Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 8 - Sindhi Bible

1 هاڻي هنن جي اباڻي گهراڻن جا رئيس هي آهن، جيڪي ارتخششتا بادشاهہ جي بادشاهيءَ ۾ مون سان گڏجي بابل مان نڪري هليا، تن جو نسب نامو هي آهي.

2 فينحاس جي پٽن مان؛ جيرسوم: اتمر جي پٽن مان، داني ايل: دائود جي پٽن مان، حطوش.

3 سڪنياہ جي پٽن مان؛ پرعوس جي پٽن مان، زڪرياہ: ۽ انهيءَ سان گڏ مردن جي نسب نامي موجب، ڏيڍ سؤ ماڻهو شمار ڪيا ويا.

4 پخت موآب جي پٽن مان، اليهو عيني بن زراخياہ؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ سؤ مرد.

5 سڪنياہ جي پٽن مان، يحزي ايل جو پٽ، ۽ انهيءَ سان ٽي سؤ مرد.

6 ۽ عدين جي پٽن مان، عبد بن يونتن؛ ۽ انهيءَ سان پنجاهہ مرد.

7 ۽ عيلام جي پٽن مان، يسعياہ بن عتلياہ؛ ۽ انهيءَ سان ستر مرد.

8 ۽ سفطياہ جي پٽن مان، زبدياہ بن ميڪاايل؛ ۽ انهيءَ سان اسي مرد.

9 يوآب جي پٽن مان، عبدياہ بن يحي ايل؛ ۽ انهيءَ سان ٻہ سؤ ارڙهن مرد.

10 ۽ سلوميت جي پٽن مان يوسفياہ جو پٽ؛ ۽ انهيءَ سان هڪ سؤ سٺ مرد.

11 ۽ ببي جي پٽن مان، زڪرياہ بن ببي؛ ۽ انهيءَ سان اٺاويهہ مرد.

12 ۽ عزجاد جي پٽن مان، يوحنان بن هقاطان؛ ۽ انهيءَ سان هڪ سؤ ڏهہ مرد.

13 ۽ ادونقام جي پٽن مان، جي سڀ کان پويان هئا؛ تن جا نالا هي آهن، اليفلط، يعي ايل، ۽ سمعياہ؛ ۽ انهن سان سٺ مرد.

14 ۽ بگوي جي پٽن مان عوطي ۽ زبود؛ ۽ انهن سان ستر مرد.

15 ۽ مون انهن کي انهيءَ نديءَ وٽ آڻي گڏ ڪيو، جا اهوا ڏانهن وهيو ٿي وڃي؛ ۽ اتي اسان ٽي ڏينهن منزل ڪئي: ۽ مون ماڻهن ۽ ڪاهنن تي نظر ڪئي، ۽ انهن ۾ لاويءَ جي پٽن مان مون کي ڪوبہ ڏسڻ ۾ نہ آيو.

16 تڏهن مون اليعزر ۽ اريئيل ۽ سمعياہ، ۽ الناتن، ۽ يريب، ۽ الناتن، ۽ ناتن، ۽ زڪرياہ، ۽ مسلام کي گهرايو، جي رئيس هئا؛ ۽ يريب ۽ الناتن کي بہ، جي استاد هئا.

17 ۽ مون انهن کي عيدو سردار ڏانهن، ڪسيفيا نالي مڪان ۾ ڏياري موڪليو؛ ۽ جيڪي عيدو، ۽ سندس ڀائرن نتينيم کي، انهيءَ ڪسيفيا مڪان ۾ چوڻو هو، سو ٻڌايومان، ۽ چيومان تہ اسان جي خدا جي گهر لاءِ خدمتگار اسان وٽ وٺي اچن.

18 ۽ اسان تي جو خدا جو چڱو هٿ هو، تنهنڪري محلي بن لاوي بن اسرائيل جي پٽن مان هڪڙو سمجهو ماڻهو هو اسان وٽ وٺي آيا؛ ۽ سربياہ، سندس پٽن ۽ ڀائرن سميت، ڪل ارڙهن ڄڻا؛

19 ۽ حسبياہ، ۽ انهيءَ سان گڏ يسعياہ، جو مراري جي پٽن مان هو، سندس ڀائر ۽ سندس پٽ، ڪل ويهہ ڄڻا؛

20 ۽ نتينيم، جن کي دائود ۽ اميرن، لاوين جي خدمت لاءِ ڏيئي ڇڏيو هو، تن مان ٻہ سؤ ويهہ نتينيم: سڀني جا نالا صاف طرح ڏنا ويا.

21 تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون.

22 ڇالاءِ جو مون کي شرم ٿي آيو تہ بادشاهہ کان سپاهين ۽ گهوڙي سوارن جي ڪا ٽولي گهران، تہ اهي رستي ۾ دشمنن سان وڙهڻ لاءِ اسان کي مدد ڪن: هن ڪري جو اسان بادشاهہ کي چيو هو تہ جيڪي خدا کي ڳولين ٿا، تن سڀني تي هميشہ خدا جو هٿ چڱائيءَ لاءِ ٿو رهي؛ پر جيڪي انهيءَ کي ڇڏي ٿا ڏين، تن سڀني تي هو پنهنجي قدرت ۽ غضب نازل ٿو ڪري.

23 تنهنڪري اسان روزو رکيو، ۽ پنهنجي خدا کي عرض ڪيوسين؛ ۽ هن اسان جو عرض قبول ڪيو.

24 تنهن کانپوءِ مون ڪاهنن جي سردارن مان ٻارهن ڄڻا ڌار ڪيا، يعني سربياہ، حسبياہ، ۽ انهن سان گڏ سندن ڀائرن مان ٻيا ڏهہ ڄڻا،

25 ۽ انهن کي چاندي ۽ سون ۽ باسڻ توري ڏنم، يعني جيڪو نذرانو بادشاهہ، ۽ سندس مشيرن، ۽ سندس اميرن، ۽ جيڪي اسرائيلي اتي حاضر هئا، تن اسان جي خدا جي گهر لاءِ ڏنو هو:

26 مون ساڍا ڇهہ سؤ قنطار چاندي، ۽ هڪ سؤ قنطارن جا چانديءَ جا باسڻ؛ ۽ هڪ سؤ قنطار سون جا توري ڏنا؛

27 ۽ ويهہ سونا پيالا، هڪ هزار درهمن جا؛ ۽ ٻہ باسڻ عمدا چمڪندڙ پتل جا، جي سون جهڙا قيمتي هئا.

28 ۽ مون انهن کي چيو تہ اوهين خداوند جي لاءِ پاڪ آهيو، ۽ باسڻ بہ پاڪ آهن؛ ۽ روپو ۽ سون، خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جي خدا لاءِ خوشيءَ جو نذرانو آهي.

29 اوهين انهن جي سنڀال ڪريو، ۽ خبردار رهو، جيستائين ڪ اهي يروشلم ۾ خداوند جي گهر جي ڪوٺين ۾، ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين جي اڳيان، توري انهن جي حوالي ڪريو.

30 تڏهن ڪاهنن ۽ لاوين اها چاندي، ۽ سون، ۽ اهي باسڻ توري ورتا تہ اهي کڻي يروشلم ۾ خدا جي گهر ۾ آڻين.

31 تنهن کانپوءِ اسين پهرين مهيني جي ٻارهين تاريخ يروشلم ۾ وڃڻ لاءِ، اهوا نديءَ کان روانا ٿياسين؛ ۽ اسان جي خدا جو هٿ اسان تي هو، ۽ انهيءَ اسان کي دشمنن جي هٿان، ۽ رستي تي ڌاڙيلن جي هٿان بچائي ورتو.

32 ۽ اسين يروشلم ۾ پهتاسين، ۽ ٽي ڏينهن اتي رهياسين.

33 ۽ چوٿين ڏينهن اسان روپو، ۽ سون، ۽ باسڻ، اسان جي خدا جي گهر ۾ توري، مريموت بن اورياہ ڪاهن جي هٿ ۾ ڏنا؛ ۽ هن سان گڏ اليعزر بن فينحاس هو؛ ۽ انهن سان گڏ يوزباد بن يشوع، ۽ نوعيدياہ بن بنوي، لاوي هئا:

34 سڀ شيون شمار ۽ تور موجب ڏنيون ويون: ۽ انهن جي ڪل تور بروقت لکي ويئي.

35 جيڪي قيدي، شهر نيڪاليءَ کان موٽي آيا هئا، تن اسرائيل جي خدا لاءِ هي سوختني قربانيون چاڙهيون، ٻارنهن ڍڳا سڄي اسرائيل لاءِ، ڇهانوي گهٽا، ستهتر گهيٽا، ۽ ٻارنهن ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: اهي سڀ خداوند جي لاءِ سوختني قربانيءَ لاءِ هئا.

36 ۽ هنن بادشاهہ جا پروانا، بادشاهہ جي نائبن، ۽ نديءَ جي هن ڀر وارن والين کي پهچائي ڏنا: ۽ انهن قوم جي، ۽ خدا جي گهر جي مدد ڪئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan