Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 40 - Sindhi Bible

1 اسان جي قيد جي پنجويهين ورهيہ ۾، يعني شهر جي برباد ٿيڻ کان پوءِ چوڏهين سال ۾، سال جي شروع ۾ يعني ڏهين تاريخ، انهي ساڳي ڏينهن، خداوند جو هٿ مون تي هو ۽ اُنهي مون کي اُتي آندو:

2 خدا جي رويائن ۾ هن مون کي اسرائيل جي زمين ۾ آڻي هڪڙي تمام وڏي جبل تي لاٿو، جنهن جي ڏکڻ پاسي ڄڻ تہ هڪڙو شهر جو نمونو هو.

3 ۽ هن مون کي اُتي آندو ۽ ڏسو، اُتي هڪڙو ماڻهو هو جنهن جو چهرو پتل جي رنگ جهڙو هو، ۽ هٿ ۾ هڪڙي سڻيءَ جي ڏوري، ۽ ماپ ڪرڻ جو ڪانو هوس، ۽ اُهو در تي بيٺو هو.

4 ۽ انهي ماڻهو مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجين اکين سان ڏس، ۽ پنهنجن ڪَنن سان ٻڌ، ۽ جيڪي آءٌ توکي ڏيکاريان تنهن تي دل سان ڌيان ڏي؛ تہ آءٌ توکي اهي ڏيکاريان: ڇالاءِ جو تون هتي انهي لاءِ آندو ويو آهين تہ جيڪي تون ڏسين ٿو سو تون اسرائيل جي گهراڻي کي بيان ڪري ٻڌاءِ.

5 ۽ ڏسو، گهر جي چوڌاري ٻاهران هڪڙي ڀِت هئي، ۽ انهي ماڻهو جي هٿ ۾ ماپ ڪرڻ جو هڪڙو ڪانو هو، جو ڇهہ هٿ ڊگهو هو؛ ۽ هرهڪ هٿ جي ماپ، ماڻهوءَ جي هٿ ۽ هٿ جي موڪرائي جيتري وڌيڪ هئي: اُنهي سان هن انهي عمارت جي ويڪر ماپي تہ هڪڙو ڪانو هئي، ۽ ڊيگهہ بہ هڪڙو ڪانو ٿي.

6 تنهن کانپوءِ هو در وٽ آيو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو، ۽ انهي جي ڏاڪن تي چڙهيو؛ ۽ در جي چانئٺ ماپيائين، تہ هڪڙو ڪانو ويڪري ٿي، ۽ ٻي چانئٺ بہ هڪڙو ڪانو ويڪري هئي.

7 ۽ سڀڪا ڪوٺي هڪڙو ڪانو ويڪري هئي؛ ۽ ڪوٺين جي وچ ۾ وڇوٽي پنج هٿ هئي؛ ۽ در جي چانئٺ اڳ واري در جي ايوان وٽ گهر جي پاسي هڪ ڪانو هئي.

8 هن گهر جي پاسي اڳ واري در جو ايوان بہ ماپيو تہ هڪ ڪانو ٿيو.

9 تنهن کان پوءِ هن در جو اڳ وارو ايوان ماپيو تہ اٺ هٿ ٿيو؛ ۽ ان جا ٿنڀ ٻہ هٿ هئا؛ در جو ايوان گهر ڏانهن هو.

10 ۽ دروازي جون ڪوٺيون اُڀرندي ڏانهن، ٽي هن پاسي هيون ۽ ٽي هن پاسي؛ اُهي ٽيئي هڪڙي ماپ جون هيون: ۽ ٿنڀن جي بہ هڪڙي ئي ماپ هئي، جهڙي هن پاسي تهڙي هُن پاسي.

11 ۽ دروازي جي منهن جي ويڪر ڏهہ هٿ هئي؛ ۽ دروازي جي ڊيگهہ تيرهن هٿ هئي؛

12 ۽ ڪوٺين جي اڳيان هڪ هٿ جي ڪناري هن پاسي هئي، ۽ هڪ هٿ جي ڪناري هن پاسي هئي؛ ۽ ڪوٺيون ڇهہ هٿ هن پاسي هيون ۽ ڇهہ هٿ هن پاسي هيون.

13 ۽ هڪڙي ڪوٺيءَ جي ڇت کان وٺي ٻيءَ جي ڇت تائين هن دروازي جي ماپ ڪئي تہ پنجويهہ هٿ ڪشادو ٿيو؛ در، در جي سامهون هو.

14 هن سٺ سٺ هٿن جا ٿنڀ بہ جوڙيا؛ ۽ ايوان ٿنڀ تائين ٿي آيو، ۽ دروازو آس پاس هو.

15 ۽ لنگهہ جي جاءِ تي، دروازي جي اڳ کان وٺي، دروازي جي اڳ واري ايوان تائين، پنجاهہ هٿن جي وٿي هئي.

16 ۽ ڪوٺين کي، ۽ چوڌاري دروازي جي اندران انهن جي ٿنڀن کي، ۽ ڪمانن کي بند ٿيل دريون هيون: ۽ اندر ڏانهن بہ چوڌاري دريون هيون: ۽ هرهڪ ٿنڀ تي کجيءَ جا وڻ هئا.

17 تنهن کان پوءِ هن مون کي ٻاهرين ايوان ۾ آندو، ۽ اُتي ڏسان تہ ڪوٺيون آهن ۽ چوڌاري ايوان جي لاءِ فرش جڙيل آهي: انهي فرش تي ٽيهہ ڪوٺيون هيون.

18 ۽ فرش دروازي جي پاسي کان ۽ دروازن جي ڊيگهہ موجب هو، يعني هيٺيون فرش.

19 پوءِ هن هيٺين دروازي جي اڳ کان وٺي اندرين ايوان جي اڳ تائين، ٻاهران، اُڀرندي ۽ اُتر جي پاسي، ماپ ڪئي تہ هڪ سؤ هٿ ٿيا.

20 ۽ ٻاهرين ايوان جو دروازو، جنهن جو رخ اُتر ڏانهن هو، تنهن جي ڊيگهہ توڙي ويڪر هن ماپي.

21 ۽ ان جون ڪوٺيون ٽي هِن پاسي هيون، ۽ ٽي هُن پاسي؛ ۽ ان جا ٿنڀ ۽ ان جون ڪمانون پهرئين دروازي جي ماپ موافق هئا: ان جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي، ۽ ويڪر پنجويهہ هٿ.

22 ۽ ان جون دريون ۽ ڪمانون ۽ کجيون انهي دروازي جي ماپ موافق هيون جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي؛ ۽ انهي تائين چڙهي وڃڻ لاءِ ست ڏاڪا هئا؛ ۽ انهن جون ڪمانون سندن اڳيان هيون.

23 ۽ اندرين ايوان کي ٻئي در جي آمهون سامهون هڪڙو در هو؛ جهڙو اُتر پاسي تهڙو اُڀرندي پاسي؛ ۽ هڪڙي در کان ٻئي در تائين هن ماپ ڪئي تہ هڪ سؤ هٿ ٿيا.

24 ۽ هو مون کي ڏکڻ ڏانهن وٺي هليو، ۽ ڏس، تہ ڏکڻ ڏانهن هڪڙو دروازو هو: ۽ هن انهي جا ٿنڀ ۽ انهيءَ جون ڪمانون انهن ماپن موافق ماپيون.

25 ۽ اُن ۾، ۽ انهي جي ڪمانن ۾، چوڌاري انهن درين جهڙيون دريون هيون: ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجويهہ هٿ.

26 ۽ انهي تائين چڙهي وڃڻ لاءِ ست ڏاڪا هئا، ۽ انهن جون ڪمانون سندن اڳيان هيون: ۽ انهي جي ٿنڀن جي مٿان، هڪڙو هِن پاسي ۽ ٻيو هُن پاسي کجيءَ جو وڻ هو.

27 ۽ اندرين ايوان کي ڏکڻ ڏانهن هڪڙو دروازو هو: ۽ هڪڙي در کان ٻئي در تائين ڏکڻ ڏانهن هن ماپ ڪئي تہ هڪ سؤ هٿ ٿيا.

28 تنهن کانپوءِ هن مون کي ڏکڻ واري دروازي ڏانهن اندرين ايوان ۾ آندو: ۽ انهي ڏکڻ واري دروازي جي بہ هن ماپ ڪئي؛

29 ۽ انهي جي ڪوٺين، ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي هنن ماپن موجب ماپ ڪئي: ۽ چوڌاري انهي ۾، ۽ ڪمانن ۾، دريون هيون: اُهو ايوان پنجاهہ هٿ ڊگهو ۽ پنجويهہ هٿ ويڪرو هو.

30 ۽ چوڌاري ڪمانون هيون، جي پنجويهہ هٿ ڊگهيون ۽ پنج هٿ ويڪريون هيون.

31 ۽ انهي جون ڪمانون ٻاهرين ايوان ڏانهن هيون؛ ۽ کجيءَ جا وڻ انهي جي ٿنڀن تي هئا: ۽ انهن تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا هئا.

32 ۽ هن مون کي اُڀرندي ڏانهن اندرئين ايوان ۾ آندو: ۽ هنن ماپن موجب هن انهي دروازي جي ماپ ڪئي؛

33 ۽ انهي جي ڪوٺين ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي هن هنن ماپن موجب ماپ ڪئي: ۽ انهي ۾، ۽ انهي جي ڪمانن جي چوڌاري دريون هيون: اهو ايوان بہ پنجاهہ هٿ ڊگهو ۽ پنجويهہ هٿ ويڪرو هو.

34 ۽ انهي جون ڪمانون ٻاهرين ايوانن ڏانهن هيون؛ ۽ کجيءَ جا وڻ انهي جي ٿنڀن تي هئا، هِن پاسي بہ ۽ هُن پاسي بہ: ۽ انهي تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا هئا.

35 پوءِ هن مون کي اُتر واري دروازي وٽ آندو: ۽ انهي جي ماپ هن هنن ماپن موجب ڪئي؛

36 انهي جي ڪوٺين ۽ ٿنڀن ۽ ڪمانن جي بہ؛ ۽ انهي ۾ چوڌاري دريون هيون: ۽ ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجويهہ هٿ.

37 ۽ انهي جا ٿنڀ ٻاهرين ايوان ڏانهن هئا؛ ۽ کجيءَ جا وڻ انهن جي ٿنڀن تي هئا، هِن پاسي بہ، ۽ هُن پاسي بہ: ۽ انهي تي چڙهڻ لاءِ اٺ ڏاڪا هئا.

38 ۽ درن وٽ ٿنڀن جي پاسي ۾ هڪڙي ڪوٺي در سان هئي؛ اُتي هو سوختني قرباني ڌوئندا هئا.

39 ۽ در جي اڳ واري ايوان ۾ ٻہ ميزون هِن پاسي رکيل هيون، ۽ ٻہ ميزون هُن پاسي، جن تي سوختني قرباني ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني ذبح ٿيندي هئي.

40 ۽ ٻاهران، هڪڙي پاسي، اُتر واري در جي لنگهہ ڏانهن چڙهندي، ٻہ ميزون هيون؛ ۽ ٻئي پاسي، يعني در جي اڳ واري ايوان جي پاسي بہ ٻہ ميزون هيون.

41 يعني در جي پاسي کان چار ميزون هِن پاسي هيون، ۽ چار ميزون هُن پاسي، ڪل اٺ ميزون، جن تي قربانيون ذبح ڪندا هئا.

42 ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ ٽڪيل پٿر جون چار ميزون هيون، جي ڏيڍ هٿ ڊگهيون، ۽ ڏيڍ هٿ ويڪريون، ۽ هڪ هٿ اُڀيون هيون: جن تي اُهي اوزار رکيل هئا، جن سان ساڙڻ واري، ۽ ذبح ڪرڻ واري قرباني، ذبح ڪندا هئا.

43 ۽ ان جي اندران هڪ هٿ جي موڪرائي جيڏا ڊگها ڪُنڍا چوڌاري ٻڌل هئا: ۽ ميزن تي قرباني جو گوشت رکيل هو.

44 اندرئين دروازي جي ٻاهران ڳائڻ وارن جون ڪوٺيون اندرئين ايوان ۾ هيون، جو اُتر واري دروازي جي پاسي هو؛ ۽ انهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن هو: اُڀرندي واري در جي پاسي ۾ جيڪا ڪوٺي هئي، تنهن جو رخ اُتر ڏانهن هو.

45 پوءِ هن مون کي چيو تہ هيءَ ڪوٺي جنهن جو رخ ڏکڻ ڏانهن آهي، سا گهر جي سنڀال ڪندڙن ڪاهنن جي لاءِ آهي.

46 ۽ جنهن ڪوٺيءَ جو رخ اُتر ڏانهن آهي سا قربانگاهہ جي سنڀال ڪندڙن ڪاهنن لاءِ آهي، جي صدوق جا پٽ آهن، جي لاوي جي اولاد مان خداوند جي خدمت چاڪري ڪرڻ ايندا آهن.

47 ۽ هن انهيءَ ايوان جي ماپ ڪئي تہ هڪ سؤ هٿ ڊگهي ۽ هڪ سؤ هٿ ويڪري ٿي، ۽ اُهو چورس هو؛ ۽ قربانگاهہ گهر جي اڳيان هئي.

48 پوءِ هن مون کي در جي اڳ واري ايوان ۾ آندو، ۽ انهي جي هرهڪ ٿنڀ جي ماپ ڪيائين تہ پنج هٿ هِن پاسي ٿيو، ۽ پنج هٿ هُن پاسي: ۽ دروازي جي ويڪر ٽي هٿ هِن پاسي هئي، ۽ ٽي هٿ هُن پاسي.

49 اڳ واري ايوان جي ڊيگهہ ويهہ هٿ هئي ۽ ويڪر يارهن هٿ؛ يعني جن ڏاڪن تان انهي تي چڙهي وڃبو هو، تن جي پاسي کان، ۽ ٿنڀن جي ڀرسان پيلپاوا هئا، هڪڙو هِن پاسي ۽ ٻيو هُن پاسي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan