حزقي ايل 43 - Sindhi Bible1 تنهن کان پوءِ هن مون کي دروازي وٽ آندو، يعني اُهو دروازو جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو. 2 ۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال اُڀرندي پاسي کان آيو: ۽ هن جو آواز گهڻين پاڻين جي آواز جهڙو هو: ۽ زمين هن جي جلال سان چمڪڻ لڳي. 3 ۽ اُهو مون انهي رويا موافق ٿي ڏٺو، هائو، انهي رويا وانگر ٿي ڏٺم جڏهن آءٌ اهو شهر ناس ڪرڻ آيو هوس؛ ۽ اُهي رويا بہ اُنهي رويا جهڙا هئا، جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس. 4 ۽ خداوند جو جلال انهي دروازي جي رستي گهر ۾ آيو، جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي. 5 ۽ روح مون کي کڻي اندرين ايوان ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ ڏسو، خداوند جي جلال هيڪل کي ڀري ڇڏيو. 6 ۽ مون هيڪل مان هڪڙي ماڻهوءَ کي ڳالهائيندو ٻڌو؛ ۽ هڪڙو ماڻهو اچي منهنجي پاسي ۾ بيهي رهيو. 7 ۽ اُنهي مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ منهنجي تختگاهہ آهي، ۽ منهنجي پيرن جي ترين رکڻ جي جاءِ آهي، جتي آءٌ هميشہ لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس: ۽ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري منهنجي پاڪ نالي کي پنهنجي زناڪاريءَ سان، ۽ پنهنجن مٿانهن مڪانن تي پنهنجي بادشاهن جي لاشن سان، ناپاڪ نہ ڪندو، ۽ نہ هو ۽ نہ سندن بادشاهہ. 8 هنن پنهنجي چانئٺ منهنجي چانئٺ جي ڀرسان رکي، ۽ پنهنجي در جو ٿنڀ منهنجي در جي ٿنڀ جي ڀرسان، ۽ منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ رڳي ڀت هئي؛ ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هنن ڪيا، تن سان هنن منهنجو نالو پليت ڪيو آهي: تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. 9 هاڻي هو پنهنجي زناڪاريءَ ۽ پنهنجن بادشاهن جي مڙهن کي مون کان پري اُڇلائين، تہ پوءِ آءٌ هنن جي وچ ۾ هميشہ لاءِ رهندس. 10 اي آدمزاد، تون اهو گهر اسرائيل جي گهراڻي کي ڏيکار، تہ هو پنهنجين بدڪارين کان شرمندا ٿين: ۽ تون هنن کي اهو نمونو ماپڻ ڏي. 11 ۽ جيڪڏهن هو پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندا ٿين تہ پوءِ هنن کي انهي گهر جي نقشي ۽ ڊول مان، ۽ انهي جي ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ جي رستن کان، ۽ انهي جي سڀني شڪلين، ۽ انهي جي سڀني قانونن، ۽ سڀني رسمن، ۽ سڀني قاعدن کان واقف ڪر، ۽ سندن روبرو اُهي لکي ڇڏ: تہ هو انهي جو نقشو ۽ انهي جا سڀ قانون سنڀالي ياد رکن، ۽ انهن جي تعميل ڪن. 12 ۽ هن گهر جو قاعدو هي آهي: جبل جي چوٽيءَ تي چوڌاري انهي جي سڄي حد تمام پاڪ رهندي. هن گهر جو قاعدو اهو آهي. 13 ۽ قربانگاهہ جون ماپون هٿن جي حساب سان هي آهن: (هڪ هٿ جي ماپ آهي ماڻهوءَ جو هٿ، ۽ هٿ جي موڪرائي.) پائو هڪ هٿ ٿيندو ۽ ويڪر هڪ هٿ، ۽ ان جو ڪنارو چوڌاري اُن جي وٽ سان اٽڪل هڪڙي گرانٺ: اهو ٿيندو قربانگاهہ جو پائو. 14 ۽ زمين تي پائي کان وٺي هيٺين طاقيءَ تائين ٻہ هٿ ٿيندا، ۽ ويڪر هڪ هٿ؛ ۽ ننڍي طاقيءَ کان وڏي طاقيءَ تائين چار هٿ، ۽ ويڪر هڪ هٿ. 15 ۽ مٿين قربانگاهہ چار هٿ ٿيندي؛ ۽ قربانگاهہ جي چلهي کان مٿي چار سڱ ٿيندا. 16 ۽ قربانگاهہ جو چلهو ٻارهن هٿ ڊگهو ۽ ٻارهن هٿ ويڪرو، چئني پاسي چورس ٿيندو. 17 ۽ طاق چوڏهن هٿ ڊگهو ۽ چوڏهن هٿ ويڪرو، چئني پاسي ائين ٿيندو: ۽ ان جي چوڌاري ڪنارو اڌ هٿ ٿيندو؛ ۽ ان جو پائو چوڌاري هڪ هٿ ٿيندو؛ ۽ ان جي ڏاڪڻ جو رخ اُڀرندي ڏانهن ٿيندو. 18 ۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو قربانگاهہ جوڙيندا، تنهن ڏينهن ان جا قانون هي ٿيندا، ۽ انهي لاءِ تہ انهي تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ انهي تي رت ڇاٽارين. 19 خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ لاوي ڪاهن جي صدوق جي نسل جا آهن، ۽ مون کي ويجها آهن تہ منهنجي خدمت چاڪري ڪن، تن کي تون هڪڙو وهڙو گناهہ جي قرباني لاءِ ڏجانءِ. 20 ۽ ان جي رت مان ڪجهہ کڻي ان جي چئن سڱن تي، ۽ طاق جي چئن ڪُنڊن تي ۽ ان جي چوڌاري ڪناري تي ڇاٽارج: انهي طرح تون انهي کي صاف ڪج ۽ انهي لاءِ ڪفارو ڏج. 21 تون گناهہ جي قربانيءَ وارو ڍڳو بہ وٺي، پاڪ مڪان جي ٻاهران، گهر جي ٺهرايل هنڌ انهي کي ساڙج. 22 ۽ ٻئي ڏينهن هڪڙو بي عيب ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪج؛ ۽ هو قربانگاهہ کي صاف ۽ پاڪ ڪندا، جيئن هنن انهي کي ڍڳي سان پاڪ صاف ڪيو هو. 23 جڏهن انهي کي تون صاف ڪري بس ڪرين، تڏهن هڪڙو بي عيب وهڙو، ۽ ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو آڻي، قرباني ڪج. 24 ۽ تون هنن کي خداوند جي اڳيان آڻج، ۽ ڪاهن انهن تي لوڻ وجهن، ۽ اُهي هنن کي خداوند جي لاءِ ساڙڻ جي قرباني ڪري پيش ڪن. 25 ست ڏينهن برابر هر روز هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ تيار ڪج: هو هڪڙو وهڙو ۽ ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو بہ تيار ڪن. 26 ست ڏينهن برابر هو قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڏيندا، ۽ انهي کي صاف ڪندا؛ انهي طرح هو انهي کي پاڪ ڪندا. 27 ۽ جڏهن هو اُهي ڏينهن پورا ڪندا، تڏهن هيئن ٿيندو تہ اٺين ڏينهن، ۽ انهي کانپوءِ، ڪاهن قربانگاهہ تي اوهانجون سوختني قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي قبول ڪندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society