڪِري، خداوند پنهنجي خدا جي اڳيان هٿ ڊگهيريم؛

6 ۽ چيم تہ اي منهنجا خدا آءٌ شرمندو آهيان، ۽ اي منهنجا خدا، آءٌ تو ڏانهن پنهنجي منهن کڻڻ کان لڄي ٿيو آهيان، ڇالاءِ جو اسان جا گناهہ اسان جي مٿي تي گهڻا ٿي ويا آهن، ۽ اسان جو ڏوهہ وڌي آسمان تائين چڙهي ويو آهي.

7 اسان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين اسين وڏا ڏوهاري ٿيا آهيون؛ ۽ پنهنجن گناهن ڪري اسين، ۽ اسان جا بادشاهہ، ۽ اسان جا ڪاهن، ملڪن جي بادشاهن جي هٿن ۾، ترار، ۽ قيد، ۽ ڦرلٽ، ۽ شرمندگيءَ جي لاءِ ڏنا ويا آهن، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.

8 ۽ هاڻي ٿوري وقت لاءِ خداوند اسان جي خدا اسان کي مهرباني ڏيکاري آهي، جو اسان مان باقي بچيلن کي ڇڏيو اٿس، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان ۾ اسان کي هڪڙي ڪلي ڏني اٿس، انهيءَ لاءِ تہ اسان جو خدا اسان جون اکيون روشن ڪري، ۽ اسان جي غلاميءَ ۾ اسان کي ٿورو تازو ڪري.

9 ڇالاءِ جو اسين غلام آهيون؛ انهيءَ هوندي بہ اسان جي خدا اسان کي غلاميءَ ۾ بہ ڇڏي نہ ڏنو آهي، پر فارس جي بادشاهن جي نظر ۾ اسان کي رحم عطا ڪيو اٿس، جو اسان کي تازو ڪيو اٿس، تہ پنهنجي خدا جو گهر کڙو ڪريون، ۽ ان جي ڀڳل ڀريل حصن جي مرمت ڪريون، ۽ اسان کي يهوداہ ۽ يروشلم ۾ ڀت ڏني اٿس.

10 ۽ هاڻي، اي اسان جا خدا، هن کانپوءِ اسين ڇا چئون؟ ڇالاءِ جو اسان تنهنجا حڪم ڇڏي ڏنا آهن،

11 جي تو پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت ڏنا، ۽ تو فرمايو تہ جنهن زمين جي قبضي وٺڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، سا غير قومن جي ناپاڪيءَ ڪري، ۽ جن نفرت جهڙن ڪمن سبب اُها هڪڙي پاسي کان وٺي ٻئي پاسي تائين گندگيءَ سان ڀريل آهي، تن ڪري ناپاڪ زمين آهي؛

12 تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي نہ ڏجو، نڪي پنهنجن پٽن لاءِ هنن جون ڌيئرون وٺجو، ۽ نہ ڪڏهن هنن جي سلامتي ۽ هنن جو سک ڳولجو: تہ اوهين مضبوط ٿيو، ۽ انهيءَ زمين جي چڱي پيدائش کائو، ۽ پنهنجي اولاد لاءِ هميشہ واسطي ورثو ڪري اُها ڇڏي وڃو.

13 ۽ جيڪي اسانجن بڇڙن ڪمن ڪري، ۽ اسان جي وڏي گناهہ ڪري اسان تي آيو آهي، تنهن کانپوءِ جڏهن تو اسان جي خدا، اسان کي ايتري گهٽ سزا ڏني، جنهن جا اسين پنهنجن گناهن ڪري لائق هئاسين، ۽ اسان مان هيترا باقي بچيا اٿيئي،

14 تڏهن اسين وري تنهنجا حڪم ڀڃنداسين ڇا، ۽ جي قومون اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ٿيون ڪن، تن سان مٽي مائٽي ڳنڍينداسين ڇا؟ تون اسان تي ايترو نہ ڪاوڙبين ڇا، جو اسان کي اهڙو ناس ڪري ڇڏين جو اسان مان ڪوبہ باقي نہ بچي ۽ ڪوبہ ڀڄي نہ ڇُٽي؟

15 اي خداوند، اسرائيل جا خدا، تون سچو آهين؛ ڇالاءِ جو اسين جي ڀڄي ڇُٽا آهيون، سي باقي بچيا آهيون، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي: ڏس، اسين پنهنجي گنهگاريءَ ۾ تنهنجي اڳيان حاضر آهيون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ جي ڪري ڪوبہ تنهنجي اڳيان بيهي نہ سگهندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan