Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

عزرا 10 - Sindhi Bible

1 هاڻي جيستائين عزرا خدا جي گهر اڳيان اونڌو ٿي روئي دعا پئي گهري، ۽ گناهہ پئي قبول ڪيائين، ايتري ۾ هن وٽ اسرائيل جي مردن ۽ زالن ۽ ٻارن جي هڪڙي جماعت اچي گڏ ٿي: ڇالاءِ جو ماڻهن ڏاڍو رُنو.

2 ۽ عيلام جي پٽن مان هڪڙي، سڪنياہ بن يحئيل، ورندي ڏيئي عزرا کي چيو تہ، اسان پنهنجي خدا جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، ۽ ملڪ جي غير قومن مان ڌاريون زالون پرڻيا آهيون: تڏهن بہ انهيءَ ڳالهہ جي نسبت ۾ اڃا اسرائيل جي لاءِ اُميد آهي.

3 تنهن ڪري هاڻي اچو تہ پنهنجي خدا سان عهد اقرار ڪريون، تہ سڀ زالون ۽ جيڪو اولاد انهن مان ڄائو آهي، سو پنهنجي ڌڻيءَ جي، ۽ جيڪي اسان جي خدا جي حڪم کان ڊڄن ٿا، تن جي صلاح موجب ڪڍي ڇڏيون؛ ۽ اهو ڪم شريعت موجب ڪيو وڃي.

4 اُٿ، ڇالاءِ جو اهو ڪم تنهنجو آهي، ۽ اسين تو سان آهيون: همت جهلي اهو ڪر.

5 تڏهن عزرا اُٿيو، ۽ ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين، ۽ سڀني اسرائيلين کان قسم کڻايائين، تہ هو انهيءَ حڪم موجب عمل ڪندا. ان موجب هنن قسم کنيو.

6 تڏهن عزرا خدا جي گهر جي اڳيان اُٿيو، ۽ يهوحانا بن الياسب جي ڪوٺيءَ ۾ آيو: ۽ جڏهن هو اتي آيو تڏهن نڪا ماني کاڌائين، نڪو پاڻي پيتائين: ڇالاءِ جو قيد مان آيلن جي گناهہ ڪري هن کي گهڻو ڏک هو.

7 ۽ هنن يهوداہ ۽ يروشلم ۾، ۽ سڀني قيدين ۾ اشتهار ڪرايو تہ يروشلم ۾ اچي گڏ ٿين؛

8 ۽ جيڪو اميرن ۽ بزرگن جي صلاح موجب ٽن ڏينهن جي اندر نہ ايندو، تنهن جو سڀ مال ملڪيت ضبط ٿيندو، ۽ اهو پاڻ قيد مان آيلن جي جماعت کان ڌار ڪيو ويندو.

9 تڏهن يهوداہ ۽ بنيمين جا سڀ ماڻهو ٽن ڏينهن جي اندر يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا؛ اُهو نائون مهينو هو ۽ اها مهيني جي ويهين تاريخ هئي: سڀ ماڻهو خدا جي گهر جي اڳيان ميدان ۾ اچي ويٺا ۽ انهيءَ ڳالهہ ۽ مينهن جي ڪري پئي ڏڪيا.

10 ۽ عزرا ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ اوهان گناهہ ڪيو آهي، ۽ ڌاريون زالون پرڻجي اسرائيل جو ڏوهہ وڌايو اٿوَ.

11 تنهنڪري هاڻي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا وٽ پنهنجا ڏوهہ قبول ڪريو، ۽ هن جي مرضيءَ تي هلو: ۽ ملڪ جي ماڻهن کان، ۽ ڌارين زالن کان پاڻ کي ڌار ڪريو.

12 تڏهن سڄي جماعت وڏي آواز سان ورندي ڏيئي چيو تہ جيئن تو اسان جي نسبت ۾ چيو آهي، تيئن ئي اسين ڪنداسين.

13 پر ماڻهو گهڻا آهن، ۽ گهڻي مينهن جو وقت آهي، ۽ اسين ٻاهر بيهي نٿا سگهون، نڪي وري هي ڪم هڪڙي ٻن ڏينهن جو آهي: ڇالاءِ جو اسان انهيءَ ڳالهہ ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.

14 هاڻي سڄيءَ جماعت لاءِ اسان جا سردار مقرر ٿين، ۽ اسانجن شهرن ۾ جن جن ماڻهن ڌاريون زالون پرڻيون آهن، سي ٺهرايل وقتن تي اچن، ۽ ساڻن گڏ سڀ ڪنهن شهر جا بزرگ ۽ قاضي بہ اچن، جيستائين اسان جي خدا جي ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي، ۽ هي ڪم پورو ٿئي.

15 رڳو يونتن بن عساهيل، ۽ يحازياہ بن تقوہ، انهيءَ ڪم جي برخلاف اُٿي بيٺا: ۽ مسلام ۽ شبتي لاوين انهن جي مدد ڪئي.

16 پر قيد مان آيلن ائين ئي ڪيو، ۽ عزرا ڪاهن اباڻي گهراڻن جي ڪن رئيسن سان گڏ، سندن ابن جي گهراڻن موجب، ناليوار انهن کي ڌار ڪيو؛ ۽ اُهي هن ڳالهہ جي چڪاس ڪرڻ لاءِ ڏهين مهيني جي پهرين تاريخ ويٺا.

17 ۽ پهرين مهيني جي پهرين تاريخ تائين انهن سڀني ماڻهن جو فيصلو ڪيائون، جن ڌاريون زالون پرڻيون هيون.

18 ۽ ڪاهنن جي پٽن مان ڪي لڌا، جي ڌاريون زالون پرڻيا هئا: اُهي هئا بني يشوع مان يوصدق جو پٽ ۽ ان جا ڀائر، معسياہ، ۽ اليعزر، ۽ يارب، ۽ جدلياہ.

19 ۽ انهن پنهنجو هٿ ڏنو تہ پنهنجون زالون ڪڍي ڇڏيندا، ۽ ڏوهاري هئڻ ڪري، پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڌڻ مان هڪڙو گهٽو قرباني ڪيائون.

20 ۽ امير جي پٽن مان؛ حناني ۽ زبدياہ.

21 ۽ حارم جي پٽن مان؛ معسياہ، ۽ الياہ، ۽ سمعياہ، ۽ يحي ايل ۽ عزياہ.

22 ۽ فشحور جي پٽن مان؛ اليوعيني، معسياہ، اسماعيل، نتني ايل، يوزباد، ۽ العسہ.

23 ۽ لاوين مان؛ يوزباد ۽ سمعي ۽ قلاياہ (جو قليتاہ آهي)، فتحياہ، يهوداہ، ۽ اليعزر.

24 ۽ ڳائڻن مان: الياسب: ۽ دربانن مان؛ سلوم، ۽ طلم ۽ اوري.

25 ۽ اسرائيلين مان؛ پرعوس جي پٽن مان؛ رمياہ، ۽ يزياہ، ۽ ملڪياہ، ۽ ميامين، ۽ اليعزر، ۽ ملڪياہ، ۽ بناياہ.

26 ۽ عيلام جي پٽن مان؛ متنياہ، زڪرياہ، ۽ يحي ايل، ۽ عبدي، ۽ يريموت، ۽ الياہ.

27 ۽ زتو جي پٽن مان؛ اليوعيني، الياسب، متنياہ، ۽ يريموت، ۽ زاباد، ۽ عزيزا.

28 ۽ ببي جي پٽن مان؛ يهوحانان، حننياہ، زبي، عطلي.

29 ۽ باني جي پٽن مان؛ مسلام، ملوڪ، ۽ عداياہ، ياسوب، ۽ سيال، ۽ يراموت.

30 پخت موآب جي پٽن مان؛ عدنا، ڪلال، بناياہ، معسياہ، متنياہ، بضلي ايل، ۽ بنوي، ۽ منسي.

31 ۽ حارام جي پٽن مان؛ اليعزر، يشياہ، ملڪياہ، سمعياہ، شمعون؛

32 بنيمين، ملوڪ، سمرياہ.

33 حاشوم جي پٽن مان؛ متني، متتاہ، زاباد، اليفلط، يريمي، منسي، سمعي.

34 بانيءَ جي پٽن مان؛ معدئي، عمرام ۽ اوايل؛

35 بناياہ، بدياہ، ڪلوہ؛

36 ونياہ، مريموت، الياسب.

37 متنياہ، متنئي، ۽ يعسو؛

38 ۽ باني، ۽ بنوي، سمعي؛

39 ۽ سليماہ، ۽ ناتن، ۽ عداياہ؛

40 مڪندبي، ساسي، ساري؛

41 عزرئيل ۽ سلمياہ، سمرياہ؛

42 سلوم، امرياہ، يوسف.

43 نبو جي پٽن مان؛ يعي ايل، متتياہ، زاباد، زبينا، يدو، ۽ يوايل، بناياہ.

44 اهي سڀيئي ڌاريون زالون پرڻيا هئا: ۽ ڪن کي اهڙيون زالون هيون جن مان اولاد هونِ.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan