Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 24 - Sindhi Bible

1 وري نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

2 اي آدمزاد، تون هنن ڏينهن جو نالو لک، يعني اڄوڪي ساڳئي ڏينهن جو: اڄوڪي ساڳي ڏينهن بابل جو بادشاهہ يروشلم کي رڙهي ويجهو ٿيندو.

3 ۽ اُنهي باغي گهراڻي کي هڪڙو مثال ڏيئي ٻڌاءِ، ۽ چئين تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ديڳ چاڙهہ ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏ.

4 ۽ هن جا ٽڪر گڏي انهي ۾ وجهہ، يعني سڀڪو چڱو ٽڪر، ران ۽ ڪلهو؛ انهي کي چونڊيل هڏن سان ڀر.

5 ڌڻ مان بہ ڪي چونڊي هٿ ڪر، ۽ انهي جي هيٺان هڏين جو ڍير رک: پوءِ انهي کي خوب ڪاڙهہ، ڀلي تہ انهي جا هڏا انهي ۾ ڳري وڃن.

6 انهي ڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ويل آهي انهي خوني شهر سان ۽ انهي ديڳ سان جنهن جو ڪٽ انهي ۾ آهي، ۽ جنهن جو ڪٽ انهي مان لاٿو نہ ويو آهي! ٽڪر ٽڪر ڪري انهي کي ٻاهر ڪڍ؛ انهي تي ڪو ڪُڻو نہ پيو آهي.

7 ڇالاءِ جو ان جو رت ان جي وچ ۾ آهي، هن اُهو اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو؛ هن اُهو زمين تي نہ هاري وڌو تہ مٽيءَ سان ڍڪجي وڃي.

8 مون بہ هن جو رت اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو آهي، انهي لاءِ تہ اُهو ڍڪجي نہ، تہ وير وٺڻ لاءِ ڪاوڙ کي چاڙهي اچي.

9 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل آهي انهي خوني شهر سان! آءٌ بہ اُهو ڍڳ وڏو ڪندس.

10 ڪاٺيون ڍير ڪريو، باهہ جو مچ ٻاريو، گوشت چڱيءَ طرح رڌيو، ۽ شوروو گهاٽو ڪريو، ۽ هڏيون ساڙي ڇڏيو.

11 پوءِ انهي کي خالي ڪري ٽانڊن تي رکي ڇڏيو تہ اُها گرم رهي، ۽ ان جو پتل سڙي، ۽ ان جي گندگي ان ۾ پگهري وڃي، ۽ ڪٽ سڙي کپي وڃي.

12 هن محنت سان پاڻ کي ٿڪائي وڌو آهي: انهي هوندي بہ سندس وڏو ڪٽ منجهانئس ڪين نڪتو آهي؛ هن جو ڪٽ باهہ سان نڪري نٿو وڃي.

13 تنهنجي گندگيءَ ۾ شهوت پرستي آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون توکي صاف ۽ پاڪ ڪيو، تڏهن تون صاف نہ ٿئينءَ، سو اڳتي تون ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندينءَ، جيستائين آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊي نہ رهندس.

14 مون خداوند فرمايو آهي: اهو ضرور ٿيندو، ۽ آءٌ ائين ڪندس؛ آءٌ پشيمان نہ ٿيندس؛ نڪي آءٌ گذر ڪندس، نڪي آءٌ ڦرندس؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ تنهنجين راهن موافق هو تنهنجي عدالت ڪندا.

15 هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

16 اي آدمزاد، ڏس آءٌ هڪڙي ڌڪ سان توکان تنهنجين اکين جي پياري کسي ٿو وٺان: انهي هوندي بہ نہ تون ماتم ڪندين، نہ روئندين ۽ نہ ڳوڙها ڳاڙيندين.

17 آهون ڀر، پر آهستي؛ مُئل جي لاءِ ماتم اصل نہ ڪر، پنهنجي مٿي تي پٽڪو ٻڌ ۽ پيرن ۾ جُتي پاءِ، ۽ پنهنجا چپ نہ ڍڪ، ۽ سوءَ جي ماني نہ کاءُ.

18 سو صبح جو ماڻهن سان مون اها ڳالهہ ڪئي، ۽ شام جو منهنجي زال مري ويئي: ۽ جيئن حڪم مليو هوم تيئن صبح جو ڪيم.

19 ۽ ماڻهن مون کي چيو تہ تون اسان کي ٻڌائيندين يا نہ، تہ جيڪي تون ڪرين ٿو تنهن جو اسان سان ڪهڙو واسطو آهي؟

20 تڏهن مون هنن کي چيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

21 اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجو پاڪ مڪان، جو اوهان جي طاقت جو فخر آهي، ۽ اوهان جي اکين جي خواهش آهي، ۽ جنهن تي اوهان جو هانءُ ٿو ڪُرڪي، تنهن کي آءٌ ناپاڪ ڪندس، ۽ اوهان جا پٽ ۽ اوهان جون ڌيئرون، جي اوهين پٺيان ڇڏي آيا آهيو، سي ترار سان ڪِرندا.

22 ۽ اوهين ائين ڪندا جيئن مون ڪيو آهي؛ اوهين پنهنجا چپ نہ ڍڪيندا ۽ نہ سوءَ جي ماني کائيندا.

23 اوهان جا پٽڪا اوهانجن مٿن تي هوندا، ۽ اوهان جون جُتيون اوهانجن پيرن ۾ هونديون: اوهين نہ روئندا نہ رڙندا، پر اوهين پنهنجين بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ ڳري ويندا، ۽ هڪ ٻئي سان ڏک سور اوريندا.

24 انهي طرح حزقي ايل اوهان جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندو: جيئن هن ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ڪندا: جڏهن ائين ٿيندو تڏهن اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.

25 ۽ اي آدمزاد، تون ڏس، جنهن ڏينهن آءٌ هنن کان سندن طاقت، سندن وڏائي جي خوشي، سندن اکين جي خواهش، ۽ اُهي جي سندن دل گهُريا آهن، يعني سندن پٽ ۽ سندن ڌيئرون، سي کسي وٺندس،

26 انهي ڏينهن ائين نہ ٿيندو ڇا تہ جيڪو ڀڄندو سو تو وٽ ايندو، ۽ اهو احوال تنهنجن ڪَنن ۾ بيان ڪندو.

27 انهي ڏينهن جيڪو ڀڄي تو وٽ اچي، تنهن جي اڳيان پنهنجو وات پَٽج، ۽ ڳالهائج ۽ وڌيڪ گونگو نہ رهج؛ انهي طرح تون هنن جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيندين، ۽ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan