حزقي ايل 7 - Sindhi Bible1 اُنهي کان سواءِ هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2 اي آدمزاد، خداوند خدا اسرائيل جي ملڪ کي ٿو فرمائي تہ پڇاڙي، يعني ملڪ جي چئني ڪُنڊن تي پڇاڙي آئي آهي. 3 هاڻي تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس. 4 ۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو: پر آءٌ تنهنجون واٽون توتي آڻيندس، ۽ تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 5 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ خرابي، بي مثل خرابي، ڏس اُها اچي ٿي. 6 پڇاڙي اچي پهتي آهي، اها پڇاڙي اچي پهتي آهي، بلڪ توتي چڙهي آئي آهي؛ ڏس، اُها اچي ٿي. 7 اي زمين جا رهاڪو، تنهنجي سزا توتي آئي آهي: وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن اچي ويجهو پيو آهي، نہ جبلن تان خوشيءَ جي نعرن هڻڻ جو ڏينهن، پر گوڙ گڙٻڙ جو ڏينهن. 8 هاڻي جلدي آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ پنهنجو غصو توتي پورو ڪندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس. 9 ۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو، پر آءٌ توکي تنهنجن ڪمن موجب سزا ڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند مارڻ وارو آهيان. 10 ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو: تنهنجي سزا نڪتي آهي؛ لٺ ٻور جهليو آهي؛ مغروريءَ مُکڙيون ڪڍيون آهن. 11 ظلم اُڀري شرارت جي لٺ ٿيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ڪونہ رهندو، نہ سندن جماعت مان ۽ نہ سندن دولت مان، ۽ نہ هنن ۾ ڪا بزرگي رهندي. 12 وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي. 13 ڇالاءِ جو وڪڻندڙ وري وڪڻيل شيءِ وٽ موٽي نہ ايندو، جيتوڻيڪ اُهي اڃا جيئرا هوندا: ڇالاءِ جو اهو رويا سڄي جماعت لاءِ آهي؛ ڪوبہ ڪونہ موٽندو، ۽ نڪو پاڻ کي پنهنجيءَ حياتيءَ جي بدڪاريءَ ۾ مضبوط ڪندو. 14 هنن قرناءِ وڄائي آهي، ۽ سڀ ڪجهہ تيار ڪيو اٿن؛ پر ڪوبہ جنگ ڪرڻ ڪونہ ٿو وڃي: ڇالاءِ جو منهنجو غضب انهي جي ساري جماعت تي نازل ٿيو آهي. 15 ترار ٻاهران آهي، ۽ مري ۽ ڌڪار اندر وچ ۾ آهن: جيڪو ٻنيءَ ۾ آهي سو ترار سان مرندو، ۽ جيڪو شهر ۾ آهي، تنهن کي ڏڪار ۽ مرض ناس ڪندو. 16 پر جيڪي هنن مان ڀڄي نڪرندا سي بچندا، ۽ وادين جي ڪبوترن وانگي جبلن تي هوندا، ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ماتم ڪندو. 17 سڀ هٿ سست ٿيندا، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا ضعيف ٿيندا. 18 هو پنهنجي چيلهہ سان کٿا بہ ٻَڌندا، ۽ خوف هنن کي ڍڪي ڇڏيندو؛ ۽ سڀني جي منهن تي شرم هوندو، ۽ انهن سڀني جا مٿا گنجا هوندا. 19 هو پنهنجي چاندي گهٽين ۾ اُڇلائيندا، ۽ هنن جو سون ناپاڪ شيءِ جهڙو ٿيندو؛ هنن جي چاندي ۽ هنن جو سون خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ هو پنهنجن روحن کي راضي نہ ڪندا، ۽ نہ هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو هنن جي بدڪاريءَ جو آٿڙائڻ وارو پهڻ ٿيو آهي. 20 باقي هن جي زيور جي سونهن، سا هنن وڏائي لاءِ رکي: ۽ هن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين، ۽ نفرت جهڙين شين جون مورتون انهي مان جوڙيون: تنهنڪري مون انهن کي سندن لاءِ ناپاڪ ڪيو. 21 ۽ اُهو آءٌ ڌارين ماڻهن جي هٿن ۾ شڪار ڪري ڏيندس، ۽ زمين جي شريرن کي لٽ جو مال ڪري ڏيندس؛ ۽ اُهي هن کي ناپاڪ ڪندا. 22 پنهنجو منهن بہ آءٌ هنن کان ڦيرائيندس، ۽ هو منهنجي اندرين جاءِ ناپاڪ ڪندا: ۽ چور انهي ۾ گهڙندا ۽ انهي کي ناپاڪ ڪندا. 23 زنجير ٺاهہ، ڇالاءِ جو ملڪ خونريزيءَ جي ڏوهن سان ڀريو پيو آهي، ۽ شهر ظلم سان ڀريل آهي. 24 تنهنڪري آءٌ غير قومن مان تمام خراب ماڻهو آڻيندس، ۽ اُهي هنن جي گهرن جا مالڪ ٿيندا: آءٌ زور وارن جو فخر بہ ڀڃي ڇڏيندس، ۽ هنن جون پاڪ جايون ناپاڪ ڪيون وينديون. 25 خرابي اچي ٿي، ۽ هو خير سلامتي ڳوليندا، پر اُها ڪانہ لڀندا. 26 نقصان تي نقصان ايندو، ۽ افواهہ تي افواهہ هوندي؛ ۽ هو نبيءَ جي رويا ڳوليندا، پر شريعت ڪاهنن کان نڪري ويندي ۽ صلاح مصلحت بزرگن کان. 27 بادشاهہ ماتم ڪندو، ۽ اميرن تي حيرت غالب ٿيندي، ۽ رعيت جا هٿ ڏڪندا: آءٌ هنن جي چال موافق ساڻن هلت ڪندس، ۽ سندن ڪمن موجب آءٌ هنن جي عدالت ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society