Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 26 - Sindhi Bible

1 ۽ يارهين سال ۾، مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

2 اي آدمزاد، صور يروشلم جي بابت چيو آهي تہ واهہ واهہ، جيڪو قومن جو دروازو هو سو ڀڄي پيو آهي؛ هاڻي هن مون ڏانهن رخ رکيو آهي، هاڻي جڏهن هو پاڻ ويران ٿي ويو آهي تڏهن آءٌ ڀرجي ويندس.

3 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي صور آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ گهڻين قومن کي توتي چاڙهي آڻيندس، جيئن سمنڊ پنهنجون لهرون چاڙهي ايندو آهي.

4 ۽ اُهي صور جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيندا ۽ سندس ٺلهہ ڊاهي ڇڏيندا: آءٌ سندس مٽي بہ مٿانئس کرڙي لاهي ڇڏيندس، ۽ کيس اُگهاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس.

5 هو سمنڊ جي وچ ۾ ڄارن پکيڙڻ جو هنڌ ٿيندو؛ ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو چوي تہ مون ائين فرمايو آهي: هو قومن جي لاءِ لٽ جو مال ٿيندو.

6 ۽ هن جون ڌيئرون جي جهنگ ۾ آهن سي ترار سان قتل ڪيون وينديون: ۽ اُهي ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند آهيان.

7 ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ صور تي، اُتر کان بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر، جو شهنشاهہ آهي، تنهن کي گهوڙن سان، ۽ گاڏين سان، ۽ گهوڙي سوارن سان، ۽ هڪڙي لشڪر ۽ گهڻن ماڻهن سان آڻيندس.

8 هو جهنگ ۾ تنهنجين ڌيئرن کي ترار سان قتل ڪندو: ۽ هو توسان وڙهڻ لاءِ قلعا جوڙائيندو، ۽ تنهنجي سامهون بند ٻڌائيندو، ۽ تنهنجي برخلاف سپر کڻندو.

9 هو تنهنجين ڀِتين تي ڀِتين ڀڃڻ واريون ڪَلون آڻي بيهاريندو، ۽ پنهنجي ڪهاڙن سان تنهنجا ٺلهہ ڀڃي ڇڏيندو.

10 هن جي گهوڙن جي گهڻائيءَ کان انهن جي مٽي توکي ڍڪي ڇڏيندي: جڏهن هو تنهنجن درن اندر گهڙي ايندو، جيئن ماڻهو ڀِت ڀڳل شهر ۾ گهڙي ايندا آهن، تڏهن تنهنجون ڀِتيون گهوڙي سوارن، ۽ گاڏن، ۽ گاڏين جي گوڙ تي لڏي وينديون.

11 هو تنهنجون سڀ گهٽيون پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان لتاڙيندو: هو ترار سان تنهنجا ماڻهو ماريندو، ۽ تنهنجي زور جا ٿنڀ زمين تي ڪِري پوندا.

12 ۽ هو تنهنجي دولت لٽيندا ۽ تنهنجي سوداگري جو مال ڦري کڻي ويندا: ۽ هو تنهنجون ڀِتيون ڀڃندا ۽ تنهنجا دلپسند گهر ناس ڪري ڇڏيندا: ۽ تنهنجا پٿر، ۽ تنهنجو ڪاٺ، ۽ تنهنجي مٽي پاڻين جي وچ ۾ رکندا.

13 ۽ آءٌ تنهنجي راڳن جو هُل بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ تنهنجن بربطن جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو.

14 آءٌ توکي اُگهاڙو ٽڪر ڪري ڇڏيندس: تون ڄارن پکيڙڻ لاءِ ٿيندين؛ تون وري نہ اڏبين: ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو چوي تہ مون خداوند ائين فرمايو آهي.

15 خداوند خدا صور کي هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن تنهنجي وچ ۾ ڪوس ٿيندو، ۽ ڦٽيل ماڻهو ڪنجهندا، تڏهن تنهنجي ڪِرڻ جي آواز تي ٻيٽ لُڏي نہ ويندا ڇا؟

16 پوءِ سمنڊ جا سڀ بادشاهہ پنهنجن تختن تان هيٺ لهي ايندا، ۽ پنهنجا شاهي قبا لاهي رکندا، ۽ پنهنجا ڀرت وارا ڪپڙا لاهي ڇڏيندا: هو پاڻ کي ڏڪڻيءَ سان ڍڪيندا: هو زمين تي ويهندا، ۽ هر لحظي ڏڪندا، ۽ توتي حيران ٿيندا.

17 ۽ تو لاءِ هو هڪڙو مرثيو کڻندا ۽ توکي چوندا تہ تون، جنهن ۾ سمنڊ تي سفر ڪندڙ ماڻهو رهندا هئا، يعني مشهور شهر جو سمنڊ ۾ مضبوط هو، ۽ انهي جا رهاڪو، جن منجهس آمدرفت پئي ڪئي! ۽ جن پنهنجو خوف سڀني تي ٿي وڌو، تون ڪيئن نہ ناس ٿي وئين!

18 هاڻي تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن ٻيٽ ڏڪي ويندا، هائو، جيڪي ٻيٽ سمنڊ ۾ آهن سي تنهنجي لڏڻ تي حيران پريشان ٿيندا.

19 ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جڏهن آءٌ توکي سُڃن شهرن وانگي ويران شهر ڪندس؛ جڏهن آءٌ توتي سمنڊ چاڙهي آڻيندس، ۽ وڏا پاڻي توکي ڍڪي ڇڏيندا؛

20 تڏهن جيڪي ماڻهو کڏ ۾ هيٺ لهي قديم وقت جي ماڻهن وٽ وڃن ٿا، انهن وٽ توکي هيٺ لاهي آڻيندس، ۽ توکي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، قديم وقت کان ويران جاين ۾، انهن سان گڏ رهائيندس جي پاتال ۾ وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ تون وري آباد نہ ٿين، ۽ نہ وري آءٌ توکي جيئرن جي زمين ۾ جلال وارو ڪندس:

21 آءٌ توکي نيست نابود ڪندس ۽ تون ناس ٿي ويندين: خداوند خدا ٿو فرمائي تہ جيتوڻيڪ هو توکي ڳوليندا تہ بہ تون وري بہ لڀندين.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan