Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 6 - Sindhi Bible

1 تڏهن دارا بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو، ۽ بابل ۾ جنهن دفترخاني ۾ خزانا رکيل هئا، تن جي تلاشي ورتي ويئي.

2 ۽ اخمتا ۾ جيڪو محلات، ماديءَ جي پرڳڻي ۾ آهي، تنهن ۾ هڪڙي ڪاغذ جي ويڙهي لڌي، جنهن ۾ هي بيان لکيل هو.

3 خورس بادشاهہ جي پهرين سال ۾، خورس بادشاهہ هڪڙو حڪم جاري ڪيو؛ يروشلم ۾ جيڪو خدا جو گهر آهي تنهن جي نسبت ۾ حڪم، تہ اهو گهر، ۽ اها جاءِ جتي قربانيون چاڙهڻ ۾ ٿيون اچن، سو ڀلي تہ جُڙي، ۽ انهيءَ جو بنياد پڪيءَ طرح وڌو وڃي؛ انهيءَ جي اوچائي سٺ هٿ، ۽ انهيءَ جي ويڪر سٺ هٿ؛

4 وڏن پٿرن جي ٽن قطارن، ۽ نئين ڪاٺ جي هڪڙي قطار سان: ۽ انهيءَ جو ڪل خرچ بادشاهہ جي گهر مان ڏجي:

5 ۽ خدا جي گهر جا سونا ۽ روپا باسڻ، جي نبوڪدنضر يروشلم واري هيڪل مان ڪڍي بابل ۾ آندا، سي بہ موٽائي يروشلم واري هيڪل ۾ رکيا وڃن، جيئن سڀڪو باسڻ پنهنجي جاءِ تي رهي، ۽ اُهي تون خداوند جي گهر ۾ رکج.

6 تنهنڪري هاڻي اي تتني، نديءَ جي هن ڀر جا والي، ۽ شتربوزني، ۽ اوهان جا سنگتي افرسڪين، جي نديءَ جي هن ڀر آهيو، اوهين انهيءَ هنڌ کان پري رهجو:

7 خدا جي هن گهر جو ڪم ڇڏي ڏيو؛ يهودين جا حاڪم، ۽ يهودين جا بزرگ ڀلي تہ خدا جو گهر پنهنجي جاءِ تي جوڙين.

8 تنهن کانسواءِ آءٌ هي حڪم ٿو ڪريان، تہ خدا جي هن گهر جوڙڻ لاءِ، يهودين جي بزرگن سان ڪهڙي هلت ڪجو: بادشاهہ جي مال مان، يعني نديءَ جي هن ڀر جي ڍل مان، ڏاڍي ڪوشش سان هنن ماڻهن کي خرچ پهچايو وڃي، تہ هنن کي روڪ نہ ٿئي.

9 ۽ جنهن شيءِ جي گهرج هجين، گابا توڙي گهيٽا، توڙي گهٽا، آسمان جي خدا لاءِ سوختني قربانين واسطي، توڙي ڪڻڪ، لوڻ، شراب ۽ تيل، يروشلم جي ڪاهنن جي حڪم موجب، روز بروز ضرور ڏيڻ ۾ اچي:

10 انهيءَ لاءِ تہ هو آسمان جي خدا لاءِ چڱين خوشبوين جون قربانيون چاڙهين، ۽ بادشاهہ ۽ سندس پٽن جي حياتيءَ واسطي دعا گهرن.

11 مون هي حڪم بہ ڪيو آهي تہ جيڪو هي حڪم ڦيرائيندو، تنهن جي گهر مان هڪڙي ڪام ڇڪي ڪڍي وڃي، ۽ انهيءَ تي هو مٿي کڻي ٻڌي قابو ڪيو وڃي؛ ۽ هن جو گهر انهيءَ ڳالهہ لاءِ ٻهر جو ڍير ڪيو وڃي.

12 ۽ جنهن خدا پنهنجو نالو اتي قائم ڪرايو آهي، سو شل انهن سڀني بادشاهن ۽ ماڻهن کي ناس ڪري، جي يروشلم ۾ هن خدا جي گهر جي ناس ڪرڻ لاءِ، هن حڪم ڦيرائڻ واسطي پنهنجو هٿ ڊگهيرين. مون دارا، هي حڪم جاري ڪيو آهي؛ انهيءَ جي گهڻيءَ ڪوشش سان تعميل ڪئي وڃي.

13 تڏهن نديءَ جي هن ڀر جي واليءَ تتنيءَ، ۽ شستربوزني، ۽ انهن جي سنگتين ڪوشش ڪري ائين ڪيو، ڇالاءِ جو دارا بادشاهہ اهڙو حڪم موڪليو هون.

14 ۽ يهودين جي بزرگن، حجي نبيءَ، ۽ زڪرياہ بن عدو جي نبوت جي وسيلي عمارت شروع ڪئي ۽ فتحياب ٿيا. ۽ اسرائيل جي خدا جي حڪم موجب، ۽ فارس جي بادشاهہ خورس ۽ دارا ۽ ارتخششتا جي فرمان موجب، عمارت جوڙي تيار ڪيائون.

15 ۽ دارا بادشاهہ جي بادشاهيءَ جي ڇهين سال ۾، آدار مهيني جي ٽين تاريخ، اهو گهر پورو ٿيو.

16 ۽ بني اسرائيل ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين، ۽ ٻين قيد مان آيل ماڻهن، خوشيءَ سان خدا جي گهر جو تصدق ڪيو.

17 ۽ انهيءَ خدا جي گهر جي تصدق ڪرڻ لاءِ، هنن هڪ سؤ ڍڳا، ٻہ سؤ گهٽا، ۽ چار سؤ گهيٽا قربان ڪيا؛ ۽ سڄي اسرائيل جي طرفان گناهہ جي قربانيءَ لاءِ اسرائيل جي فرقن جي شمار موجب، ٻارهن ٻڪر قرباني ڏنائون.

18 ۽ هنن ڪاهنن کي، پنهنجي پنهنجي حصي ۾، لاوين کي پنهنجي پنهنجي واري تي، يروشلم ۾ خدا جي خدمت لاءِ مقرر ڪيو؛ جيئن ڪ موسيٰ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.

19 ۽ قيد مان آيل ماڻهن، پهرين مهيني جي چوڏهين ڏينهن فسح جي عيد ڪئي.

20 ڇالاءِ جو ڪاهنن، ۽ لاوين گڏجي پاڻ کي پاڪ ڪيو هو، اُهي سڀيئي پاڪ هئا: ۽ انهن سڀني قيد مان آيل ماڻهن جي لاءِ، ۽ پنهنجن ڀائرن ڪاهنن جي لاءِ، ۽ پنهنجي لاءِ فسح جون قربانيون ذبح ڪيون.

21 ۽ بني اسرائيل، جي وري بہ قيد مان ڇُٽي آيا هئا، ۽ اُهي ماڻهو جي ملڪ جي غير قومن جي گندگيءَ مان نڪري، پاڻ کي ڌار ڪري، خداوند اسرائيل جي خدا جي ڳولڻ لاءِ هنن وٽ آيا هئا، تن سڀني کاڌو،

22 ۽ هنن ست ڏينهن خوشيءَ سان بي خميري مانيءَ جي عيد ڪئي: ڇالاءِ جو خداوند هنن کي خوش ڪيو هو، ۽ اسور جي بادشاهہ جي دل انهن ڏانهن ڦيرائي هئي، انهيءَ لاءِ تہ اسرائيل جي خدا جي گهر جي ڪم ۾ هنن جي هٿن کي مضبوط ڪري.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan