عزرا 2 - Sindhi Bible1 هاڻي انهيءَ پرڳڻي جا ماڻهو، جي قيد ٿي ويلن مان موٽي ويا، ۽ جن کي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر بابل ۾ وٺي ويو هو، ۽ جي سڀ موٽي يروشلم ۾ يهوداہ ۾ پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ آيا؛ 2 جي زربابل، يشوع، نحمياہ، سرايا، رعلاياہ، مردڪي، بلشان، مسفار، بگوي، رحوم، ۽ بعنہ سان آيا. اسرائيل جي قوم جي ماڻهن جو تعداد: 3 بني پرعوس، ٻہ هزار هڪ سؤ ٻاهتر. 4 بني سفطياہ، ٽي سؤ ٻاهتر. 5 بني ارخ، ست سؤ پنجهتر. 6 بني پخت موآب، جي يشوع ۽ يوآب جي اولاد مان هئا، ٻہ هزار اٺ سؤ ٻارنهن. 7 بني عيلام، هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ. 8 بني زتو، نوَ سؤ پنجيتاليهہ. 9 بني زڪي، ست سؤ سٺ. 10 بني باني، ڇهہ سؤ ٻائيتاليهہ. 11 بني ببي، ڇهہ سؤ ٽيويهہ. 12 بني عزجاد، هڪ هزار ٻہ سؤ ٻاويهہ. 13 بني ادونقام، ڇهہ سؤ ڇاهٺ. 14 بني بگوي، ٻہ هزار ڇاونجاهہ. 15 بني عدين، چار سؤ چوونجاهہ. 16 بني اطير، حزقياہ وارا، اٺانوي. 17 بني بضي، ٽي سؤ ٽيويهہ. 18 بني يورہ، هڪ سؤ ٻارهن. 19 بني حاشوم، ٻہ سؤ ٽيويهہ. 20 بني جبار، پنجانوي. 21 بني بيت الحم، هڪ سؤ ٽيويهہ. 22 نطوفہ جا ماڻهو، ڇاونجاهہ. 23 عنتوت جا ماڻهو، هڪ سؤ اٺاويهہ. 24 بني عزماوت، ٻائيتاليهہ. 25 قريت عريم، ڪفرہ ۽ بيروت جا ماڻهو ست سؤ ٽيتاليهہ. 26 رامہ ۽ جبع جا ماڻهو ڇهہ سؤ ايڪيهہ. 27 مڪماس جا ماڻهو هڪ سؤ ٻاويهہ. 28 بيت ايل ۽ عيءَ جا ماڻهو، ٻہ سؤ ٽيويهہ. 29 بني نبو، ٻاونجاهہ. 30 بني مجبيس، هڪ سؤ ڇاونجاهہ. 31 ٻئي عيلام جو اولاد، هڪ هزار ٻہ سؤ چوونجاهہ. 32 بني حارم، ٽي سؤ ويهہ. 33 لود، حاديد ۽ اونو جو اولاد، ست سؤ پنجويهہ. 34 بني يريحو، ٽي سؤ پنجيتاليهہ. 35 بني سناآہ، ٽي هزار ڇهہ سؤ ٽيهہ. 36 ڪاهن: بني يدعياہ، يشوع جي گهراڻي وارا، نوَ سؤ ٽيهتر. 37 بني اِمير، هڪ هزار ٻاونجاهہ. 38 بني فشحور، هڪ هزار ٻہ سؤ ستيتاليهہ. 39 بني حارم، هڪ هزار سترهن. 40 لاوي: بني يشوع ۽ قدي ايل، بني هوداوياہ وارا، چوهتر. 41 ڳائڻ وارا: بني آسف، هڪ سؤ اٺاويهہ. 42 دربانن جو اولاد: بني سلوم، بني اطير، بني طلمون، بني عقوب، بني خطيطا، بني سوبي، ڪل هڪ سؤ اوڻيتاليهہ. 43 نتينيم: بني ضيحا، بني حسوفا، بني طبعوت؛ 44 بني قروس، بني سيعها، بني فدون؛ 45 بني لبانہ، بني حجابہ، بني عقوب؛ 46 بني حجاب، بني شملي، بني حنان؛ 47 بني جديل، بني جحر، بني رآياہ؛ 48 بني رصين، بني نقودا، بني جزام. 49 بني عزا، بني فاسيخہ، بني بسي؛ 50 بني اسناہ، بني معونيم، بني نفي سيم؛ 51 بني بقبوق، بني حقوفا، بني حرحور؛ 52 بني بضلوت، بني محيدا، بني حرشا؛ 53 بني برقوس، بني سيسرا، بني تامحہ؛ 54 بني نضياح، بني خطيفا. 55 سليمان جي نوڪرن جو اولاد: بني سوطي، بني حسوفرت، بني فرودا؛ 56 بني يعلہ، بني درقون، بني جديل؛ 57 بني سفطياہ، بني خطيل، بني فوڪرت ضبائم، بني امي. 58 سڀ نتينيم، ۽ سليمان جي نوڪرن جو اولاد ٽي سؤ ٻيانوي هو. 59 ۽ هي اُهي هئا جي تل ملحہ، تل حرسا، ڪروب، ادان ۽ امير مان چڙهي آيا: پر اُهي پنهنجن ابن جا گهراڻا، ۽ پنهنجو نسل، تہ هو اسرائيل مان هئا، سو ثابت ڪري نہ سگهيا: 60 بني دلاياہ، بني طوبياہ، بني نقودا، ڇهہ سؤ ٻاونجاهہ. 61 ۽ ڪاهنن جي اولاد مان: بني حباياہ، بني هقوص، بني برزلي، جنهن برزلي جلعاديءَ جي ڌيئرن مان هڪڙيءَ سان شادي ڪئي، ۽ انهي جي پٺيان نالو مليو هوس. 62 انهن پنهنجي سند اُنهن ۾ ڳولي، جي نسب نامي موجب شمار ڪيا ويا هئا، پر اها نہ لڌائون: تنهنڪري اُهي ناپاڪ سمجهيا ويا ۽ ڪهانت کان رد ڪيا ويا. 63 ۽ حاڪم انهن کي چيو تہ اوهين متان تمام پاڪ شين مان کائو، جيستائين ڪو ڪاهن اوريم ۽ تميم سان اتي کڙو نہ ٿئي. 64 سڄي جماعت گڏجي ٻائيتاليهہ هزار ٽي سؤ سٺ ٿي، 65 تنهن کانسواءِ، انهن جا ٻانها ۽ ٻانهيون، جي ست هزار ٽي سؤ ستٽيهہ ماڻهو هئا: ۽ انهن وٽ ٻہ سؤ ڳائيندڙ مرد ۽ ڳائيندڙ زالون هيون. 66 انهن جا گهوڙا، ست سؤ ڇٽيهہ هئا؛ انهن جا خچر، ٻہ سؤ پنجيتاليهہ؛ 67 انهن جا اُٺ، چار سؤ پنجٽيهہ؛ انهن جا گڏهہ، ڇهہ هزار ست سؤ ويهہ. 68 ۽ اباڻن گهراڻن جي رئيسن مان جڏهن ڪي يروشلم ۾ خداوند جي گهر آيا، تڏهن انهن پنهنجي خوشيءَ سان خدا جي گهر لاءِ نذرانا ڏنا؛ انهيءَ لاءِ تہ اُهو پنهنجي جاءِ تي کڙو ڪيو وڃي: 69 انهن پنهنجي وسعت آهر، ڪم واري خزاني ۾، سون جا ايڪهٺ هزار درهم، ۽ چانديءَ جا اڍائي هزار سير، ۽ هڪ سؤ ڪاهنن جا وڳا ڏنا. 70 انهيءَ طرح ڪاهن، ۽ لاوي، ۽ ڪي ٻيا ماڻهو، ۽ ڳائڻ وارا، ۽ دربان، ۽ نتينيم، پنهنجن شهرن ۾ ۽ سڀ اسرائيلي پنهنجن شهرن ۾ اچي رهيا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society