حزقي ايل 29 - Sindhi Bible1 ڏهين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ٻارهين تاريخ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2 اي آدمزاد، پنهنجو رخ مصر جي بادشاهہ فرعون ڏانهن ڪر، ۽ انهي جي برخلاف ۽ سڄي مصر جي برخلاف نبوت ڪر: 3 ڳالهاءِ ۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي مصر جا بادشاهہ فرعون، تون جو وڏو ازدها آهين، جو پنهنجين ندين جي وچ ۾ پيو آهين، ۽ جو چوين ٿو تہ منهنجي ندي منهنجي ملڪيت آهي ۽ اُها مون پنهنجي لاءِ جوڙي آهي، سو آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان. 4 ۽ آءٌ تنهنجن ڄاڙن ۾ ڪُنڍيون ۽ تنهنجين ندين جون مڇيون تنهنجن ڇلرن کي چنبڙائي ڇڏيندس؛ ۽ آءٌ توکي، تنهنجين ندين جي وچ مان انهن سڀني مڇين سميت ٻاهر ڪڍي ايندس، جي تنهنجن ڇلرن کي چنبڙيل آهن. 5 ۽ آءٌ توکي ۽ تنهنجين ندين جي سڀني مڇين کي بيابان ۾ اُڇلائي ڇڏيندس: تون کليل ميدان تي نڪرندين، تون آڻي سوڙهو نہ ڪيو ويندين ۽ نہ گڏ ڪيو ويندين: آءٌ توکي کاڌو ڪري زمين جي جانورن ۽ هوا جي پکين کي ڏيندس. 6 ۽ مصر جا سڀ رهاڪو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، ڇالاءِ جو اُهي اسرائيل جي گهراڻي جي لاءِ ڪاني جي لٺ وانگر ٿيا آهن. 7 جڏهن هنن توکي هٿ کان وٺي جهليو، تڏهن تون ڀڄي پئين، ۽ تو هنن جا ڪلها ئي ڦاڙي ڇڏيا، ۽ جڏهن هنن توتي ٽيڪ ڏني، تڏهن بہ تون ڀڄي پئين، ۽ تو هنن جون چيلهيون بيهاري ڇڏيون. 8 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ توتي ترار آڻيندس، ۽ توکان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيندس. 9 ۽ مصر جي زمين ويران ۽ سُڃ ٿي پوندي؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو هن چيو آهي تہ ندي منهنجي آهي ۽ مون اُها جوڙي آهي. 10 تنهنڪري ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف ۽ تنهنجين ندين جي برخلاف آهيان، ۽ آءٌ مصر جي زمين کي مجدال کان اسوان تائين، يعني حبش جي سرحد تائين بلڪل سُڃو ۽ ويران ڪري ڇڏيندس. 11 ڪنهن بہ ماڻهوءَ جو پير انهي مان نہ لنگهندو، نڪي ڪنهن جانور جو پير انهي مان لنگهندو، ۽ نہ چاليهن ورهين تائين اُهو وسندو. 12 ۽ آءٌ ويران ملڪن جي وچ ۾ مصر جي زمين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جا شهر ويران ڪيل شهرن جي وچ ۾ چاليهہ ورهيہ ويران رهندا: ۽ آءٌ مصرين کي قومن ۾ پکيڙيندس، ۽ ملڪن ۾ هنن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس. 13 ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ چاليهن ورهين جي پوري ٿيڻ تي، آءٌ مصرين کي، جن قومن ۾ هو ٽڙي پکڙي ويا هئا، تن مان وري گڏ ڪندس: 14 ۽ آءٌ مصر جا قيدي موٽائي آڻيندس ۽ هنن کي فتروس جي زمين ۾، يعني سندن وطني زمين ۾ موٽائيندس؛ هو اُتي هڪڙي خسيس بادشاهت ٿيندا. 15 اُها سڀ کان خسيس بادشاهت ٿيندي، اُها وري ڪڏهن بہ ٻين قومن ۾ پنهنجو مٿو مٿي نہ کڻندي: ۽ آءٌ انهي کي اهڙو گهٽائيندس جو هو وري قومن تي ڪڏهن بہ حڪومت نہ هلائيندا. 16 ۽ اُها وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ويساهہ جوڳي نہ ٿيندي تہ بدڪاري ياد ڏياري، جڏهن هو انهن ڏانهن ڦري نهاريندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان. 17 ۽ ستاويهين سال جي پهرئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 18 اي آدمزاد، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر پنهنجي لشڪر کان صور جي برخلاف هڪڙي وڏي خدمت ڪرائي آهي، يعني سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪيائين ۽ سڀ ڪنهن ڪلهي جي کل لهرايائين: انهي هوندي بہ نہ هن کي ۽ نہ هن جي لشڪر کي صور کان سندن برخلاف ڪيل خدمت جو اُجورو مليو: 19 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جو ملڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي ڏيئي ڇڏيندس؛ ۽ هو ان جي جماعت ۽ ان جو لٽ جو مال کڻي هليو ويندو؛ ۽ اُهو هن جي لشڪر جو اُجورو ٿيندو. 20 ۽ مون هن کي مصر جي زمين عيوضو ڪري ڏني، جنهن لاءِ هن خدمت ڪئي هئي، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي تہ هن منهنجي لاءِ اُهو پورهيو ڪيو. 21 انهي ڏينهن آءٌ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ هڪڙو سڱ اُٿاريندس، ۽ انهي جي وچ ۾ آءٌ تنهنجو وات کوليندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society