حزقي ايل 35 - Sindhi Bible1 وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2 اي آدمزاد، پنهنجو رخ شعير جي جبل ڏانهن ڪر ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر، 3 ۽ اُن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي شعير جا جبل، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان؛ آءٌ توتي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس ۽ توکي حيران ۽ حيرت جو سبب ڪندس. 4 آءٌ تنهنجن شهرن کي غير آباد ڪندس ۽ تون ويران ٿيندين؛ ۽ تون ڄاڻندين تہ آءٌ خداوند آهيان. 5 ڇالاءِ جو تو دشمني رکي آهي، ۽ پڇاڙيءَ واري بدڪاريءَ وقت، بني اسرائيل کي تو سندن مصيبت جي ترار جي حوالي ڪيو. 6 تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ آءٌ توکي خون جي لاءِ تيار ڪندس، ۽ خون تنهنجي پٺيان پوندو؛ تو خون کان نفرت نہ ڪئي آهي، تنهنڪري خون تنهنجي پٺيان پوندو. 7 انهي طرح شعير جي جبل کي آءٌ حيرت ۽ ويرانيءَ جو سبب ڪندس؛ ۽ جيڪو اُنهي مان لنگهندو، ۽ جيڪو موٽندو تنهن کي انهي کان وڍي ڇڏيندس. 8 ۽ آءٌ هنن جي جبلن کي سندس ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيندس: تنهنجي ٽڪرين ۽ تنهنجي وادين ۾، ۽ تنهنجي سڀني نهرن ۾، جيڪي ترار سان ماريا ويندا سي ڪِرندا. 9 آءٌ توکي هميشہ لاءِ ويران ڪندس ۽ تنهنجا شهر وري نہ وسندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. 10 تو چيو آهي تہ هي ٻہ قومون، ۽ هي ٻہ ملڪ منهنجا ٿيندا، ۽ اسين انهن جا مالڪ ٿينداسين، پر خداوند اُتي هو: 11 تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ تنهنجي ڪاوڙ، ۽ تنهنجي غيرت موجب هلت ڪندس، جا تو پنهنجي دشمنيءَ جي ڪري هنن سان ڪئي آهي؛ ۽ جڏهن آءٌ تنهنجي عدالت ڪندس تڏهن آءٌ پاڻ کي هنن ۾ مشهور ڪندس. 12 ۽ تون ڄاڻندين تہ اسرائيل جي جبلن جي نسبت ۾ جيڪي ڪفر جون ڳالهيون تو ڪيون آهن، ۽ چيو اٿيئي تہ هو ويران آهن، ۽ اسان کي ڳهڻ لاءِ ڏنا ويا آهن، سي سڀ مون خداوند ٻڌيون آهن. 13 ۽ اوهان پنهنجي وات سان منهنجي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي ڪئي آهي، ۽ منهنجي برخلاف گهڻيون ڳالهيون ڪيون اٿوَ: اهي سڀ مون ٻڌيون آهن. 14 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن ساري زمين خوشيون ڪندي تڏهن آءٌ توکي ويران ڪندس. 15 جيئن تو اسرائيل جي گهراڻي جي ميراث جي ويران ٿيڻ تي خوشيون ڪيون، تيئن آءٌ توسان ڪندس: اي شعير جا جبل، تون ويران ٿيندين، ۽ سڄو ادوم بہ، بلڪ اهو سڄو ملڪ، ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society