Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 36 - Sindhi Bible

1 اي آدمزاد، تون اسرائيل جي جبلن لاءِ نبوت ڪر ۽ چئين تہ اي جبل، خداوند جو ڪلام ٻڌو.

2 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ دشمن اوهان جي نسبت ۾ هيئن چيو آهي، تہ واهہ، قديم مٿانهان مڪان اسان جي ملڪيت آهن:

3 تنهنڪري نبوت ڪري چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هنن اوهان کي ويران ڪيو آهي، ۽ هر طرف کان اوهان کي ڳهي ويا آهن، انهي لاءِ تہ اوهين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي ملڪيت ٿيو، ۽ اوهان جي نسبت ۾ ماڻهو اجايون ڳالهيون ۽ گلائون ڪن ٿا.

4 تنهنڪري، اي اسرائيل جا جبل، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ خداوند خدا انهن جبلن کي، ۽ ٽڪرين کي، ۽ نهرن، ۽ وادين کي، ويران زمين کي، ۽ غير آباد شهرن کي هيئن ٿو فرمائي، جي آس پاس وارين قومن مان باقي رهيل ماڻهن جي لاءِ شڪار ۽ ٺٺولي ٿيا آهن:

5 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ يقيناً مون پنهنجي غيرت جي باهہ ۾، قومن مان باقي رهيلن جي برخلاف، ۽ سڄي ادوم جي برخلاف ڳالهايو آهي، جن پنهنجي سڄي دل جي خوشي ۽ اندر جي نفرت سان منهنجي زمين کي پنهنجي لاءِ موروثي ملڪيت ٺهرايو آهي، انهي لاءِ تہ انهي کي لٽجڻ لاءِ اُڇلائي ڇڏين.

6 تنهنڪري اسرائيل جي زمين جي نسبت ۾ نبوت ڪري جبلن، ۽ ٽڪرين، ۽ نهرن، ۽ وادين کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، اوهان غير قومن جي خواري کنئي آهي، تنهنڪري مون پنهنجي غيرت ۽ پنهنجي ڪاوڙ ۾ ڳالهايو آهي:

7 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون قسم کنيو آهي، ۽ چيو اٿم تہ يقيناً، جيڪي غير قومون اوهان جي آس پاس آهن سي پنهنجي خواري کڻنديون.

8 پر اي اسرائيل جا جبل، اوهين پنهنجون ٽاريون ڪڍي منهنجي قوم اسرائيل کي پنهنجو ڦر ڏيندا؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهچڻ تي آهن.

9 ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ اوهان جي لاءِ آهيان، ۽ آءٌ اوهان ڏانهن ڦرندس، ۽ اوهين کيڙجي ۽ پوکجي ويندا:

10 ۽ آءٌ اوهان جا ماڻهو، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، وڌائيندس: ۽ شهر وسندا ۽ ويران جايون اڏجي وينديون.

11 ۽ آءٌ اوهان جا ماڻهو ۽ جانور وڌائيندس، ۽ هو وڌندا، ۽ ڦر وارا ٿيندا: ۽ آءٌ اوهان کي اڳين وانگر وسائيندس ۽ جيڪي شروعات ۾ اوهان جي لاءِ ڪيو هوم تنهن کان بهتر ڪندس: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

12 هائو، آءٌ ائين ڪندس تہ ماڻهو، يعني منهنجي قوم اسرائيل اوهان تي وري گهمندا ڦرندا، ۽ اُهي تنهنجا مالڪ ٿيندا، ۽ تون انهن جي ميراث ٿيندين، ۽ تون اڳتي وري سندن ٻارن کي انهن کان جدا نہ ڪندين.

13 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هو توکي چون ٿا، تہ اي زمين تون ماڻهن جي ڳڙڪائيندڙ آهين، ۽ پنهنجي قوم جا ماڻهو ماريا اٿيئي؛

14 تنهنڪري وري اڳتي تون ماڻهو نہ ڳڙڪائيندينءَ، نڪي اڳتي پنهنجي قوم جا ماڻهو ماريندينءَ؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي؛

15 نڪي اڳتي وري آءٌ توکي غير قومن جا مهڻا ٻڌڻ ڏيندس، نڪي وري اڳتي تون غير قومن جي ملامت کڻندين، نڪي اڳتي وري پنهنجي قوم کي ٿاٻڙائيندين؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.

16 وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

17 اي آدمزاد، جڏهن اسرائيل جي گهراڻي وارا پنهنجي ملڪ ۾ رهندا هئا، تڏهن هنن پنهنجين راهن ۽ پنهنجن ڪمن سان انهي کي ناپاڪ ڪيو: هنن جي راهہ منهنجي اڳيان اهڙي ناپاڪ هئي جهڙي حيض واري زال جي ناپاڪي.

18 تنهنڪري جيڪو رت هنن اُنهي زمين تي وهايو هو، ۽ پنهنجن بُتن سان انهي کي ناپاڪ ڪيو، تنهن سبب مون پنهنجي ڪاوڙ انهن تي ڇنڊي هئي:

19 ۽ مون هنن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيو، ۽ هو ملڪن ۾ ٽڙي پکڙي ويا: هنن جي راهن، ۽ هنن جي ڪمن موافق مون سندن عدالت ڪئي.

20 ۽ جڏهن هو انهن قومن ۾ ويا جن ڏانهن هو ويا ٿي، تڏهن هنن منهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪئي؛ جو ماڻهن انهن جي نسبت ۾ چيو تہ هيءَ خداوند جي قوم آهي ۽ هن جي زمين کان ٻاهر نڪري ويئي آهي.

21 تڏهن مون کي پنهنجي پاڪ نالي جو ارمان ٿيو، جو اسرائيل جي گهراڻي قومن منجهہ جتي جتي هو ويا، انهي جي بي ادبي ڪئي.

22 تنهنڪري اسرائيل جي گهراڻي کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ هي اوهان جي لاءِ نٿو ڪريان، پر پنهنجي پاڪ نالي جي لاءِ ٿو ڪريان، جنهن جي، جتي جتي اوهين ويا آهيو، اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي.

23 ۽ آءٌ پنهنجي وڏي نالي جي پاڪيزگي ظاهر ڪندس، جنهن جي اوهان قومن ۾ بي ادبي ڪئي آهي، ۽ انهن جي وچ ۾ منهنجي بي ادبي ٿي آهي؛ ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تڏهن اُهي قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند خدا آهيان، جڏهن هنن جي اکين اڳيان اوهان ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر ٿيندي.

24 ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍندس، ۽ سڀني ملڪن مان گڏ ڪندس، ۽ اوهان کي خود پنهنجي زمين ۾ آڻيندس.

25 ۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.

26 آءٌ اوهان کي نئين دل بہ ڏيندس ۽ اوهان ۾ نئون روح وجهندس: ۽ اوهان جي بدن مان اها پٿر جهڙي دل ڪڍي وٺندس ۽ گوشت جي دل ڏيندس.

27 ۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس، ۽ اوهان کي پنهنجي قانونن تي هلائيندس، ۽ اوهين منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.

28 ۽ جيڪا زمين مون اوهانجن ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن ۾ اوهين رهندا؛ ۽ اوهين منهنجي قوم ٿيندا، ۽ آءٌ اوهان جو خدا ٿيندس.

29 ۽ آءٌ اوهان کي اوهانجين سڀني ناپاڪين کان بچائيندس: ۽ آءٌ اُن کي ڪوٺيندس ۽ انهي کي وڌائيندس، ۽ اوهان ۾ ڏڪار نہ وجهندس.

30 ۽ آءٌ وڻن جو ڦر وڌائيندس ۽ ٻنيءَ جي پيدائش بہ وڌيڪ ڪندس، جنهنڪري قومن ۾ وري اڳتي اوهان کي ڏڪر جو مهڻو نہ ملندو.

31 تڏهن اوهين پنهنجا خراب رستا ياد ڪندا، ۽ پنهنجا ڪم جي چڱا نہ هئا، ۽ پنهنجي ڪراهت جهڙن ڪمن، ۽ پنهنجين بدڪارين جي ڪري خود پنهنجي نظر ۾ اوهين پاڻ کي ڌڪاريندا.

32 خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهان کي خبر هجي تہ اهو ڪم آءٌ اوهان جي ڪمن ڪري نٿو ڪريان: اي اسرائيل جا گهراڻا، پنهنجي ڪمن جي ڪري شرمندا ۽ لڄي ٿيو.

33 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن آءٌ اوهان کي سڀني ناپاڪائين کان صاف ۽ پاڪ ڪندس، انهي ڏينهن آءٌ اُهي شهر وسائيندس، ۽ ويران جايون اڏيون وينديون.

34 ۽ جيڪا زمين ويران هئي ۽ سڀني لنگهندڙن جي نظر ۾ هڪڙو بيابان هئي، سا کيڙي ويندي.

35 ۽ هو چوندا تہ هيءَ زمين جا ويران هئي سا عدن جي باغ جهڙي ٿي پيئي آهي؛ ۽ ويران ۽ سُڃا ۽ ناس ٿيل شهر ڪوٽن وارا ۽ آباد ٿي ويا آهن.

36 تڏهن جيڪي قومون اوهان جي چوڌاري بچيون هونديون سي ڄاڻنديون تہ مون خداوند، ڦٽل جاين کي اڏايو آهي، ۽ جيڪا زمين ويران هئي تنهن کي آباد ڪرايو آهي: مون خداوند ائين فرمايو آهي ۽ ضرور ائين ڪندس.

37 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تنهن کان سواءِ اسرائيل جي گهراڻي وارا مون کي عرض ڪندا تہ آءٌ سندن لاءِ ائين ڪريان؛ آءٌ هنن کي ماڻهن سان ڌڻ وانگر وڌائيندس.

38 جيئن قربانيءَ جي لاءِ مقرر ڪيل عيدن تي ڌڻ ٿيندو آهي: تيئن ويران شهر ماڻهن جي ڌڻ سان ڀرجي ويندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan