Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 39 - Sindhi Bible

1 اي آدمزاد، جوج جي برخلاف نبوت ڪر ۽ چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس اي جوج، روش، مشڪ ۽ توبل جا بادشاهہ، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان:

2 ۽ آءٌ توکي هيڏي هوڏي ڦيرائيندس، ۽ توکي اڳتي وٺي هلندس ۽ توکي اُتر جي پرانهن ڀاڱن مان ڪڍندس: ۽ توکي اسرائيل جي جبلن تي آڻيندس.

3 ۽ آءٌ ڌڪ هڻي تنهنجي ڏائي هٿ مان ڪمان ڪيرائي ڇڏيندس، ۽ تنهنجي ساڄي هٿ مان تير ڪيرائي ڇڏيندس.

4 تون اسرائيل جي جبلن تي ڪِرندين، تون ۽ تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ جيڪي قومون توسان آهن: آءٌ توکي هر قسم جي ڳجهن، ۽ جهنگ جي جانورن جي حوالي ڪندس تہ توکي ڳڙڪائي ڇڏين.

5 تون کليل ميدان تي ڪِري پوندين: ڇالاءِ جو خداوند خدا فرمائي ٿو تہ مون ائين فرمايو آهي.

6 ۽ آءٌ ماجوج تي، ۽ جيڪي ماڻهو ٻيٽن ۾ سلامتيءَ سان رهن ٿا تن تي، باهہ نازل ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

7 ۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجو پاڪ نالو مشهور ڪندس؛ ۽ وري اڳتي آءٌ پنهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪرڻ نہ ڏيندس: ۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان.

8 ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اهو اچي ٿو ۽ ائين ڪيو ويندو؛ اهو ئي ڏينهن آهي جنهن جو مون ذڪر ڪيو آهي.

9 ۽ جيڪي اسرائيل جي شهرن ۾ رهن ٿا سي نڪري ويندا، ۽ هٿيارن کي باهہ ڏيئي ساڙيندا، ۽ سپرون ۽ ڍالون، ۽ ڪمانون ۽ تير، ۽ لٺيون ۽ نيزا، انهن سان ستن سالن تائين پيا باهيون ٻاريندا.

10 جنهنڪري هنن کي جهنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻ جي ضرورت نہ پوندي، ۽ نہ ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو؛ ڇالاءِ جو هو هٿيارن سان باهيون ٻاريندا: ۽ جن کين ٿي لٽيو، تن کي هو لٽيندا، ۽ جن کين ٿي ڦريو تن کي ڦريندا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.

11 اُنهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ جوج کي اسرائيل ۾ دفن ٿيڻ لاءِ جاءِ ڏيندس، يعني لنگهندڙ جي وادي جا سمنڊ جي اُڀرندي پاسي آهي: ۽ اُتان لنگهي ويندڙن جو رستو بند ٿيندو: ۽ اُتي هو جوج ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي دفن ڪندا: ۽ انهي جو نالو هامون جوج جي وادي رکندا.

12 ۽ ستن مهينن تائين اسرائيل جو گهراڻو انهن کي پيو پوريندو، انهي لاءِ تہ انهي زمين کي صاف ڪن.

13 هائو، انهي زمين جا سڀ ماڻهو هنن کي دفن ڪندا؛ ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اُها هنن جي لاءِ هڪڙي ناموس جهڙي ڳالهہ ٿيندي، جنهن ڏينهن منهنجي وڏائي ظاهر ٿيندي.

14 ۽ هو ڪن ماڻهن کي چونڊي ڌار ڪندا جي انهي ڪم ۾ هميشہ مشغول رهندا؛ ۽ هو راهہ لنگهندڙن جا مڙهہ، جيڪي زمين تي رهجي ويا هوندا تن کي دفن ڪرڻ لاءِ ملڪ مان گذرندا تہ زمين صاف ٿي وڃي: ستن مهينن گذرڻ کانپوءِ هو تلاش ڪندا.

15 ۽ جيڪڏهن ڪي انهي ملڪ مان گذرندا هوندا، ۽ ڪو ماڻهوءَ جي هڏي ڏسندو، تڏهن هو انهي جي پاسي ۾ هڪڙو نشان کڙو ڪندو، جيستائين دفن ڪندڙ انهي کي هامون جوج جي واديءَ ۾ دفن ڪن.

16 ۽ هاموناہ بہ هڪڙي شهر جو نالو ٿيندو. انهي طرح هو اُها زمين صاف ڪري ڇڏيندا.

17 اي آدمزاد، خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ هر ڪنهن قسم جي پکين ۽ جهنگ جي سڀني جانورن کي چئُہ تہ اوهين گڏ ٿي اچو؛ اوهين انهي قربانيءَ لاءِ سڀ ڪنهن پاسي کان گڏ ٿيو جا آءٌ اوهان جي لاءِ قربان ٿو ڪريان، بلڪ اسرائيل جي جبلن تي وڏي قرباني ٿو ڪريان تہ اوهين گوشت کائو ۽ رت پيئو.

18 اوهين بهادرن جو گوشت کائيندا، زمين جي بادشاهن جو، ۽ گهٽن، گهيٽن، ٻڪرين ۽ ڍڳن جو رت پيئندا، جي سڀ بسن جا ٿلها پاليل هوندا.

19 ۽ اوهين منهنجي انهي قربانيءَ جي، چرٻي، جا مون اوهان جي لاءِ ڪُٺي آهي، ايستائين پيا کائيندا جيستائين ڍءُ ڪريو، ۽ جيستائين اوهين رت پي مست ٿيو.

20 ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين منهنجي دسترخاني تي گهوڙن ۽ گاڏين سان، بهادر ماڻهن ۽ سڀني جنگي پهلوانن سان ڍءُ ڪندا.

21 ۽ آءٌ پنهنجي وڏائي قومن ۾ ظاهر ڪندس، ۽ سڀ قومون منهنجي عدالت ڏسنديون جا مون پوري ڪئي آهي ۽ منهنجو هٿ ڏسنديون جو مون هنن تي رکيو آهي.

22 انهي طرح اسرائيل جو گهراڻو ڄاڻندو تہ انهي ڏينهن کان وٺي اڳتي، آءٌ خداوند سندن خدا آهيان.

23 ۽ قومون ڄاڻنديون تہ اسرائيل جو گهراڻو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب قيد ٿي ويو؛ ڇالاءِ جو هنن منهنجي نافرماني ڪئي ۽ مون هنن کان پنهنجو منهن لڪايو: انهي طرح مون هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو ۽ اُهي سڀيئي ترار سان مارجي ويا.

24 مون هنن سان سندن ناپاڪائيءَ موجب ۽ سندن بدڪارين موجب هلت ڪئي؛ ۽ مون پنهنجو منهن هنن کان لڪايو.

25 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي آءٌ وري يعقوب جا قيدي آڻيندس ۽ اسرائيل جي سڄي گهراڻي تي رحم ڪندس؛ آءٌ پنهنجي پاڪ نالي واسطي غيرت وارو ٿيندس.

26 ۽ هو پنهنجي شرمندگي کڻندا ۽ پنهنجون سڀ بدڪاريون بہ، جن سان هنن منهنجي نافرماني ڪئي آهي؛ تنهن کان پوءِ هو سلامتيءَ سان پنهنجي زمين ۾ رهندا ۽ ڪوبہ ڪونہ ڊيڄاريندن؛

27 جڏهن آءٌ هنن کي قومن مان موٽائي آڻيندس ۽ سندن دشمنن جي ملڪ مان ڪڍي آڻي گڏ ڪندس، تڏهن گهڻين قومن جي نظر ۾ هنن منجهہ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي؛

28 ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جو مون هنن کي قومن ۾ قيد ڪري موڪليو، ۽ وري هنن کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻي گڏ ڪيو؛ آءٌ انهن مان اڳتي وري ڪنهن کي بہ اُتي نہ ڇڏيندس؛

29 نڪي آءٌ پنهنجو منهن وري هنن کان لڪائيندس: ڇالاءِ جو، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو روح اسرائيل جي گهراڻي تي اوتي وڌو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan