Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

حزقي ايل 20 - Sindhi Bible

1 ۽ ستين سال ۾، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اسرائيل جي بزرگن مان ڪي خداوند کان سوال ڪرڻ آيا، ۽ منهنجي اڳيان اچي ويٺا.

2 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

3 اي آدمزاد، اسرائيل جي بزرگن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان پڇڻ آيا آهيو ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ منهنجي مرضي ناهي تہ اوهين مون کان ڪجهہ پڇو.

4 تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا، اي آدمزاد، تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا؟ اُنهن کي سندن ابن ڏاڏن جا ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ؛

5 ۽ هنن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي چونڊي ڪڍيو ۽ يعقوب جي گهراڻي جي اولاد سان مون قسم کاڌو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ هنن کي پاڻ ڄاڻايم، ۽ جڏهن مون هنن سان قسم کائي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان:

6 تڏهن انهي ڏينهن مون انهي لاءِ هنن سان قسم کاڌو تہ هنن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي انهي زمين ۾ آڻيان، جا مون هنن لاءِ ڏسي جاچي ڇڏي هئي، جنهن ۾ ماکي ۽ کير پئي وهيو، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر هئي.

7 ۽ مون چيومان تہ اوهان مان هرڪو پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي ڇڏي، ۽ اوهين پاڻ کي مصر جي بُتن سان ناپاڪ نہ ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

8 پر هو مون کان باغي ٿيا ۽ منهنجي ٻڌڻ نہ گهُريائون؛ هنن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي نہ ڇڏيون، نڪي هنن مصر جا بُت ڇڏي ڏنا: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ مصر جي ملڪ ۾ هنن تي پنهنجو غصو پورو ڪريان.

9 پر مون پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو تہ جن قومن منجهہ هو هئا، ۽ جن جي ڏسندي مون هنن کي پاڻ ڄاڻايو، جو مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندومان، تن جي نظر ۾ منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ٿئي.

10 انهي طرح مون هنن کي مصر مان ڪڍي ٻاهر بيابان ۾ آندو.

11 ۽ هنن کي پنهنجا قانون ڏنم ۽ پنهنجا حڪم ٻڌايم، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي.

12 تنهن کانسواءِ مون هنن کي پنهنجا سبت بہ ڏنا، تہ منهنجي ۽ سندن وچ ۾ هڪڙي نشاني رهي، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان جو هنن کي پاڪ ٿو ڪريان.

13 پر اسرائيل جو گهراڻو بيابان ۾ مون کان باغي ٿيو؛ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، ۽ هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، جن تي عمل ڪرڻ وارو ماڻهو جيڪر جيئندو رهي؛ ۽ منهنجن سبتن کي هنن تمام ناپاڪ ڪيو: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ بيابان ۾ هنن تي ڇنڊيندس تہ ڀلي هو چٽ ٿي وڃن.

14 پر مون پنهنجي نالي جي خاطر ائين نہ ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي مون هنن کي ٻاهر آندو، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.

15 ۽ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ جيڪا زمين مون هنن کي ڏني هئي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پي وهي، ۽ جا سڀني زمينن جو فخر آهي، تنهن ۾ هنن کي نہ آڻيان:

16 ڇالاءِ جو هنن منهنجا حڪم رد ڪري ڇڏيا، ۽ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ڇالاءِ جو هنن جي دل سندن بُتن جي پٺيان ٿي ويئي.

17 انهي هوندي بہ منهنجي اک هنن کي ناس ڪرڻ کان ڇڏي ڏنو ۽ مون بيابان ۾ سندن اصل پڄاڻي ڪري نہ ڇڏي.

18 مون بيابان ۾ هنن جي اولاد کي چيو تہ اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي قانونن تي نہ هلو، نڪي هنن جا حڪم مڃو، نڪي هنن جي بُتن سان پاڻ کي پليت ڪريو:

19 آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. منهنجي قانونن تي هلو، ۽ منهنجي حڪمن جي سنڀال ڪريو ۽ انهن جي تعميل ڪريو:

20 ۽ منهنجي سبتن کي پاڪ ڄاڻو ۽ اُهي منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ نشاني ٿيندا، انهي لاءِ تہ اوهين ڄاڻو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

21 پر اُهو اولاد بہ مون کان باغي ٿيو؛ ۽ هو منهنجن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري انهن تي عمل ڪيائون، جن تي ڪڏهن ڪو ماڻهو عمل ڪري تہ جيڪر جيئندو رهي: هنن منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيو، تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ بيابان ۾ پنهنجو غصو هنن تي پورو ڪريان.

22 انهي هوندي بہ مون پنهنجو هٿ جهليو، ۽ پنهنجي نالي جي لاءِ ائين ڪيو، تہ جن قومن جي ڏسندي هنن کي ڪڍي آندو هوم، تن جي نظر ۾ انهي جي بي ادبي نہ ٿئي.

23 تنهن کانسواءِ مون بيابان ۾ قسم کاڌو تہ هنن کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيان، ۽ ملڪن ۾ برخاست ڪري ڇڏيان؛

24 ڇالاءِ جو هنن منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي، پر منهنجا قانون رد ڪري ڇڏيائون، ۽ منهنجن سبتن کي ناپاڪ ڪيائون: ۽ هنن جون اکيون سندن ابن ڏاڏن جي بُتن پٺيان هيون.

25 تنهن کانسواءِ مون هنن کي اهڙا قانون بہ ڏنا جي چڱا نہ هئا؛ ۽ اهڙا حڪم ڏنم جن جي ڪري هو جيئرا نہ رهن؛

26 ۽ مون هنن کي خود سندن نذرانن ۾ ناپاڪ ڪيو؛ جنهن صورت ۾ هنن جا سڀ پهريان ڄاول باهہ مان ٿي لنگهايا، تہ آءٌ هنن کي سُڃو سکڻو ڪريان، انهي لاءِ تہ هو ڄاڻن تہ آءٌ خداوند آهيان.

27 تنهنڪري، اي آدمزاد، اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن انهي ڳالهہ ۾ بہ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي جو هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي.

28 ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.

29 تڏهن مون هنن کي چيو تہ اُنهي مٿانهين جاءِ جو مطلب ڇا آهي جنهن وٽ اوهين وڃو ٿا؟ انهي ڪري ان جو نالو اڄ ڏينهن تائين باماہ سڏبو آهي.

30 سو اسرائيل جي گهراڻي کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پاڻ کي پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر ناپاڪ ڪريو ٿا ڇا؟ ۽ هنن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جي پٺيان زناڪاري ڪندا وتو ٿا ڇا؟

31 ۽ جڏهن اوهين پنهنجا نذرانا پيش ٿا ڪريو، ۽ پنهنجا پٽ باهہ مان ٿا لنگهايو، تڏهن اوهين پاڻ کي اڄ ڏينهن تائين پنهنجن سڀني بُتن سان ناپاڪ ٿا ڪريو ڇا؟ تہ بہ اي اسرائيل جا گهراڻا، اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڪجهہ پڇندا ڇا؟ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ اوهان کي ڪجهہ بہ پڇڻ نہ ڏيندس:

32 ۽ جيڪي بہ اوهان جي دل ۾ ٿو اچي سو ڪڏهن بہ پورو نہ ٿيندو؛ جو اوهين چئو ٿا تہ اسين بہ قومن جهڙا ۽ ملڪن جي قبيلن جهڙا ٿينداسين، ۽ ڪاٺ ۽ پٿر جي بندگي ڪنداسين.

33 خداوند خدا ٿو فرمائي تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ آءٌ يقيناً زور واري هٿ سان ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ جاري ڪيل غضب سان اوهان تي بادشاهہ ٿيندس:

34 ۽ آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي ٻاهر ڪندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو تن مان اوهان کي آڻي گڏ ڪندس، سو بہ زور واري هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان ۽ جاري ڪيل غضب سان:

35 ۽ آءٌ اوهان کي قومن جي بيابان ۾ آڻيندس ۽ اُتي اوهان سان روبرو حجت ڪندس.

36 جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان مصر جي ملڪ جي بيابان ۾ حجت ڪئي، تيئن خداوند خدا ٿو فرمائي تہ اوهان سان بہ ڪندس.

37 ۽ آءٌ اوهان کي لٺ جي هيٺان لنگهائيندس، ۽ اوهان کي عهد جي قبضي ۾ آڻيندس.

38 ۽ آءٌ اوهان منجهان جيڪي باغي آهن ۽ منهنجي برخلاف گناهہ ٿا ڪن، سي ڪڍي ڇڏيندس؛ جنهن زمين ۾ هو رهن ٿا اُتان هنن کي ٻاهر ڪڍندس، پر هو اسرائيل جي زمين ۾ داخل نہ ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.

39 باقي اوهين، سو اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا اوهان جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ هن کانپوءِ جي اوهين منهنجي ٻڌڻ نہ گهرندا، تہ اوهان مان هرڪو وڃي پنهنجن بُتن جي عبادت ڪري: پر پنهنجن نذرانن سان ۽ پنهنجن بُتن سان اوهين منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ڪندا.

40 ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي پاڪ جبل ۾، يعني اسرائيل جي وڏائيءَ واري جبل ۾، اسرائيل جو گهراڻو، ۽ سڀ ماڻهو، اُٿي انهي ملڪ ۾ منهنجي عبادت ڪندا: ۽ اُتي آءٌ هنن کي قبول ڪندس، ۽ اُتي آءٌ اوهان جون قربانيون ۽ اوهانجن نذرانن جا پهريان ڦر، اوهان جي سڀني پاڪ شين سميت گهري وٺندس.

41 جڏهن آءٌ اوهان کي قومن مان ڪڍي آڻيندس، ۽ جن ملڪن ۾ اوهين ٽڙي پکڙي ويا آهيو، تن مان آڻي گڏ ڪندس، تڏهن آءٌ اوهان کي خوشبوءِ وانگر قبول ڪندس ۽ ٻين قومن جي نظر ۾ اوهان منجهہ سڳورو ٿيندس.

42 ۽ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن اوهان کي اسرائيل جي زمين ۽ انهي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن جي ڏيڻ لاءِ مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.

43 ۽ اُتي اوهين پنهنجين راهن ۽ پنهنجن سڀني ڪمن کي ياد ڪندا، جن سان اوهان پاڻ کي ناپاڪ ڪيو آهي؛ ۽ جيڪي خرابيون اوهان ڪيون آهن تن سڀني لاءِ اوهين خود پنهنجي نظر ۾ پاڻ کي ڌڪاريندا.

44 ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اوهين تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ اوهان سان، نہ اوهانجين خراب راهن موافق، نڪي اوهانجن خراب ڪمن موافق، پر پنهنجي نالي جي خاطر هلت ڪندس.

45 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

46 اي آدمزاد، پنهنجو منهن ڏکڻ ڏانهن ڪر، ۽ پنهنجو ڪلام ڏکڻ ڏانهن ڪڍ، ۽ ڏکڻ جي ميدان واري ٻيلي جي برخلاف نبوت ڪر؛

47 ۽ ڏکڻ واري ٻيلي کي چئُہ، تہ خداوند جو ڪلام ٻڌ؛ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تو ۾ باهہ ٻاريندس ۽ اُها تو ۾ جيڪو سائو وڻ توڙي سُڪو وڻ آهي، سو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي: ٻرندڙ شعلو ڪين اُجهامندو، ۽ انهي سان ڏکڻ کان وٺي اُتر تائين سڀ منهن سڙي ويندا.

48 ۽ سڀ انسان ڏسندا تہ مون خداوند اُها ٻاري آهي: اُها ڪين اُجهامندي.

49 تڏهن مون چيو تہ هاءِ، خداوند خدا! هو منهنجي نسبت ۾ چون ٿا تہ هي مثالن ٻڌائڻ وارو ناهي ڇا؟

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan