Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 8 - Sindhi Bible

1 ۽ ڇهين سال ۾ ڇهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ آءٌ پنهنجي گهر ويٺو هوس، ۽ يهوداہ جا بزرگ بہ منهنجي اڳيان ويٺا هئا، تہ خداوند جو هٿ اُتي منهنجي مٿان اچي پيو.

2 تڏهن مون نهاريو تہ باهہ جهڙي هڪڙي شڪل ڏٺم؛ ان جي چيلهہ کان هيٺ باهہ نظر آئي: ۽ ان جي چيلهہ کان مٿي عنبير جهڙي روشنائي.

3 ۽ هٿ جهڙي صورت ڊگهي ڪري هن منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ ورتي؛ ۽ روح مون کي آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ مٿي کڻي، خداوند جي رويائن ۾، يروشلم جي اندرئين ايوان جي اُتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿو؛ جتي حسد جي مورت رکيل هئي، جا حسد پيدا ڪري ٿي.

4 ۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال، جهڙي طرح مون ميدان ۾ ڏٺو هو، تهڙي طرح اُتي بہ ڏٺم.

5 تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هاڻي تون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کڻ. ان موجب مون پنهنجون اکيون اُتر ڏانهن کنيون ۽ قربانگاهہ جي دروازي تي اُتر پاسي، لنگهہ جي جاءِ تي اُها ئي حسد جي مورت هئي.

6 ۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ هو ڇا ٿا ڪن؟ اسرائيل جو گهراڻو اُتي وڏيون گندگيون ٿو ڪري، انهي لاءِ تہ آءٌ پنهنجي پاڪ مڪان کان پري هليو وڃان؛ پر تون اڃا بہ ٻيون وڏيون گندگيون وري ڏسندين.

7 پوءِ هن مون کي ايوان جي در وٽ آندو؛ ۽ نهاريم تہ ڀت ۾ هڪڙو ٽُنگ نظر آيم.

8 تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هاڻي تون ڀت کوٽ: ۽ جڏهن مون ڀت کوٽي تہ در ڏٺم.

9 ۽ هن مون کي چيو تہ انهي مان اندر لنگهي وڃي ڏس تہ هو ڪهڙيون نہ گندگيون اُتي ڪن ٿا.

10 مون اندر گهڙي نهاريو تہ ڇا ٿو ڏسان تہ هر قسم جا سرندڙ ۽ ڪراهت جهڙا جانور ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بُت، چوڌاري ڀت تي تصويرن وانگي نڪتل آهن.

11 ۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.

12 تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، ڪي ڏسين ٿو تہ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ بزرگ پنهنجن پنهنجن بُتن جي ڪوٺين ۾ اونداهيءَ ۾ ڇا ٿا ڪن؟ ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند اسان کي نٿو ڏسي؛ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي.

13 هن مون کي هي بہ چيو، تہ اڃا بہ تون ٻيا وڏا ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين، جي هو ڪن ٿا.

14 تڏهن هن مون کي خداوند جي گهر جي دروازي وٽ آندو، جو اُتر پاسي هو؛ ۽ ڏسو، اُتي زالن تموز لاءِ ويٺي رُنو.

15 تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تون اڃا هنن کان بہ وڏا ڪراهت جهڙا ڪم ڏسندين.

16 ۽ هن مون کي خداوند جي گهر جي اندرئين ايوان ۾ آندو ۽ ڏسو، اُتي خداوند جي هيڪل جي در وٽ، اڳ واري ورانڊي ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾، اٽڪل پنجويهہ ماڻهو بيٺا هئا، جن جون پٺيون خداوند جي هيڪل ڏي هيون، ۽ سندن منهن اُڀرندي ڏي هئا؛ ۽ انهن اُڀرندي ڏانهن سج جي عبادت پي ڪئي.

17 تڏهن هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي؟ تہ يهوداہ جو گهراڻو جو هي گندگيون ٿو ڪري، سو اها هلڪي ڳالهہ آهي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن ملڪ کي ظلم زبردستيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي ڪاوڙ ڏيارڻ لاءِ ڦري ويا آهن: ۽ ڏس، هو ٽاري پنهنجي نڪ وٽ ٿا آڻين.

18 تنهنڪري آءٌ بہ هنن سان قهر جي هلت ڪندس: منهنجي اک گذر نہ ڪندي، ۽ نہ مون کي رحم ايندو: ۽ جيتوڻيڪ هو وڏيون رڙيون ڪري منهنجن ڪَنن ۾ پڪاريندا، تہ بہ آءٌ هنن جي ڪين ٻڌندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan