حزقي ايل 27 - Sindhi Bible1 خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ 2 اي آدمزاد، تون وري بہ صور جي لاءِ هڪڙو مرثيو کڻ؛ 3 ۽ صور کي چئُہ تہ تون جو سمنڊ جي لنگهہ جي جاءِ تي رهين ٿو، ۽ گهڻن ٻيٽن جي لاءِ قومن جو سوداگر آهين، تنهن کي خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي صور، تو چيو آهي تہ آءٌ حسن ۾ ڪامل آهيان. 4 تنهنجون سرحدون سمنڊ جي وچ ۾ آهن، ۽ تنهنجن اڏيندڙن تنهنجو حسن ڪامل ڪيو آهي. 5 هنن تنهنجا سڀ جهاز وارا تخت سنير جي صنوبر جي وڻن جا جوڙيا آهن: تنهنجي کوهي جوڙڻ لاءِ هنن لبنان مان ديودار جا وڻ آندا آهن. 6 تنهنجا ونجهہ هنن بسن جي شاهہ بلوطن مان جوڙيا آهن؛ ۽ تنهنجا ويهڻ جا صندل ڪتيم جي ٻيٽن مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي، انهي ۾ عاج جَڙي ٺاهيا اٿن. 7 تنهنجو سڙهہ سنهڙي سڻيءَ جي چڪندوزي ڪپڙي جو هو، جو مصر مان آندو ويو هو، انهي لاءِ تہ اُهو تنهنجي لاءِ هڪڙو بيرق جهڙو نشان ٿئي؛ تنهنجي ڍڪ جو ٽپڙ آسماني ۽ واڱڻائي رنگ جو هو، جو اليسہ جي ٻيٽن مان آندو ويو هو. 8 تنهنجا ونجهہ هلائڻ وارا صيدون ۽ ارود جا رهاڪو هئا: اي صور تو ۾ جيڪي ڏاها ماڻهو هئا سي تنهنجا ناخدا هئا. 9 جبال جا پير مرد ۽ اُتي جا ڏاها ماڻهو تو ۾ ٽُنگن بند ڪرڻ ۽ مرمت ڪرڻ وارا هئا: سمنڊ جا سڀ جهاز پنهنجي خلاصين سوڌا تو وٽ هئا، تہ اُهي تنهنجي سوداگريءَ جو ڪم ڪن. 10 فارس ۽ لود ۽ فوطہ جا ماڻهو تنهنجي لشڪر ۾ تنهنجا جنگي پهلوان هئا: هنن سپر ۽ جنگي توپ تو ۾ ٽنگيا هئا؛ هنن تنهنجي رونق وڌائي. 11 ارود جا ماڻهو تنهنجي لشڪرن سان چوڌاري تنهنجي ڀتين تي هئا، بهادر مرد تنهنجي ٺلهن تي هئا: انهن پنهنجون سپرون چوڌاري تنهنجين ڀِتين تي ٽنگي ڇڏيون، انهن تنهنجو حسن ڪامل ڪيو. 12 ترسيس هر قسم جي دولت جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجو سوداگر هو؛ ۽ پنهنجن وٿن جي لاءِ هنن چاندي، لوهہ، قلعي ۽ شيهي سان واپار ٿي ڪيو. 13 ياوان، توبل، ۽ مسڪ تنهنجي ڏيتي ليتي ڪرڻ وارا واپاري هئا: هنن تنهنجي لاءِ ٻانهن ۽ پتل جي باسڻن جو واپار ٿي ڪيو. 14 تجرماہ جي گهراڻي وارا گهوڙا، ۽ جنگي گهوڙا، ۽ خچر ڏيئي، تنهنجون وٿون وٺندا هئا. 15 ددان جا ماڻهو بہ تنهنجا واپاري هئا: گهڻا ٻيٽ تنهنجي هٿ هيٺ واپاري هئا: هو تولاءِ عاج ۽ آبنوس جا سڱ سوغات ڪري آڻيندا هئا. 16 ارامي تنهنجي دستڪاري وٿن جي گهڻائيءَ ڪري تنهنجا سوداگر هئا: هو تنهنجن وٿن لاءِ زمرد، قرمز ۽ چڪندوزي ڪم ۽ عمدو سنهو ڪپڙو ۽ مرجان ۽ لعلون ڏيندا هئا. 17 يهوداہ ۽ اسرائيل جا رهاڪو تنهنجا واپاري هئا، هو تنهنجي سوداگري مال وٺڻ جي لاءِ منت ۽ پتنگ جي ڪڻڪ، ۽ ماکي، ۽ تيل ۽ بلسان ڏيندا هئا. 18 دمشق بہ تنهنجن گهڻين ڪاريگريءَ جي شين لاءِ هر قسم جي دولت سبب تنهنجو واپاري هوندو هو؛ توکي هو حلبون جو شراب ۽ اڇي پشم بہ آڻي ڏيندو هو. 19 ددان ۽ ياوان تنهنجي سامان جي عيوض سٽ ڏيندا هئا: هو چمڪندڙ لوهہ، دال چيني ۽ ڪلمن جون ڪانيون ڏيئي، تنهنجي واپار جون وٿون وٺندا هئا. 20 ددان سواريءَ جي قيمتي ڪپڙن وڪڻڻ ۾ تنهنجو سوداگر هوندو هو. 21 عرب ۽ قيدار جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا؛ رڍن ۽ گهيٽن ۽ ٻڪرين ۾ هو تنهنجا سوداگر هوندا هئا. 22 سبا ۽ رعماہ جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا؛ هو سڀيئي عمدا مصالحہ ۽ سڀ قيمتي پٿر ۽ سون ڏيئي تنهنجو مال وٺندا هئا. 23 حران، ۽ ڪنہ، ۽ عدن، ۽ سبا، ۽ اسور، ۽ ڪلمد جا واپاري تنهنجا واپاري هوندا هئا. 24 اُهي هئا تنهنجا واپاري عمدين وٿن ۾، آسماني چڪندوزي ڪم وارن ڪپڙن ۾، ۽ قيمتي پوشاڪن جي صندوقن ۾، جي رسن سان ٻڌل هيون ۽ ديودار جي ڪاٺ جون جڙيل هيون، اُهي تنهنجي سوداگري مال ۾ هيون. 25 تنهنجي سوداگري مال لاءِ ترسيس جا جهاز تنهنجا قافلا هئا: ۽ تون ڀريو پيو هئين، ۽ سمنڊن جي وچ ۾ نهايت مشهور هئين. 26 تنهنجن ونجهن هلائڻ وارن توکي وڏي پاڻي ۾ آندو آهي، اُڀرندي جي واءُ سمنڊ جي وچ ۾ توکي ڀڃي وڌو آهي. 27 تنهنجي دولت، تنهنجون شيون، تنهنجو سوداگري مال، تنهنجا خلاصي ۽ تنهنجا ناخدا، تنهنجا مرمت ڪندڙ ۽ تنهنجي مال جا سوداگر، ۽ تنهنجا سڀ جنگي ماڻهو جي تو ۾ آهن، ۽ تنهنجي سڄي جماعت جا تو ۾ آهي، اُهي سڀ تنهنجي تباهيءَ جي ڏينهن سمنڊن جي وچ ۾ ڪِري پوندا. 28 تنهنجن ناخدائن جي دانهن جي آواز تي، ٻهراڙيون لڏي وينديون. 29 ۽ سڀ ونجهہ هلائڻ وارا ۽ خلاصي ۽ سمنڊ جا سڀ ناخدا پنهنجن جهازن تان لهي ايندا ۽ زمين تي اچي بيهندا، 30 ۽ هو اهڙو پڪاريندا جو سندن آواز تنهنجي مٿان پيو ٻڌڻ ۾ ايندو: ۽ ڏاڍيون رڙيون ڪندا ۽ پنهنجن مٿن تي مٽي وجهندا ۽ خاڪ ۾ ليٽندا: 31 ۽ هو پاڻ کي تنهنجي لاءِ گنجو ڪندا، ۽ چيلهہ سان کٿو ٻڌندا، ۽ ڏاڍو ماتم ڪري تنهنجي لاءِ گهڻي دل جي درد سان روئندا. 32 ۽ واويلا ڪندي هو تنهنجي لاءِ مرثيا کڻندا، ۽ توتي افسوس ڪندا، ۽ چوندا تہ صور جهڙو ڪير آهي، يا انهي جهڙو جو سمنڊ جي وچ ۾ ناس ڪيو ويو آهي؟ 33 جڏهن تنهنجو سوداگري مال سمنڊن کان پار ويندو هو، تڏهن تو گهڻين قومن کي ڀري ٿي ڇڏيو؛ تو زمين جي بادشاهن کي پنهنجي دولت ۽ پنهنجي سوداگري مال جي گهڻائيءَ سان دولتمند ٿي ڪيو. 34 جنهن وقت پاڻين جي اونهائي ۽ سمنڊ توکي ڀڃي ڇڏيو هو، تنهن وقت تنهنجو سوداگري مال، ۽ تنهنجي ڪل جماعت تو ۾ ڪِري پيئي. 35 ٻيٽن جا سڀ رهاڪو توتي حيران آهن، ۽ انهن جا بادشاهہ گهڻي خوف ۾ آهن؛ انهن جون شڪليون ئي بدلجي ويون آهن. 36 قومن ۾ سوداگر توتي شوڪارا ڀرين ٿا؛ تون خوف جو سبب ٿي پيو آهين؛ ۽ اڳتي وري ڪڏهن بہ نہ هوندين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society