حزقي ايل 2 - Sindhi Bible1 ۽ انهيءَ مون کي چيو تہ اي آدمزاد، پنهنجي پيرن تي اُٿي بيهہ تہ آءٌ توسان ڳالهايان. 2 ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن روح مون منجهہ گهڙي آيو ۽ مون کي پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ مون انهي جو آواز ٻڌو جنهن مون سان ڳالهايو. 3 ۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، آءٌ توکي بني اسرائيل ڏانهن ٿو موڪليان، ۽ انهن قومن ڏانهن جي باغي ٿيون آهن، ۽ جن منهنجي برخلاف بغاوت ڪئي آهي: هنن ۽ سندن ابن ڏاڏن اڄ تائين منهنجي حڪم جي عدولي پئي ڪئي آهي. 4 ۽ اُهي بي حيا ۽ سنگدل اولاد آهن؛ تہ بہ آءٌ توکي انهن وٽ ٿو موڪليان: ۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي. 5 پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن (ڇالاءِ جو هو باغي گهراڻو آهي)، تڏهن بہ هنن کي معلوم ٿيندو تہ منجهن هڪڙو نبي ٿيو آهي. 6 ۽ اي آدمزاد، تون انهن کان نہ ڊڄ ۽ نہ انهن جي ڳالهين کان ڊڄ؛ جيتوڻيڪ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا توسان هجن ۽ تون وڇن منجهہ رهندو هجين تہ بہ انهن جي ڳالهين کان نہ ڊڄ، ۽ نہ انهن جي شڪلين کان ڊڄ، جيتوڻيڪ هو باغي گهراڻو آهي. 7 ۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن. 8 پر اي آدمزاد، جيڪي آءٌ توکي چوان ٿو سو تون ٻڌ؛ هن باغي گهراڻي جهڙو تون باغي نہ ٿيءُ: پنهنجو وات پَٽ ۽ جيڪي توکي ڏيان ٿو سو کاءُ. 9 ۽ جڏهن مون نهاريو، تڏهن ڏسو، هڪڙو هٿ مون ڏانهن ڊگهو ٿيو؛ ۽ ڏسو، انهيءَ ۾ هڪڙي ڪتاب جي ويڙهي هئي؛ 10 ۽ هن اُها منهنجي اڳيان پکيڙي رکي؛ ۽ اُها اندران ٻاهران لکيل هئي: ۽ انهي ۾ زاريون ۽ ماتم ۽ ڏک جون ڳالهيون هيون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society