Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 30 - Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ

2 اي آدمزاد، نبوت ڪر ۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ افسوس آهي انهي ڏينهن تي!

3 ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن ويجهو آهي، يعني خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، جو بادلن جو ڏينهن آهي، اهو غير قومن جو ڏينهن ٿيندو.

4 ۽ هڪڙي ترار مصر تي ايندي، ۽ حبش ۾ ڏاڍو ڏک پيدا ٿيندو، جڏهن مصر ۾ ڪُٺل ڪِرندا؛ ۽ هو انهي جون جماعتون قيد ڪري وٺي ويندا، ۽ ان جا بنياد ڀڳا ويندا.

5 حبش، ۽ فوطہ، ۽ لود، ۽ سڀ گڏيل قومون، ۽ ڪوب، ۽ انهي زمين جا رهاڪو، جن ٻڌي ڪئي آهي، سي بہ انهن سان گڏ ترار سان ڪِرندا.

6 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي مصر کي مدد ڪن ٿا سي بہ ڪِرندا، ۽ ان جي طاقت جو فخر بہ هيٺ لهندو: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مجدال کان وٺي اسوان تائين هو ترار سان انهي ۾ ڪِرندا.

7 ۽ جيڪي ملڪ ويران آهن، تن جي وچ ۾ هو ويران ٿيندا، ۽ جيڪي شهر غير آباد آهن، تن جي وچ ۾ انهن جا شهر هوندا.

8 ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ مصر کي باهہ ڏيندس ۽ ان جا سڀ مددگار ناس ٿي ويندا.

9 انهي ڏينهن قاصد مون وٽان جهازن ۾ چڙهي ويندا، انهي لاءِ تہ غافل حبشين کي ڊيڄارين؛ ۽ انهن تي مصيبت پوندي، جيئن مصر واري ڏينهن؛ ڇالاءِ جو ڏس، اُهو اچي ٿو.

10 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿان بہ مصر جي ماڻهن کي نابود ڪري ڇڏيندس.

11 ۽ هو ۽ سندس قوم، جا قومن ۾ خوفناڪ آهي، انهي زمين جي ناس ڪرڻ لاءِ اُتي ايندا؛ ۽ اُهي مصر تي پنهنجون ترارون ڪڍندا ۽ انهي ملڪ کي ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيندا.

12 آءٌ نديون سُڪائي ڇڏيندس ۽ اُها زمين خراب ماڻهن جي هٿ ۾ وڪڻندس؛ آءٌ اُها زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو ڌارين جي هٿان ويران ڪرائيندس؛ مون خداوند خدا ائين فرمايو آهي.

13 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بُت بہ ناس ڪندس، ۽ نوف مان مورتون بہ بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ مصر جي ملڪ جو وري اڳتي ڪوبہ بادشاهہ نہ ٿيندو: ۽ آءٌ مصر جي ملڪ ۾ خوف وجهندس.

14 ۽ آءٌ فتروس کي ويران ڪندس، ۽ ضعن ۾ باهہ ٻاريندس، ۽ نوءِ ۾ عدالتون ڪندس.

15 ۽ سين، جو مصر جو قلعو آهي، تنهن تي پنهنجو غضب نازل ڪندس، ۽ آءٌ نوءِ جا ماڻهو وڍي ڇڏيندس.

16 ۽ آءٌ مصر ۾ هڪڙي باهہ ٻاريندس؛ سين ڏاڍي مصيبت ۾ گرفتار ٿيندو، ۽ نوءِ ڀڄي پوندو: ۽ نوف تي ڏينهن ڏٺي جو دشمن ڪاهي ايندا.

17 آون ۽ في بست جا جوان ترار سان ڪِرندا؛ ۽ اهي شهر قيد ٿي ويندا.

18 تحفنحيس بہ اُهو ڏينهن پاڻ ڪڍي وٺندو، ۽ انهي وقت اُتي آءٌ مصر جون پاڃاريون ڀڃي ڇڏيندس، ۽ سندس طاقت جو فخر منجهس گم ٿي ويندو: ۽ خود کيس بادل ڍڪي ڇڏيندو: ۽ سندس ڌيئرون قيد ٿي وينديون.

19 انهي طرح آءٌ مصر ۾ عدالتون ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

20 ۽ يارهين سال ۾ پهرئين مهيني جي ستين تاريخ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

21 اي آدمزاد، مون مصر جي بادشاهہ فرعون جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي؛ ۽ ڏس، تہ نہ اُنهي تي شفا لاءِ دوائون ۽ نہ پٽيون ويڙهي ٻڌيون ويون آهن، تہ اُها ترار جهلڻ جهڙي طاقت وٺي.

22 تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون جي برخلاف آهيان ۽ هن جون ٻانهون ڀڃندس، جيڪا مضبوط آهي سا بہ، ۽ جيڪا ڀڄي پيئي آهي سا بہ؛ آءٌ هن جي هٿان ترار ڪيرائي وجهندس.

23 ۽ آءٌ مصرين کي قومن ۾ پکيڙيندس، ۽ ملڪن ۾ هنن کي کنڊيري ڇڏيندس.

24 آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس، ۽ پنهنجي ترار سندس هٿ ۾ ڏيندس؛ پر آءٌ فرعون جون ٻانهون ڀڃندس، ۽ هو انهي جي اڳيان اهڙيون ڪنجهڪارون ڪندو، جهڙيون سخت ڦٽيل ماڻهو ڪندا آهن.

25 ۽ آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس ۽ فرعون جون ٻانهون ڪِري پونديون: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجي ترار بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اُها هو مصر جي زمين تي ڊگهيريندو.

26 ۽ آءٌ مصرين کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيندس ۽ هنن کي ملڪن ۾ کنڊيري ڇڏيندس؛ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan