حزقي ايل 21 - Sindhi Bible1 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2 اي آدمزاد، پنهنجو منهن يروشلم ڏانهن ڪر ۽ پاڪ مڪان ڏانهن پنهنجو ڪلام ڪڍ، ۽ اسرائيل جي ملڪ جي برخلاف نبوت ڪر؛ 3 ۽ اسرائيل جي ملڪ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، ۽ پنهنجي ترار مياڻ مان ڪڍندس، ۽ تو مان سچن کي توڙي شريرن کي وڍي ڇڏيندس. 4 جڏهن منهنجي مرضي آهي تہ تو مان سچا توڙي شرير وڍي ڇڏيان، تڏهن منهنجي ترار ڏکڻ کان وٺي اُتر تائين سڀني انسانن تي مياڻ مان نڪرندي: 5 ۽ سڀ انسان ڄاڻندا تہ مون خداوند پنهنجي ترار کپ مان ڪڍي آهي؛ اُها وري نہ موٽندي. 6 تنهنڪري، اي آدمزاد، تون ٿڌو ساهہ کڻ؛ چيلهہ جي ڀڃڻ سان ۽ ڏک سان تون هنن جي اکين آڏو آهون ڪر. 7 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو توکي چوندا تہ تون ڇو ٿو آهون ڪرين؟ تڏهن تون چئج تہ انهي خبر جي ڪري، ڇالاءِ جو اُها اچي ٿي: ۽ سڀ ڪا دل پگهرجي ويندي، ۽ سڀ هٿ ضعيف ٿي ويندا ۽ سڀ ڪو روح ماندو ٿي ويندو، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا نستا ٿي ويندا: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُها اچي ٿي ۽ ائين ڪيو ويندو. 8 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 9 اي آدمزاد، نبوت ڪر تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، ۽ چئُہ، ترار ترار، اُها تکي ڪئي ۽ چمڪائي بہ ويئي آهي. 10 اُها انهي لاءِ تکي ڪئي ويئي آهي تہ ڪوس ڪري؛ ۽ اُها انهي لاءِ چمڪائي ويئي آهي تہ وڄ وانگر ٿئي: تڏهن اسين خوشيون ڪريون ڇا؟ منهنجي پٽ جي لٺ سڀ ڪنهن وڻ کي حقير ٿي ڄاڻي. 11 ۽ اُها چمڪائڻ لاءِ ڏني ويئي آهي تہ هٿ ۾ جهلجي: ترار تکي ڪئي ويئي آهي، هائو، اُها چمڪائي ويئي آهي، تہ اُها قاتل جي هٿ ۾ ڏني وڃي. 12 اي آدمزاد، دانهون ۽ رڙيون ڪر: ڇالاءِ جو اُها منهنجي قوم تي آئي آهي، اُها اسرائيل جي سڀني سردارن تي آهي: اُهي منهنجي قوم سان گڏ ترار جي حوالي ڪيا ويا آهن: تنهنڪري واويلا ڪر. 13 ڇالاءِ جو اُها لٺ آزمائي ويئي آهي، ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ جي اُها لٺ جا ٻين کي حقير ٿي ڄاڻي سا نابود ٿي وڃي تہ پوءِ ڇا؟ 14 تنهنڪري اي آدمزاد، تون نبوت ڪر، تاڙيون وڄاءِ، ڀلي تہ اُها ترار ٻہ، بلڪ ٽي ڀيرا هلي، جا سخت ڦٽيل جي ترار آهي: اُها ترار جا زبردست جي آهي جو سخت ڦٽيل آهي، سا هنن جي ڪوٺين ۾ گهڙندي. 15 مون انهي ترار جي نوڪ هنن جي سڀني دروازن تي رکي آهي، تہ سندن دل پگهري وڃي ۽ هو وڌيڪ آٿڙجن. هائو، اُها وڄ جهڙي آهي، اُها ڪوس جي لاءِ تيار آهي. 16 اوهين پاڻ کي گڏ ڪريو ۽ سڄي پاسي وڃو؛ پاڻ کي قطار ٻڌي تيار ڪريو ۽ کٻي پاسي وڃو؛ جنهن بہ پاسي تنهنجي مرضي هجي. 17 آءٌ بہ تاڙيون وڄائيندس ۽ پنهنجي ڪاوڙ پوري ڪندس: مون خداوند ائين فرمايو آهي. 18 وري بہ، خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 19 اي آدمزاد، تون ٻہ رستا مقرر ڪر تہ بابل جي بادشاهہ جي ترار اچي. اُهي ٻئي هڪڙي زمين مان نڪري ايندا: ۽ هڪڙي جاءِ نشان ڪري ڪڍ، انهي جو شهر ڏانهن وڃڻ جي رستي جي چوٽيءَ تي نشان ڪر. 20 تون هڪڙو رستو مقرر ڪر تہ ترار بني عمون واري ربہ ۾ اچي، ۽ ٻيو ڪوٽ واري شهر يروشلم ۾ يهوداہ ڏانهن وڃي. 21 ڇالاءِ جو بابل جو بادشاهہ رستي جي ڌار ٿيڻ واري هنڌ، يعني ٻن رستن جي چوٽيءَ وٽ، فال وجهڻ لاءِ بيٺو آهي؛ هن تيرن کي لوڏيو، هن تيرافيم کان پڇا ڪئي، هن جگر ۾ نظر ڪئي آهي: 22 هن جي ساڄي هٿ ۾ يروشلم لاءِ فال هئي تہ ڀتين ڀڃڻ جون ڪَلون بيهاري، ۽ ڪوس جي لاءِ وات کولي، رڙيون ڪري، ۽ نعرا هڻي، دروازن تي ڪَلون رکي، بند ٻڌي ۽ دمدما جوڙي. 23 ۽ اها هنن جي لاءِ سندن نظر ۾ اجائي فال ٿيندي، جن سندن لاءِ قسم کنيا آهن: پر هو گناهہ کي ياد ٿو ڪري تہ هو پڪڙيا وڃن. 24 تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان پنهنجو گناهہ ياد ڪرايو آهي، جو اوهان جا ڏوهہ ظاهر ٿيا آهن، جنهن جي ڪري اوهانجن سڀني ڪمن ۾ اوهان جا گناهہ ڏسڻ ۾ پيا اچن، اوهين ياد پيا آهيو، تنهنڪري اوهين هٿ سان گرفتار ڪيا ويندا. 25 پوءِ اي سخت ڦٽيل شرير شخص، اسرائيل جا سردار، جنهن جو ڏينهن اچي پهتو آهي، يعني پڇاڙيءَ جي سزا جو وقت. 26 خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ پنهنجي پڳ ۽ ڇٽ لاهي ڇڏ: هي اڳتي اهڙو ساڳيو نہ رهندو: جيڪو هيٺ آهي تنهن کي مٿي ڪر، ۽ جيڪو مٿي آهي تنهن کي هيٺ ڪر. 27 آءٌ انهي کي اونڌو ڪندس، اونڌو، اونڌو ڪندس، پوءِ هي اڳتي اهڙو نہ رهندو، جيستائين اُهو اچي جنهن جو حق آهي، ۽ آءٌ اهو انهي کي ڏيندس. 28 ۽ تون اي آدمزاد، نبوت ڪر، تہ خداوند خدا بني عمون جي نسبت ۽ سندن خواريءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي؛ ۽ تون چئُہ تہ هڪڙي ترار ڪڍي ويئي آهي، ڪوس لاءِ چمڪائي ويئي آهي، تہ اُها وڄ وانگر ناس ڪري: 29 جيسين ڪ هو تنهنجي لاءِ اجايون شيون ڏسن، ۽ تنهنجي لاءِ ڪوڙيون فالون وجهن، انهي لاءِ تہ توکي انهن شريرن جي ڪنڌن تي رکن جي سخت ڦٽيل آهن، جن جو ڏينهن اچي پهتو آهي، يعني پڇاڙيءَ جي سزا جو وقت. 30 انهي کي موٽائي مياڻ ۾ وجهہ. جنهن هنڌ تون پيدا ٿيو هئين، جنهن زمين ۾ تون ڄائو هئين، انهي ۾ آءٌ تنهنجي عدالت ڪندس. 31 ۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس؛ آءٌ پنهنجي غضب جي باهہ توتي ڦوڪي وجهندس: ۽ آءٌ توکي جهنگلي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس، جي ماري چٽ ڪرڻ ۾ هوشيار آهن. 32 تون باهہ لاءِ ڪاٺين جي بجاءِ ٿيندين؛ تنهنجو رت اُنهي زمين جي وچ ۾ وهندو؛ تون وري اڳتي ياد ڪيو نہ ويندين: ڇالاءِ جو مون خداوند ائين فرمايو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society