Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 23 - Sindhi Bible

1 خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ

2 اي آدمزاد، ڪي ٻہ زالون، هڪڙي ماءُ جون ڌيئرون هيون:

3 انهن مصر ۾ زناڪاري جا ڪم ڪيا؛ بلڪ انهن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ زناڪاريءَ جا ڪم ڪيا؛ اُتي هنن جون ڇاتيون مليون ويون، ۽ اُتي هنن جي ڪنوارپڻ جا ڏُڪ نپوڙيا ويا.

4 ۽ انهن مان وڏيءَ جو نالو اهولہ هو ۽ ان جي ننڍي ڀيڻ جو اهوليبہ هو: اُهي منهنجون ٿيون، ۽ پٽ ۽ ڌيئرون ڄڻيائون. هاڻي اهولہ آهي سامريا ۽ اهوليبہ آهي يروشلم.

5 ۽ جڏهن اهولہ منهنجي ٿي تڏهن زناڪاري ڪرڻ لڳي؛ ۽ پنهنجن سينڌن تي، يعني اسوري جي سندن پاڙيسري هئا، تن کي حد کان وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳي،

6 ۽ انهن کي آسماني ڪپڙا پيل هئا، ۽ اُهي نواب ۽ حاڪم هئا، سڀيئي دلپسند جوان ماڻهو، ۽ گهوڙن تي چڙهڻ وارا گهوڙي سوار هئا.

7 اُهي سڀيئي جي اسور جا چونڊيل ماڻهو هئا، تن سان هن زناڪاري ڪئي: ۽ جن تي هن جو حد کان وڌيڪ پيار هو، ۽ انهن جي سڀني بُتن سان هن پاڻ کي ناپاڪ ڪيو.

8 هن مصر جي ڏينهن کان وٺي اڃا پنهنجون زناڪاريون نہ ڇڏيون آهن؛ ڇالاءِ جو هو سندس جوانيءَ ۾ ساڻس گڏ سمهيا، ۽ سندس ڪنوارپڻ وارا ڏُڪ نپوڙيا هئائون. ۽ هنن ساڻس خوب زنا ڪئي.

9 جنهنڪري مون هن کي سندس سينڌن جي حوالي ڪري ڇڏيو، يعني اسورين جي حوالي، جن سان هن جي حد کان گهڻي محبت هوندي هئي.

10 انهن هن کي اگهاڙو ڪيو، انهن سندس پٽ ۽ ڌيئرون قابو ڪيون، ۽ کيس ترار سان ڪُهي ڇڏيائون: ۽ هوءَ زالن ۾ هڪڙو پهاڪو ٿي ويئي، ڇالاءِ جو انهن مٿس فتوائن جي تعميل ڪئي.

11 ۽ سندس ڀيڻ اهوليبہ اهو حال ڏٺو، پر اُها هن کان بہ وڌيڪ پنهنجي عشقبازيءَ ۾ خراب هئي، ۽ پنهنجين زناڪارين ۾ بہ، جي سندس ڀيڻ جي زناڪارين کان وڌيڪ هيون.

12 هوءَ اسورين، نوابن توڙي حاڪمن، يعني پنهنجي پاڙيسرين تي مست هئي، جن کي نهايت عمديون پوشاڪون پيل هيون، ۽ گهوڙن تي چڙهڻ وارا گهوڙي سوار هئا، جي سڀ دلپسند جوان مرد هئا.

13 ۽ مون ڏٺو تہ هوءَ ناپاڪ ٿي آهي؛ اُنهن ٻنهي هڪڙو ئي رستو ورتو آهي.

14 هوءَ پنهنجون زناڪاريون وڌائڻ لڳي؛ ڇالاءِ جو هن ماڻهن جون تصويرون ڀِت تي نڪتل ڏٺيون، يعني شنگرف سان نڪتل ڪسدين جون شڪليون.

15 جن جي چيلهين تي ڪمربند ٻڌل هئا، ۽ انهن جي مٿي تي رنگين پٽڪا هئا، سڀ ڏسڻ ۾ سردار ٿي آيا، جهڙا بابل جا رهاڪو ڪسديہ ۾.

16 هوءَ ڏسڻ سان انهن تي عاشق ٿي پيئي ۽ هنن وٽ ڪسديہ ۾ قاصد موڪليائين.

17 ۽ بابل جا رهاڪو وٽس آيا ۽ سندس عشق واري بستري تي چڙهي ساڻس زنا ڪري کيس ناپاڪ ڪيائون، ۽ هوءَ انهن سان ناپاڪ ٿي، ۽ سندس روح انهن کان ڇڄي ڌار ٿيو.

18 انهي طرح هن پنهنجون زناڪاريون ۽ پنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪئي: تڏهن منهنجو روح هن کان ڇڄي ڌار ٿيو. جيئن منهنجو روح هن جي ڀيڻ کان ڇڄي ڌار ٿيو هو.

19 انهي هوندي بہ هوءَ ويئي پنهنجون زناڪاريون وڌائيندي، ۽ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ياد ڪندي، جڏهن هوءَ مصر جي زمين ۾ ڪڃريءَ وارو ڪسب ڪندي رهندي هئي.

20 ۽ هوءَ پنهنجي سينڌن تي مرڻ لڳي، جن جو عضوو گڏهن جي عضوي جهڙو آهي، ۽ جن جي مني گهوڙن جي منيءَ جهڙي آهي.

21 انهي طرح تو پنهنجي جوانيءَ واري شهوت پرستي ياد ڪئي، جو مصري تنهنجا ڏُڪ نپوڙيندا هئا، ۽ تنهنجي جوانيءَ جون ڇاتيون مَليندا هئا.

22 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجا اُهي عاشق توتي اُٿاري آڻيندس، جن کان تنهنجو روح ڇڄي ڌار ٿيو آهي، ۽ اُهي آءٌ هر طرف کان تنهنجي برخلاف آڻيندس؛

23 بابلي ۽ سڀ ڪسدي، فقود ۽ شوع، ۽ قوع، انهن سان گڏ سڀ اسوري: دلپسند جوان مرد، سڀيئي نواب ۽ حاڪم، سردار ۽ ناميارا ماڻهو، سڀ گهوڙن تي چڙهيل.

24 ۽ هو هٿيارن، گاڏين، ۽ گاڏن، ۽ ماڻهن جي هڪڙي ميڙ سان توتي چڙهي ايندا؛ هو ڍال، ۽ سپر، ۽ جنگي توپ سان چوڌاري توتي سنبري ايندا: ۽ آءٌ عدالت جو ڪم هنن جي ذمي ڪندس، ۽ هو پنهنجن فيصلن موجب توتي فتويٰ جاري ڪندا.

25 آءٌ پنهنجي غيرت تنهنجي برخلاف کڙي ڪندس، ۽ اُهي توسان ڏاڍيءَ سختيءَ جي هلت ڪندا؛ اُهي تنهنجو نڪ ۽ تنهنجا ڪَن وڍي ڇڏيندا، ۽ تنهنجا باقي بچيل ماڻهو ترار سان ڪِرندا: هو تنهنجا پٽ ۽ تنهنجون ڌيئرون گرفتار ڪندا، ۽ تنهنجي باقي بچيلن کي باهہ ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.

26 هو تنهنجا ڪپڙا بہ لاهي ويندا، ۽ تنهنجا سهڻا زيور بہ کڻي ويندا.

27 انهي طرح آءٌ تنهنجي شهوت پرستي ۽ تنهنجي زناڪاري، جا تو مصر جي ملڪ مان آندي، سا تو مان ڪڍي ڇڏيندس؛ جنهنڪري تون پنهنجون اکيون هنن ڏانهن نہ کڻندينءَ ۽ نہ وري مصر کي ياد ڪندينءَ.

28 ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ توکي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس، جن کي تون ڌڪارين ٿي، انهن جي هٿن ۾ جن کان تنهنجو روح ڇڄي ڌار ٿيو آهي:

29 ۽ هو توسان دشمنيءَ جي هلت ڪندا، ۽ تنهنجو سڀ پورهيو کڻي ويندا، ۽ توکي اُگهاڙو ننگو ڇڏي ويندا؛ ۽ تنهنجي زناڪارين جي اوگهڙ، تنهنجي شهوت پرستي، توڙي تنهنجون زناڪاريون ظاهر ٿي پونديون.

30 اهي سڀ ڳالهيون توسان ڪيون وينديون، ڇالاءِ جو تون غير قومن جي پٺيان زناڪاري ڪندي رهي آهين، ۽ ڇالاءِ جو تون انهن جي بُتن سان ناپاڪ ٿي آهين.

31 تون پنهنجي ڀيڻ جي رستي تي پي هلي آهين؛ تنهنڪري آءٌ هن جو پيالو تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس.

32 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون پنهنجي ڀيڻ جي پيالي مان پيئندينءَ، جو اونهو ۽ وڏو آهي: توتي کل ٺٺولي ٿيندي، ۽ توتي مسخريون ڪندا، تہ اُنهي ۾ گهڻو ڪجهہ اچي وڃي ٿو.

33 تون حيرت ۽ ويراني جي پيالي سان، پنهنجي ڀيڻ سامريہ جي پيالي سان، نشي ۽ ڏک سان، ڀرجي ويندينءَ.

34 بلڪ تون اُهو سڄو پي ويندينءَ ۽ ذرو بہ نہ ڇڏيندينءَ، ان جا ڀڳل ٽڪر بہ چٻاڙي ويندينءَ، ۽ پنهنجون ڇاتيون ڦاڙيندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون ائين فرمايو آهي.

35 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو تو مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تون پنهنجي شهوت پرستي ۽ پنهنجون زناڪاريون بہ پاڻ کڻ.

36 خداوند هيترو بہ وڌيڪ مون کي چيو، تہ اي آدمزاد، تون اهولہ ۽ اهوليبہ جي عدالت ڪندين ڇا؟ تڏهن انهن کي سندن ڪراهت جهڙا ڪم ظاهر ڪري ٻڌاءِ.

37 ڇالاءِ جو هنن زناڪاري ڪئي آهي ۽ انهن جي هٿن تي رت آهي، ۽ پنهنجن بُتن سان هنن زنا ڪئي آهي؛ ۽ جيڪي پٽ هنن مون مان ڄڻيا تن کي بہ هنن انهن لاءِ باهہ مان لنگهايو آهي، تہ ڳڙڪي وڃن.

38 تنهن کانسواءِ هنن هي بہ مون سان ڪيو آهي: انهي ساڳي ڏينهن هنن منهنجو پاڪ مڪان پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجن سبتن جي بي ادبي ڪئي اٿن.

39 ڇالاءِ جو پنهنجن ٻارن کي پنهنجن بُتن تي ڪُهڻ کانپوءِ ساڳئي ڏينهن هو منهنجي پاڪ مڪان ۾ آيا تہ انهي کي پليت ڪن؛ ۽ ڏس، منهنجي گهر جي وچ ۾ هنن ائين ڪيو آهي.

40 تنهن کانسواءِ اوهان اُهي ماڻهو گهرايا آهن جي پري کان ٿا اچن: جن ڏانهن قاصد موڪليو ويو هو ۽ ڏسو اُهي آيا؛ جن جي لاءِ تو غسل ڪيو، ۽ پنهنجين اکين ۾ ڪجل وڌو، ۽ پاڻ کي ڳهن ڳٺن سان سينگاريو؛

41 ۽ هڪڙي شاهي بستري تي چڙهي ويٺينءَ ۽ تو انهي جي اڳيان هڪڙي ميز ٺاهي رکي، جنهن تي تو منهنجو لوبان ۽ منهنجو تيل رکيو.

42 ۽ وٽس عياش ماڻهن جو آواز هو: ۽ بيابان مان عام قسم جي ماڻهن سان شرابي آندا ويا؛ ۽ انهن هنن ٻنهي جي هٿن ۾ ڪنگڻ وڌا ۽ هنن جي مٿي تي سهڻا ڇٽ رکيائون.

43 تڏهن مون انهي کي چيو، جا زناڪاري ڪري ڪري اچي پڪي ٿي هئي، تہ هاڻي اُهي هن سان زناڪاريون ڪندا، ۽ هوءَ انهن سان سمهندي.

44 ۽ هو وٽس ويا، جيئن ماڻهو ڪنهن ڪڃريءَ وٽ ويندا آهن: انهي طرح هو انهن فاحشہ زالن اهولہ ۽ اهوليبہ وٽ ويا.

45 تنهنڪري سچا ماڻهو زناڪار زالن جي فتويٰ ۽ خوني زالن واري فتويٰ هنن جي حق ۾ جاري ڪندا، ڇالاءِ جو هو زناڪار آهن ۽ هنن جي هٿن ۾ رت آهي.

46 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن تي هڪڙي جماعت چاڙهي آڻيندس، ۽ هنن کي هيڏي هوڏي اُڇلجڻ ۽ ڦرجڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.

47 ۽ اُها جماعت هنن کي پٿرن سان سنگسار ڪندي، ۽ پنهنجن ترارن سان ماري ڇڏيندي: هو انهن جا پٽ ۽ ڌيئرون ڪُهندا، ۽ هنن جا گهر باهہ سان ساڙي ڇڏيندا.

48 انهي طرح آءٌ شهوت پرستي زمين مان بند ڪرائي ڇڏيندس، تہ سڀ زالون عبرت وٺن، ۽ اوهان جي شهوت پرستي جي پيروي نہ ڪن.

49 ۽ هو اوهان جي شهوت پرستيءَ جو بدلو اوهان تي آڻيندا؛ ۽ اوهين پنهنجن بُتن جا گناهہ کڻنديون: ۽ اوهين ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan