حزقي ايل 44 - Sindhi Bible1 پوءِ هن مون کي موٽائي پاڪ مڪان جي ٻاهرين دروازي واري رستي کان آندو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو، ۽ اُهو بند هو. 2 ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ هي بند رهندو ۽ کلندو ڪين ۽ نہ ڪو ماڻهو انهي مان اندر لنگهندو، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا پاڻ انهي مان اندر لنگهيو آهي؛ تنهنڪري اُهو بند رهندو. 3 باقي بادشاهہ، سو خداوند جي اڳيان ماني کائڻ لاءِ بادشاهہ ٿي انهي ۾ ويهندو؛ هو در جي اڳئين ايوان مان اندر ايندو ۽ وري ساڳئي رستي ٻاهر ويندو. 4 تنهن کانپوءِ هن مون کي اُتر واري دروازي کان گهر جي اڳيان آندو؛ ۽ مون نهاريو، ۽ ڏس، خداوند جي جلال خداوند جي گهر کي ڀري ڇڏيو: تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪري پيس. 5 ۽ خداوند مون کي فرمايو تہ اي آدمزاد، ڌيان ڏي، جيڪي آءٌ توکي خداوند جي گهر جي رسمن، ۽ انهي جي قانون بابت چوان سو سڀ پنهنجي اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ؛ گهر ۾ گهڙڻ جي جاءِ کي، ۽ پاڪ مڪان مان سڀني نڪرڻ جي جاين کي ڌيان ڏيئي ڏس. 6 ۽ تون انهن فسادين کي، يعني اسرائيل جي گهراڻي کي چئج تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهان جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن سي اوهان جي لاءِ بس آهن. 7 جو اوهان منهنجي ماني، ۽ چرٻي، ۽ رت، پيش ڪرڻ وقت انهن ڌارين ماڻهن کي منهنجي پاڪ مڪان ۾، يعني منهنجي گهر ۾ آڻي انهي کي پليت ڪيو، جي دل جا اڻ طهريل آهن ۽ جسم جا بہ اڻ طهريل آهن؛ ۽ انهن منهنجو عهد اقرار ڀڃي اوهانجن سڀني بڇڙن ڪمن ۾ زيادتي ڪئي آهي. 8 ۽ اوهان منهنجين پاڪ شين جي پوري سنڀال نہ ڪئي آهي: پر اوهان منهنجي پاڪ مڪان ۾ پاڪ شين جي سنڀاليندڙن کي پنهنجي لاءِ مقرر ڪيو آهي. 9 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو دل جو اڻ طهريل ۽ جسم جو اڻ طهريل آهي، سو بني اسرائيل ۾ رهندڙ ڌارين ماڻهن مان منهنجي پاڪ مڪان ۾ نہ گهڙي. 10 پر جيڪي لاوي، اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت مون کان پري ويا، ۽ پنهنجن بُتن جي پٺيان لڳي مون کان ڦري ويا؛ سي پنهنجي بدڪاري پاڻ کڻندا. 11 انهي هوندي بہ هو منهنجي پاڪ مڪان ۾ خدمتگار ٿي رهندا، ۽ گهر جي دروازن جي نگهباني بہ ڪندا، ۽ گهر ۾ خدمت چاڪري بہ ڪندا: هو ماڻهن جي پاران سوختني قرباني ۽ ذبح ڪرڻ واري قرباني بہ ڪُهندا، ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سندن اڳيان بيهندا. 12 ڇالاءِ جو هو سندن بُتن جي اڳيان سندن خدمت ڪندا هئا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ بدڪاريءَ جو آٿڙائيندڙ پٿر هئا؛ تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون پنهنجو هٿ هنن جي برخلاف کنيو، ۽ هو پنهنجي بدڪاري پاڻ کڻندا. 13 پر هو ڪاهنن جي عهدي جي خدمت لاءِ منهنجي ويجهو نہ اچن، نڪي هو منهنجي پاڪ شين کي ويجهو اچن، يعني انهن شين کي جي تمام پاڪ آهن: پر هو پنهنجي خواري ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا اٿن سي پاڻ کڻندا. 14 انهي هوندي بہ آءٌ هنن کي انهي گهر جو سنڀاليندڙ ڪندس، انهي لاءِ تہ اُنهي جي هر طرح جي خدمت چاڪري ڪن، ۽ ٻيو بہ جيڪي انهي ۾ ڪرڻو آهي سو ڪن. 15 پر لاوي ڪاهن صدوق جا پٽ، جي منهنجي پاڪ مڪان جي تڏهن بہ سنڀال ڪندا هئا جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، سي منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڀلي منهنجي اڳيان بيهن. 16 هو ڀلي منهنجي پاڪ مڪان ۾ گهڙي اچن ۽ منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ منهنجي ميز کي ويجها اچن، ۽ منهنجين شين جي سنڀال ڪن. 17 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو اندرئين ايوان جي درن کان اندر لنگهن تڏهن ڪتاني ڪپڙا ڍڪين؛ ۽ اندرين ايوان جي درن ۾، ۽ انهي کان اندر خدمت ڪرڻ وقت، پشم اصل نہ ڍڪين. 18 هنن کي مٿن تي ڪتاني ڪپڙن جا پٽڪا هجن، ۽ ٽَنگن تي انهي ڪپڙي جون سٿڻون هجن؛ چيلهہ سان اهڙي ڪا شيءِ نہ ٻڌن جا پگهر آڻي. 19 ۽ جڏهن هو نڪري ٻاهرين ايوان ۾ وڃن، يعني عام ماڻهن واري ايوان ۾، تڏهن جن ڪپڙن ۾ هنن خدمت ٿي ڪئي سي لاهي پاڪ ڪوٺين ۾ رکن ۽ ٻيا ڪپڙا پائين، تہ متان پنهنجن ڪپڙن سان عام خلق کي پاڪ ڪن. 20 نڪي هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين ۽ نہ وار وڏا رکن؛ فقط پنهنجن مٿن جا وار ڪترائين. 21 ۽ نہ ڪو ڪاهن اندرين ايوان ۾ گهڙڻ وقت شراب پيئي. 22 نڪي هو ڪنهن رن زال سان شادي ڪن، ۽ نہ ڪنهن طلاق ڏنل زال سان: پر هو بني اسرائيل جي نسل مان ڪنواريون ڇوڪريون پرڻجن، يا اُها رن زال جا ڪنهن ڪاهن جي بيواهہ هجي. 23 ۽ هو پنهنجي قوم کي پاڪ ۽ عام جي وچ ۾ فرق سيکارين، ۽ ناپاڪ ۽ پاڪ جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪرائين. 24 ۽ تڪرار وقت هو منصف ٿي بيهن، ۽ منهنجن حڪمن موجب هو انصاف ڪن: ۽ منهنجن سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي قاعدن جي سنڀال ڪن؛ ۽ منهنجن سبتن کي پاڪ رکن. 25 ۽ ڪنهن بہ مُئل ماڻهو سان نہ لڳن تہ پليت نہ ٿي پون: پر پيءُ لاءِ يا ماءُ، يا پٽ، يا ڌيءَ، يا ڀاءُ، يا ڪنواري ڀيڻ جي لاءِ هنن پاڻ کي پليت ڪيو تہ حرڪت ناهي. 26 ۽ پاڪ ٿيڻ کانپوءِ، هن جي لاءِ ست ڏينهن شمار ڪجن. 27 ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن وري هو پاڪ مڪان ۾، جو اندرين ايوان ۾ آهي، خدمت ڪرڻ لاءِ وڃي تڏهن پنهنجي گناهہ جي قرباني پيش ڪري: 28 ۽ هنن کي هڪڙي ميراث ملندي؛ آءٌ انهن جي ميراث آهيان: ۽ اسرائيل مان اوهين هنن کي ڪابہ ملڪيت نہ ڏجو؛ آءٌ هنن جي ملڪيت آهيان. 29 هو کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني کائيندا؛ ۽ اسرائيل ۾ سڀڪا وقف ڪيل شئي هنن جي ٿيندي. 30 ۽ سڀ ڪنهن شيءِ جي پهرين ڦرن مان پهريان، ۽ اوهانجين سڀني قربانين مان سڀ ڪنهن شيءِ جي قرباني ڪاهنن جي ٿيندي: پنهنجو پهريون ڳوهيل اٽو بہ اوهين ڪاهنن کي ڏجو، تہ اوهان جي گهر تي برڪت اچي. 31 جيڪا شيءِ پاڻ ئي مري، يا ڦاڙيل هجي، خواهہ جانور، خواهہ پکي، تنهن مان ڪاهن ڪجهہ بہ نہ کائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society