Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 4 - Sindhi Bible

1 هاڻي جڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جي دشمنن ٻڌو، تہ قيدين خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ هيڪل جوڙي آهي؛

2 تڏهن هو زربابل، ۽ اباڻي گهراڻن جي رئيسن وٽ آيا، ۽ انهن کي چيائون تہ اسان کي بہ پاڻ سان جوڙڻ ۾ همراهہ ٿيڻ ڏيو: ڇالاءِ جو اسين بہ اوهان جو خدا ٿا ڳوليون، جيئن اوهين ٿا ڳوليو، ۽ اسور جو بادشاهہ اسرحدون، جنهن اسان کي هتي آندو، تنهن جي ڏينهن کان وٺي اسين بہ قربانيون ڪندا آيا آهيون.

3 پر زربابل ۽ يشوع، ۽ اسرائيل جي اباڻن گهراڻن جي باقي ٻين رئيسن، انهن کي چيو تہ اسان جي خدا لاءِ گهر جوڙڻ ۾ اوهان جو ڪوبہ واسطو ڪونهي؛ پر اسين پاڻ گڏجي خداوند اسرائيل جي خدا لاءِ گهر جوڙينداسين، جيئن فارس جي بادشاهہ خورس اسان کي حڪم ڏنو آهي.

4 تڏهن انهيءَ ملڪ جي ماڻهن يهوداہ جي ماڻهن جا هٿ ضعيف ڪيا، ۽ انهن کي گهر جوڙڻ ۾ تڪليف ڏيڻ لڳا،

5 ۽ انهن جي برخلاف مشير ڀاڙي ڪيائون، انهيءَ لاءِ تہ فارس جي بادشاهہ خورس جي سڀني ڏينهن ۾، بلڪ فارس جي بادشاهہ دارا جي بادشاهيءَ تائين، انهن جو ارادو باطل ڪري ڇڏين.

6 ۽ اخسويرس جي بادشاهيءَ جي شروع ۾، هنن يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن جي برخلاف هڪڙي فرياد لکي.

7 ۽ ارتخششتا جي ڏينهن ۾ بشلام، متردات، طابئيل ۽ ان جي ٻين سنگتين فارس جي بادشاهہ ارتخششتا کي لکيو؛ ۽ اهو خط ارامي اکرن ۾ ۽ ارامي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.

8 رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، هڪڙو خط يروشلم جي برخلاف ارتخششتا بادشاهہ ڏانهن هن طرح لکيو:

9 تنهن کانپوءِ رحوم ديوان، ۽ شمسي ڪاتب، ۽ انهن جي ٻين سنگتين لکيو؛ يعني دينہ ۽ افارستڪ، طرفيلہ، فارس، ارڪ، بابل، سوسن، دہ، عيلام،

10 ۽ باقي ٻين انهن قومن، جن کي عالي جناب معزز اسنفر آڻي سامريہ جي شهر ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري باقي ملڪ ۾، ۽ ٻين هنڌن تي ويهاريو هو.

11 جيڪو خط هنن ارتخششتا بادشاهہ کي لکيو، تنهن جو نقل هي آهي: تنهنجا ٻانها، جي نديءَ جي هن ڀر رهن ٿا، وغيرہ:

12 بادشاهہ کي نيڪ روشن هجي تہ جيڪي يهودي تو وٽان آيا، سي اسان وٽ يروشلم ۾ آيا آهن؛ اهي انهي باغي ۽ خراب شهر کي ٿا اڏين؛ ۽ انهن ڀتيون جوڙي بس ڪيون آهن، ۽ بنياد مرمت ڪيا اٿن.

13 هاڻي بادشاهہ کي معلوم هجي، تہ جيڪڏهن اهو شهر جڙندو ۽ ڀتيون پوريون ٿينديون، تہ هو ڍل، محصول، يا چونگي نہ ڏيندا، ۽ نيٺ بادشاهن کي نقصان پوندو.

14 هاڻي اسين محلات جا نمڪ خوار آهيون، ۽ اسان کي مناسب نہ آهي تہ بادشاهہ جي بي عزتي ڏسون، تنهنڪري اسان هي خط موڪلي بادشاهہ کي اطلاع ڏنو آهي؛

15 انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ اچي: جنهن مان توکي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ معلوم ٿيندو، تہ هي شهر هڪڙو باغي شهر آهي، ۽ انهيءَ مان بادشاهن ۽ پرڳڻن کي نقصان آهي، ۽ هنن اڳي بہ انهيءَ ساڳي هنڌ فساد برپا ڪيو آهي: انهيءَ سبب هي شهر ويران ٿي ويو هو.

16 اسين بادشاهہ کي خاطري ٿا ڏيون تہ جيڪڏهن هي شهر جڙندو، ۽ ڀتيون ٺهي وينديون، تہ انهيءَ ڪري توکي نديءَ جي هن ڀر ڪوبہ حصو نہ ملندو.

17 تڏهن بادشاهہ، رحوم ديوان، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ جيڪي انهن جا ٻيا سنگتي سامريہ ۾، ۽ نديءَ جي هن ڀر واري ملڪ ۾ رهندا هئا، تن وٽ هي جواب موڪليو، تہ سلامت هجو، وغيرہ.

18 جيڪو خط اوهان اسان وٽ موڪليو، سو منهنجي اڳيان چٽيءَ طرح پڙهيو ويو.

19 ۽ مون حڪم ڪيو، ۽ ڳولا ڪئي ويئي آهي، ۽ معلوم ٿيو آهي تہ هي شهر قديم وقت کان وٺي بادشاهن جي برخلاف باغي پئي ٿيو آهي، ۽ ان ۾ فتنو ۽ فساد ڪرڻ ۾ پئي آيو آهي.

20 يروشلم تي زور وارا بادشاهہ ٿي گذريا آهن، جن سڄي ملڪ تي، نديءَ جي هن ڀر بادشاهي پئي ڪئي آهي؛ ۽ ڍل، ۽ محصول، ۽ چونگي انهن کي پئي ملي آهي.

21 هاڻي اوهين حڪم جاري ڪريو تہ اهي ماڻهو ڪم بند ڪن، ۽ هي شهر نہ جُڙي، جيستائين ڪ آءٌ ٻيو فرمان جاري ڪريان.

22 ۽ خبردار ٿجو، متان انهيءَ ۾ ڪا ڍرائي ڪريو: ڇالاءِ ايترو خسارو ٿئي جو بادشاهن کي نقصان پهچي؟

23 ۽ پوءِ جڏهن ارتخششتا بادشاهہ جي خط جو نقل رحوم، ۽ شمسيءَ ڪاتب، ۽ انهن جي سنگتين جي اڳيان پڙهيو ويو، تڏهن هو تڪڙا ٿي يروشلم ۾ يهودين وٽ ويا، ۽ زور زبردستيءَ سان انهن کان ڪم بند ڪرايائون.

24 تڏهن خدا جو گهر، جو يروشلم ۾ آهي، تنهن جو ڪم بند رهيو؛ ۽ اهو فارس جي بادشاهہ دارا جي بادشاهي جي ٻئي ورهيہ تائين بند هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan