Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 7 - Sindhi Bible

1 هاڻي انهن ڳالهين کانپوءِ، فارس جي بادشاهہ ارتخششتا جي بادشاهيءَ ۾، عزرا بن سراياہ، بن خلقياہ،

2 بن سلوم، بن صدوق، بن اخيطوب،

3 بن امرياہ، بن عزرياہ، بن مرايوت،

4 بن زراخياہ، بن عزي، بن بقي،

5 بن ابيسوع، بن فينحاس، بن اليعزر، بن هارون سردار ڪاهن:

6 اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.

7 ۽ ارتخششتا بادشاهہ جي ستين ورهيہ ۾، بني اسرائيل، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ڳائڻن، ۽ دربانن، ۽ نتينيم مان ڪي ماڻهو چڙهي يروشلم ڏانهن ويا.

8 ۽ بادشاهہ جي ستين سال جي پنجين مهيني ۾، هو يروشلم ۾ آيو.

9 ڇالاءِ جو پهرين مهيني جي پهرين تاريخ بابل مان هو نڪتو، ۽ پنجين مهيني جي پهرين تاريخ، سندس خدا جو جيڪو چڱو هٿ مٿس هو، تنهن موجب، هو يروشلم ۾ پهتو.

10 ڇالاءِ جو عزرا پنهنجي دل ۾، خداوند جي شريعت جو طالب رهڻ لاءِ، ۽ انهيءَ تي عمل ڪرڻ لاءِ، ۽ اسرائيل ۾ قاعدن ۽ حڪمن جي تعليم ڏيڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو هو.

11 هاڻي عزرا ڪاهن ۽ استاد، يعني خداوند جي اسرائيل کي ڏنل حڪمن جي ڪلام، ۽ قاعدن جي اُستاد کي جيڪو خط ارتخششتا بادشاهہ ڏنو، تنهن جو نقل هي آهي.

12 ارتخششتا شهنشاهہ وٽان عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جي استاد ڏانهن جو ڪامل آهي، وغيرہ:

13 آءٌ حڪم ٿو ڪريان، تہ جيڪي بني اسرائيلي، ۽ سندن ڪاهن لاوي، جي منهنجي بادشاهت ۾ آهن، ۽ جن جي مرضي آهي تہ يروشلم ۾ وڃن، سي سڀ ڀلي تو سان گڏجي وڃن.

14 هاڻي تو کي بادشاهہ ۽ سندس ست مشير روانو ٿا ڪن، تہ جيڪا تنهنجي خدا جي شريعت تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون يهوداہ ۽ يروشلم بابت پڇا ڪرين؛

15 ۽ جيئن اسرائيل جي خدا جو گهر يروشلم ۾ آهي، تنهن جي لاءِ جيڪو سون ۽ روپو، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن خوشيءَ سان نذرانو ڪري پيش ڪيو آهي، سو کڻي وڃين،

16 ۽ ٻيو جيڪو بہ سون ۽ روپو بابل جي پرڳڻي ۾ توکي ملي، ۽ ماڻهن، ۽ ڪاهنن جي خوشيءَ جي قربانيءَ سميت، جا هنن يروشلم ۾ پنهنجي خدا جي گهر لاءِ خوشيءَ سان ڏني هجي، سو بہ کڻي وڃين؛

17 تنهنڪري تون گهڻي ڪوشش ڪري، اُنهن پئسن سان، ڍڳا، ۽ گهٽا ۽ گهيٽا، سندن کاڌي جي قربانين، ۽ پيئڻ جي قربانين سميت، خريد ڪج، ۽ اُهي يروشلم ۾ پنهنجي خدا جي گهر جي قربانگاهہ تي چاڙهج.

18 ۽ باقي جيڪو سون ۽ روپو بچي سو پنهنجي خدا جي مرضيءَ موجب، ۽ جيئن توکي ۽ تنهنجن ڀائرن کي مناسب نظر اچي تيئن ڪم آڻج.

19 ۽ جيڪي باسڻ تنهنجي خدا جي عبادت لاءِ توکي ڏنا ويا آهن، سي تون يروشلم جي خدا جي اڳيان پيش ڪج.

20 ۽ ٻيو بہ جيڪي وڌيڪ تنهنجي خدا جي گهر لاءِ گهربل هجي، ۽ جو توکي ڏيڻو هجي، سو بادشاهہ جي خزاني جي گهر مان ڪڍي ڏج.

21 ۽ آءٌ، يعني ارتخششتا بادشاهہ، جيڪي خزانچي نديءَ جي هن ڀر آهن، تن سڀني ڏانهن حڪم جاري ٿو ڪريان تہ جيڪي بہ عزرا ڪاهن، آسمان جي خدا جي شريعت جو استاد اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوي، سو اوهين گهڻي سعيي سان ڪجو.

22 چانديءَ جي هڪ سؤ قنطارن، ۽ ڪڻڪ جي هڪ سؤ ماڻن، ۽ شراب جي هڪ سؤ مٽن، ۽ تيل جي هڪ سؤ دٻن تائين، ۽ لوڻ بي انداز ڏجو.

23 جيڪي بہ آسمان جو خدا حڪم ڪري، سو سندس گهر جي لاءِ بلڪل پوريءَ طرح ڪرڻ ۾ اچي؛ ڇالاءِ جو بادشاهہ جي بادشاهت، ۽ سندس پٽن تي ڇو غضب نازل ٿئي؟

24 ۽ اسين اوهان کي هي تاڪيد بہ ٿا ڪريون تہ ڪاهنن، لاوين، ڳائڻن، دربانن، نتينيم، يا خدا جي هن گهر جي خدمتگارن مان ڪنهن تي بہ ڍل، يا محصول، يا چونگي، رکڻ جائز نہ آهي.

25 ۽ اي عزرا، تنهنجي خدا جي حڪمت جا تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون حاڪم ۽ قاضي مقرر ڪر، تہ اُهي نديءَ جي هن ڀر جيڪي ماڻهو آهن، تن جي عدالت ڪن، اُهي سڀ اهڙا هجن جي تنهنجي خدا جي شريعت ڄاڻندا هجن، ۽ جيڪو نہ ڄاڻندو هجي، تنهن کي اوهين سيکاريو.

26 ۽ جيڪو تنهنجي خدا جي شريعت موجب، ۽ بادشاهہ جي قاعدي موجب هلت نہ ڪري، تنهن تي ضرور سزا جاري ٿئي، پوءِ موت هجي، يا شهر نيڪالي هجي، يا مال متاع جي ضبطي هجي، يا قيد هجي.

27 خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛

28 ۽ جنهن، بادشاهہ ۽ سندس مشيرن ۽ سڀني زور وارن اميرن جي اڳيان مون تي رحم ڪيو. ۽ منهنجي خدا جو هٿ جو مون تي هو، تنهن موجب مون کي طاقت ملي، ۽ مون اسرائيل مان مکيہ ماڻهو گڏ ڪيا، تہ مون سان گڏجي هلن.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan