Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 3 - Sindhi Bible

1 ۽ جڏهن ستون مهينو آيو، ۽ بني اسرائيل شهرن ۾ رهيل هئا، تڏهن ماڻهو يڪ مُشت ٿي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا.

2 تڏهن يشوع بن يوصدق ۽ سندس ڀائر جي ڪاهن هئا ۽ زربابل بن سالتي ايل ۽ سندس ڀائر اُٿي بيٺا، ۽ اسرائيل جي خدا جي قربانگاهہ جوڙيائون، انهيءَ لاءِ تہ اُنهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهين، جيئن ڪ خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي.

3 ۽ اُنهن قربانگاهہ کي انهي جي بنياد تي بيهاريو؛ ڇالاءِ جو کين انهن ملڪن جي ماڻهن جو ڊپ هو: ۽ انهن اُنهيءَ تي خداوند جي لاءِ سوختنيون قربانيون چاڙهيون، يعني صبح ۽ شام جي ساڙڻ واريون قربانيون.

4 ۽ جيئن لکيل آهي تيئن هنن تنبن جي عيد ڪئي، ۽ دستور موجب روزمرہ جون سوختني قربانيون شمار موافق چاڙهيائون، جيئن ڪ هر روز جو فرض مقرر هو؛

5 ۽ تنهن کانپوءِ ساندهہ سوختنيون قربانيون ۽ نئين چنڊ جون قربانيون، ۽ اهي سڀ خداوند جون مقرر ڪيل عيدون، جي پاڪ ڪيل هيون، ۽ جن خوشيءَ سان خداوند جي قرباني ڪرڻ ٿي گهري، تن جون قربانيون چاڙهيون.

6 ستين مهيني جي پهرين تاريخ کان وٺي هو خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون پيش ڪرڻ لڳا: پر خداوند جي هيڪل جو بنياد اڃا نہ وڌو هئائون.

7 هنن رازن ۽ واڍن کي پئسا بہ ڏنا؛ ۽ صيدون ۽ صور جي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جون شيون، ۽ تيل ڏنو، انهيءَ لاءِ تہ لبنان مان سرو جا وڻ سمنڊ تائين يافا ۾ آڻين، جيئن ڪ فارس جي بادشاهہ خورس عطا ڪيو هون.

8 هاڻي انهن جي يروشلم ۾ ۽ خدا جي گهر ۾ اچڻ کانپوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾، زربابل بن سالتي ايل، ۽ يشوع بن يوصدق، ۽ انهن جا باقي ٻيا ڀائر، ڪاهن ۽ لاوي، ۽ اهي سڀ جي قيد مان نڪري يروشلم ۾ آيا هئا، تن ڪم شروع ڪيو؛ ۽ جيڪي لاوي ويهن ورهين ۽ انهيءَ کان مٿي عمر جا هئا، تن کي خداوند جي گهر جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائون.

9 تنهن کانسواءِ يشوع پنهنجن پٽن، ۽ ڀائرن سميت، ۽ قدمي ايل ۽ سندس پٽ، جي يهوداہ جي نسل مان هئا، سي خدا جي گهر ۾ ڪم ڪندڙن جي نظرداريءَ لاءِ گڏجي بيٺا: بني حنداد ۽ سندس ڀائر ۽ پٽ بہ گڏجي بيٺا.

10 ۽ جڏهن رازن خداوند جي هيڪل جو بنياد وڌو، تڏهن هنن ڪاهنن کي سندن پوشاڪ ۾ قرنائن سان، ۽ آسف جي پٽن لاوين کي جهانجهن سان بيهاريو، تہ اسرائيل جي بادشاهہ دائود جي حڪم موجب، خداوند جي تعريف ڪن.

11 ۽ هنن واري واري خداوند جي تعريف، ۽ شڪرگذاريءَ جا گيت ڳايا، ۽ چوڻ لڳا تہ هو چڱو آهي، ڇالاءِ جو هن جي رحمت اسرائيل تي هميشہ جٽاءُ ڪرڻ واري آهي، ۽ سڀني ماڻهن خداوند جي تعريف ڪرڻ وقت وڏي سڏ رڙيون ڪيون، ڇالاءِ جو خداوند جي گهر جو بنياد وڌو ويو.

12 پر گهڻا ئي ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ابن جي گهراڻن جا رئيس، يعني اُهي پير مرد، جن پنهنجين اکين سان اڳئين گهر جو بنياد پوندو ڏٺو هو، سي وڏي آواز سان روئڻ لڳا:

13 ايتري قدر جو ماڻهن کي خبر پئجي نہ سگهي تہ خلق جي خوشي جو آواز ڪهڙو آهي، ۽ روئڻ جو آواز ڪهڙو آهي: ڇالاءِ جو ماڻهن وڏيون رڙيون ڪيون، ۽ اُهي پري پري ٻڌڻ ۾ آيون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan