حزقي ايل 33 - Sindhi Bible1 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2 اي آدمزاد، پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چئُہ تہ جڏهن آءٌ ڪنهن ملڪ تي ترار نازل ڪريان، تڏهن جي انهي ملڪ جا ماڻهو پاڻ مان هڪڙو ماڻهو ڪڍي پنهنجو نگهبان مقرر ڪن: 3 ۽ جيڪڏهن اُهو نگهبان ترار ايندي ڏسي، ۽ قرناءِ وڄائي، ۽ ماڻهن کي خبردار ڪري؛ 4 تہ تڏهن جي ڪو قرناءِ جي آواز ٻڌي ۽ خبردار نہ ٿئي، ۽ ترار اچي هن کي کڻي وڃي، تہ انهي جو خون سندس مٿي تي آهي. 5 هن قرناءِ جو آواز ٻڌو ۽ خبردار نہ ٿيو؛ اُنهي جو خون مٿس آهي: پر جي هو خبردار ٿئي ها تہ پنهنجو ساهہ بچائي وٺي ها. 6 پر جي نگهبان ترار ايندي ڏسي قرناءِ نہ وڄائي، ۽ ماڻهو خبردار نہ ٿين، ۽ ترار اچي نڪري، ۽ انهن مان ڪو ماڻهو کڻي وڃي؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ کڄي ويو آهي، پر انهي جي خون جو بدلو آءٌ نگهبان کان وٺندس. 7 سو اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي جو نگهبان مقرر ڪيو آهي، تنهنڪري منهنجي واتان ڪلام ٻڌ، ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر. 8 جيڪڏهن آءٌ شرير کي چوان تہ اي شرير شخص، تون ضرور مرندين، ۽ تون انهي شرير کي سندس رستي کان خبردار نہ ڪندين، تڏهن اُهو شرير شخص پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر انهي جي خون جو بدلو آءٌ توکان وٺندس. 9 انهي هوندي بہ جي تون انهي شرير کي پنهنجي رستي کان ڦرڻ لاءِ خبردار ڪندين ۽ هو انهي کان نہ ڦرندو؛ تہ هو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ برابر مرندو، پر تو پنهنجو ساهہ بچايو آهي. 10 ۽ اي آدمزاد، تون اسرائيل جي گهراڻي کي چئُہ، تہ اوهين جو هيئن ٿا چئو تہ اسان جا ڏوهہ ۽ اسان جا گناهہ اسان تي آهن، ۽ اسين انهن ۾ ڳرندا ٿا وڃون؛ سو اسين ڪيئن جيئرا رهون؟ 11 انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ مون کي شرير جي موت سان ڪا خوشي حاصل نٿي ٿئي؛ پر هن ڳالهہ مان ٿي ٿئي تہ اُهو شرير پنهنجي رستي کان ڦري ۽ جيئرو رهي: پنهنجن خراب رستن کان اوهين ڦرو، اوهين ڦرو؛ ڇالاءِ جو، اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين ڇو ٿا مرڻ گهرو؟ 12 ۽ اي آدمزاد، تون پنهنجي قوم جي ماڻهن کي چئو تہ سچار جي سچائي سندس گناهہ جي ڏينهن کيس نہ ڇڏائيندي؛ ۽ شرير جنهن ڏينهن هو پنهنجي شرارت کان ڦرندو پنهنجي شرارت ڪري نہ ڪِرندو: نڪي جيڪو سچار آهي سو انهي ڪري گناهہ ڪرڻ واري ڏينهن جيئرو رهي سگهندو. 13 جڏهن آءٌ سچي کي چوان تہ تون ضرور جيئرو رهندين؛ تڏهن جي هو پنهنجي سچائي تي ڀروسو ڪندو ۽ گناهہ ڪندو، تہ هن جي چڱن ڪمن مان ڪوبہ ياد نہ ڪيو ويندو؛ پر جيڪو گناهہ ڪيو هوندائين تنهن جي ڪري هو ضرور مرندو. 14 وري جڏهن آءٌ شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين، تڏهن جي هو پنهنجي گناهہ کان توبهہ ڪندو، ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪندو؛ 15 جي شرير گروي رکيل شيءِ موٽائي ڏيندو، ۽ چورايل مال موٽائي ڏيندو، ۽ حياتيءَ جي قانونن تي هلندو، ۽ ڪوبہ گناهہ نہ ڪندو، تہ اُهو ضرور جيئرو رهندو، مرندو ڪين. 16 جيڪي گناهہ هن ڪيا هوندا، تن مان ڪوبہ سندس برخلاف ياد نہ ڪيو ويندو: هن جيڪي ڪيو آهي سو قاعدي موجب درست آهي؛ اُهو ضرور جيئرو رهندو. 17 انهي هوندي بہ تنهنجي قوم جا ماڻهو چون ٿا تہ خداوند جو رستو برابر ناهي: بلڪ حقيقت ۾ سندن رستو برابر ناهي. 18 جڏهن سچو پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، تڏهن هو ضرور انهي ڪري مرندو. 19 ۽ جڏهن شرير پنهنجي شرارت کان ڦري ٿو ۽ قاعدي موجب درست ڪم ڪري ٿو، تڏهن هو انهي ڪري ضرور جيئرو رهندو. 20 انهي هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ خداوند جو رستو برابر ناهي. اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان مان هر ڪنهن جي عدالت سندس رستن موجب ڪندس. 21 ۽ اسان جي قيد جي ٻارهين سال ۾، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ هڪڙو شخص، جو يروشلم مان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي اچي چيو تہ شهر تباهہ ٿي ويو آهي. 22 هاڻي انهي ڀڳل ماڻهوءَ جي اچڻ کان اڳ ۾، خداوند جو هٿ شام جي وقت مون تي هو، ۽ هن منهنجو وات پَٽيو؛ ۽ جڏهن اُهو ماڻهو صبح جو مون وٽ آيو، تڏهن منهنجو وات کليل هو ۽ آءٌ گونگو نہ هوس. 23 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 24 اي آدمزاد، جيڪي ماڻهو اسرائيل جي زمين ۾ انهن ويران جاين تي رهن ٿا، سي چوندا وتن تہ ابرهام هڪڙو ئي هو، جنهن کي اُها زمين ورثي ۾ ملي؛ پر اسين تہ گهڻا آهيون؛ اُها زمين اسان کي موروثي ملڪيت ٿي ملي آهي. 25 تنهنڪري تون هنن کي چئو، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رت سميت کائو ٿا، ۽ پنهنجون اکيون پنهنجن بُتن ڏانهن کڻو ٿا، ۽ خونريزي ڪريو ٿا، پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟ 26 اوهين پنهنجي ترار تي بيهو ٿا، اوهين ڪراهت جهڙا ڪم ڪريو ٿا، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي خراب ڪري ٿو: پوءِ بہ اوهين انهي زمين جا مالڪ ٿيندا ڇا؟ 27 تون هنن کي هيئن چئو تہ خداوند خدا فرمائي ٿو، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ جيڪي ويران جاين تي رهن ٿا، سي ضرور ترار سان ڪِرندا، ۽ جيڪو کليل ميدان تي آهي، تنهن کي آءٌ جانورن جي حوالي ڪندس، تہ اُهي هن کي ڳڙڪائي وڃن، ۽ جيڪي مضبوط قلعن ۽ غارن ۾ هوندا، سي مريءَ جي سبب مرندا. 28 ۽ آءٌ زمين کي ويران ۽ حيرت جو سبب ڪندس ۽ ان جي طاقت جو فخر بند ٿي ويندو، ۽ اسرائيل جا جبل بہ اهڙا ويران ٿي ويندا جو ڪوبہ منجهان نہ لنگهندو. 29 تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ ملڪ کي حيران ۽ حيرت جو سبب ڪندس، جو هنن هيترا ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا آهن. 30 باقي تون، سو اي آدمزاد، تنهنجي قوم جا ماڻهو تنهنجي بابت ڀِتين جي پاسن ۽ گهرن جي درن تي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ٿا ڪن، ۽ هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوي ٿو تہ ڀلائي ڪر، هل تہ اُهو ڪلام ٻڌون جو خداوند وٽان ٿو اچي. 31 هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي. 32 ڏس تون هنن جي لاءِ هڪڙو اهڙو وڻندڙ راڳ آهين جو ڪو چڱي آواز وارو ماڻهو ڳائي، ۽ ڪو چڱو ساز وڄائي؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجون ڳالهيون ٻڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن. 33 ۽ جڏهن ائين ٿيندو (ڏس اُهو وقت ايندو)، تڏهن هو ڄاڻندا تہ منجهن ڪو نبي موجود رهيو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society